دراوڙن وارو زمانو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودکار: اضافہ زمرہ جات +ترتیب (14.9 core): + زمرو:سلجھائپ صفحا
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
قديم هجري (پٿر واري زماني کان پوءِ برف گهٽ پوڻ لڳي ۽ ڌرتيءَ جون حالتون ڦريون. ماڻهو ڌڻ ڌارڻ، کيتي ڪرڻ، باهه ٻارڻ ۽ ٿانءَ ٿپا جوڙڻ سکيا. ڌاتن مان سون کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ڌاتوءَ جي اڃان سڌ ڪا نه هين. اڳي اڻ گهڙيل پٿر ڪم آڻيندا هئا، پر هن زماني ۾ پٿر گهڙڻ سکيا، ته ڪپ، ڏاٽا ۽ ٻيا اوزار پٿر جا ٺاهي سگهيا ٿي. اهو ”نئين پٿر وارو زمانو“(Neolithic or New Stone Age) سڏجي ٿو، جو اڄ کان اٽڪل پندرهن هزار کن ورهيه اڳي شروع ٿيو هو. ڪيترا عالم ائين وسهن ٿا، ته جانورن جي هڏن جي لساڻ يا لسائيءَ مان ان وقت جي ماڻهن کي پٿر گهڙڻ جو خيال آيو، جنهنڪري اڻ گهڙيل پٿرن بدران گهڙيل پٿر ڪم آڻڻ لڳا. حقيقت ڪيئن به هجي، پر ايترو چئبو، ته آڳاٽن [[ڪول ۽ سنٿال|ڪولن ۽ سنٿالن]] کان هن زماني جا ماڻهو وڌيڪ سڌريل هئا، جنهنڪري هيءُ تهذيب جي ترقيءَ جو ٻيو دؤر ليکجي ٿو.
 
Line 7 ⟶ 6:
 
سنڌ ۾ هن وقت ٻيا ”ماڱر“ يا ماڃر (Maanjnir) ذات جا مهاڻا آهن. اُهي سنڌ جي آڳاٽن دراوڙن جو اولاد آهن، يا پوءِ ڏکڻ هندستان کان آيا سا پڪ ڪانهي – ايتري ڄاڻ ملي ٿي ته ڪيترين صدين کان سنڌ، ڪڇ ۽ گجرات جا وڻجارا ملبار طرف وڻج واپار لاءِ ويندا هئا. اڄ به مغلڀين تعلقي جاتيءَ، ڪڇ ڀڄ ۽ گجرات طرف جا ميربحر دنگيون هاڪاري، ملبار طرف پيا وڃن. '''ماڱر''' (Maangnir) ذات جا مهاڻا ملبار ۾ به گهڻا آهن، جنهنڪري چئبو ته ملبار ڪناري وارن سان لهه وچڙ هئڻ ڪري اهي [[سنڌ]] ۾ آيا هجن ته عجب ڪونهي.<ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=324 ڪتاب: قديم سنڌ. ليکڪ: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي] پاران؛ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ سلامت</ref><ref>stretched from India in the direction of Australia." E. Marsden and sir Henry sharp: A History of India, P.13</ref><ref>Mr. Henry Cousens: The Antiquities of Sindh, Page 6</ref>
 
== پڻ ڏسو ==
* [[دراوڙي تحريڪ]]
* [[دراوڙن جو عقيدو]]
* [[دراوڙ]]
*
 
== حوالا ==
{{حوالا|2}}
 
[[زمرو:تاريخ]]