جين ڌرم: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +صفائي (14.9 core): + زمرو:جين ڌرم
معمولي ڪاپي ايڊٽ
سِٽَ 1:
[[فائل:Jain Prateek Chihna.svg|thumb|کاٻو|جين ڌرم جو مقدس نشان]]
 
'''جين ڌرم''' هندستان ۾ [[هندومت|هندو ڌرم]] جي رد عمل ۾ جيڪي ٻه تحريڪون وجود ۾ آيون، سي [[ٻڌمت]] ۽ جين مت جون تحريڪون هيون. ٻُڌ ۽ جين تحريڪن اڳتي هلي، ٻن جُدا جُدا ڌرمن جي صورت اختيار ڪئي، يعني: [[ٻڌمت|ٻُڌ ڌرم]] ۽ جين ڌرم وجود ۾ آيا. جين ڌرم جي تحريڪ، ٻڌ ڌرم جي همعصر تحريڪ آهي، پر اُها ٻڌ ڌرم جي تحريڪ کان ٽيهه سال پوءِ شروع ٿي. ٻڌ ڌرم هندستان کانسواءِ ٻين ملڪن، جهڙوڪ: چين، جپان، ٿائلينڊ، ٿٻيٽ (Tibet)، برما وغيره ۾ به پکڙيو. جين ڌرم هند سان گڏ سنڌ جي به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتو. سنڌ ۾ جين ڌرم جا آثار ۽ اهڃاڻ، سڀ کان وڌيڪ ٿر واري علائقي ۾ ملن ٿا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ڌرم ٿر ۾ وڌيڪ ڦهليو آهي. ٿر ۾ جين ڌرم جا آثار ۽ اهڃاڻ اڄ به سلامت آهن. پر انهن جو احوال ڏيڻ کان اڳ، جين ڌرم جو تعارف ڏجي ٿو.
==لفظي معانا==
لفظ ’جين‘، سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ’جينا‘ مان ورتو ويو آهي. سنسڪرت ۾ ’جئه/ جي‘ جو مطلب آهي فتح ڪرڻ ۽ ’جينا‘ جي معنيٰ فاتح، تنهنڪري جين (Jain) کي ’فاتح‘ يا ’فتح ڪرڻ وارو‘’سوڀارو‘ به چئي سگهجي ٿو. ٻين لفظن ۾ اهڙو شخص، جنهن پنهنجي پاڻ کي وس ۾ ڪيو ۽ ڇوٽڪارو يا نجات حاصل ڪئي هجي.
==مهاوير==
[[فائل:Mahavir.jpg|thumb|کاٻو|مهاوير]]