ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: نيازي کي ڀٽو بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش زماني کان پاڪستان جي سياست ۾ ڪو خاص فرق ڏسڻ ۾ نظر ڪون پيو اچي 1977 و...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
تخريبڪار کي ختم ڪيو غير معياري مواد هٽايو
ٽيگَ: خالي ڪرڻ 2017ع ذريعو سنوار
 
سِٽَ 1:
نيازي کي ڀٽو بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش
 
زماني کان پاڪستان جي سياست ۾ ڪو خاص فرق ڏسڻ ۾ نظر ڪون پيو اچي 1977 واري اليڪشن کان وٺي ھن وقت تائين جي سياست ڪاپي پيسٽ پئي لڳي.
پاڪستان ٺھڻ کان وٺي 1970 تائين ۽ 1970 کان وٺي 1972 تائين جي سياسي رخ تبديل ٿيندا رھيا مگر 1977 جي اليڪشن ۽ 2018 جو اليڪشن ڪنهن ڊرامي مصل آهن.
شھيد ذولفقار علي ڀٽو جڏهن مغرب کي للڪاري آمريڪا کان واپس ڏيھ آيو ته مفتي محمود نعرا ھنيا ته "ھي اليڪشن نه پر سيليڪش آهي" , پوء اپوزيشن سان ملي ڪري نظام مصطفي جي نالي سان ھڪ تحريڪ ھلائي وئي جنهن ۾ مفتي محمود , عبدالولي , جاويد خان ھاشمي , ميان شريف , عبدالصمد اچڪزئي , خواجه رفيق کان علاوھ ڪيترن ئي اھم شخصيتن جو اھم ڪردار رھيو واضع رھي تي جماعت اسلامي جو وڌ کان وڌ ڪردار رھيو سڀني کي جنرل ضياء جي ڪابينھ ۾ اھم اھم وزارتن کان نوازيو ويو ان کان علاوھ جماعت اسلامي جي ھڪ ھزار کان وڌيڪ ورڪرن کي گورنمنٽ جون نوڪريون ڏنيون ويون.
وزارتون ملڻ کان پوء افغان وار شروع ٿيو ۽ انا پرستي ڏسڻ ۾ نظر آئي ڊالرن جي برسات ٿي ۽ گھڻن جا بنگلا ڊالرن سان ڀريا ويا , تعليمي ادارن ۾ قران شريف جي تعليم ڏني ويندي ھئي جنهن کي ھٽائي ڪري آمريڪا جي خواھش تي اسلاميات سبجيڪٽ کي متعارف ڪرايو ويو جنهن ۾ جھاد سان تعلق رکندڙ ڪجھ آيتن کي وجھي ڪري مذھبي فصادن کي شروع ڪيو ويو آء پھريان ٻڌائي ويو آھيان ته جماعت اسلامي جي ماڻهن کي نوڪرين مليون اھو ئي سبب ھو جو شيعا سني تڪرار جنم ورتو ۽ خون جي ھولي کيڏي وئي.
سوال ھي آهي ته ڇا ھاڻي به ساڳي صورتحال آهي؟
ڇا ھن وقت مارشلا لڳڻ جا امڪان آهن؟
اڄ ڪالھ عمران نيازي به ڀٽو جھڙيون حرڪتون پيو ڪري يا ان کان اھي حرڪتون ڪرايون پيون وڃن. منهنجو اھو ھرگز مطلب ناهي ته نيازي ڀٽي وانگر بھادر ۽ دلير اڳواڻ آهي پر آء تاريخ ٻڌائي حال جي صورت ڏيکارڻ پيو گھران.
 
آمريڪا کان واپس اچڻ کان پوء ساڳيون نظام مصطفي جھڙيون تحريڪون ھلائي نيازي کي ڀٽو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي فرق صرف ايترو آهي ته ڪالھ مفتي محمود مذھبي ڪارڊ استعمال ڪيو ھو ۽ اڄ مولانھ فضل الرحمان,
ڪالھ عبد الولي خان ھو ته اڄ اسفنديار ولي, ڪالھ خواجھ رفيق ھو ته اڄ سعد رفيق, ڪالھ عبدالصمد اچڪزئي ھو ته اڄ محمود خان اچڪزئي, ڪالھ ميان شريف ھو ته اڄ شھباز شريف, ڪالھ حاڪم زرداري ھو ته اڄ آصف زرداري. مطلب اڄ ھر اھو خاندان احتجاج ۾ آهي جيڪو نظام مصطفي تحريڪ ۾ ھو.
سوال ھاڻي ھي آهي ته ڇا ڀٽو وانگر نيازي تي الزام لڳندا؟
ڇا ڀٽو وانگر نيازي کي به لٽڪايو ويندو؟
پھريان آء ھڪ مارشلا وارو سوال ڇڏي چڪو آھيان ۽ ھاڻي ھي سوال ٻنھي سوالن جا جواب ته ٻھ ھئڻ گھرجن پر آء ٻنھي سوالن جو ھڪ جواب ڏيڻ پسند ڪندس ته ھن وقت پاڪستان نازڪ حالتن کان گذري رھيو آهي آء پنهنجي تجزيئي سان چوان پيو ته ملڪ ۾ مارشلا لڳڻ جون تعيارون ڪيون پيون وڃن. نيازي ڪڏهن به ڀٽو ڪون ٿي سگھندو. ڌڻي آڏو دعا آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڪو به سياستدان اسٽيبلشمنٽ جي ڄار ۾ نه اچي ۽ ملڪ خوشحال ۽ سرسبز رھي.
ظھور ميمڻ/ بين الاقوامي اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد
 
zahoormemon.guddu@gmail.com