سنسڪرت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو+ترتيب+صفائي (14.9 core): + زمرو:انڊيا جون ٻوليون+زمرو:نيپال جون ٻوليون
سِٽَ 1:
[[فائل:ANCIENT_SANSKRIT_ON_HEMP_BASED_PAPER._HEMP_WAS_A_COMMON_AND_DURABLE_FIBRE_IN_THE_PRODUCTION_OF_%22RAG%22_PAPER_FROM_200_BCE_TO_THE_1850_AD.jpg|rightساڄو|thumb|قديم سنسڪرت ڀنگ جي فائيبر مان ٺاھيل ڪاغذ تي لکيل. اھڙي ڪاغذ جو استعمال 200 ق م کان شروع ٿيو ]]
{{Infobox language
| name =سنسڪرت
| nativename = {{IAST|Saṃskṛtam}} <br /> संस्कृतम्
| pronunciation = {{IPA-sa|sə̃skr̩t̪əm|}} {{Audio|Sanskrit1.ogg|pronunciation|help=}}
| region = [[South Asia]] <br /> parts of [[Southeast Asia]]
| revived = A few attempts at revival have been reported in Indian and Nepalese newspapers.
 
سِٽَ 15:
| fam2 = [[انڊو ايراني ٻولي]]
| fam3 = [[انڊو آريائي ٻولي]]
| ancestor =[[ ويدڪ سنسڪرت]]
| script = [[ديوناگري]](سرڪاري) <br /> براھمي اسڪرپٽ ۾ پڻ لکي ويندي آهي.<ref name="aboutworldlanguages.com">"http://aboutworldlanguages.com/sanskrit"%22</ref>
| nation =
| iso1 = sa
سِٽَ 30:
}}
 
سنسڪرت: '''Sanskrit''' : ({{IPAc-en|ˈ|s|æ|n|s|k|r|ɪ|t}} ; {{IAST3|Saṃskṛtam}} {{IPA-sa|sə̃skr̩t̪əm|}}{{efn|The exact pronunciation in Classical Sanskrit is unknown. For alternative pronunciations of ''{{IAST|ṃ}}'', see {{slink|Anusvara|Sanskrit}}}}) ھندوازم جي مقدس ٻوليءَ جو نالو آهي، ۽ سک ازم، ٻڌ ازم، جين ازم ۽ ھندو ازم جي فلسفي جي ٻولي پڻ سڏبي آھي <ref>{{cite book|author1=Damien Keown|author2=Charles S. Prebish|title=Encyclopedia of Buddhism|url=https://books.google.com/books?id=D1pcAgAAQBAJ&pg=PT15|year=2013|publisher=Taylor & Francis|isbn=978-1-136-98595-9|page=15}}; Quote: "Sanskrit served as the lingua franca of ancient India, just as Latin did in medieval Europe"</ref>
 
سنسڪرت: '''Sanskrit''' : ({{IPAc-en|ˈ|s|æ|n|s|k|r|ɪ|t}} ; {{IAST3|Saṃskṛtam}} {{IPA-sa|sə̃skr̩t̪əm|}}{{efn|The exact pronunciation in Classical Sanskrit is unknown. For alternative pronunciations of ''{{IAST|ṃ}}'', see {{slink|Anusvara|Sanskrit}}}}) ھندوازم جي مقدس ٻوليءَ جو نالو آهي، ۽ سک ازم، ٻڌ ازم، جين ازم ۽ ھندو ازم جي فلسفي جي ٻولي پڻ سڏبي آھي <ref>{{cite book|author1=Damien Keown|author2=Charles S. Prebish|title=Encyclopedia of Buddhism|url=https://books.google.com/books?id=D1pcAgAAQBAJ&pg=PT15|year=2013|publisher=Taylor & Francis|isbn=978-1-136-98595-9|page=15}}; Quote: "Sanskrit served as the lingua franca of ancient India, just as Latin did in medieval Europe"</ref>
'''سَنسڪِرت''' هڪ پُراڻي [[ٻولي]] آهي. موجوده جوڙ [[هندو آريائي ٻوليون|هندو آريائي]] ٻولي آهي جنهن جو ڳانڍاپو ويدڪ دور سان آهي.<ref>{{Cite news|url=https://www.britannica.com/topic/Sanskrit-language|title=Sanskrit language|work=Encyclopedia Britannica|access-date=2018-06-30|language=en}}</ref> اها [[هندو]] يا [[هندو مت]] توڙي [[ٻڌمت]] جي مَُقدَس ٻولي آهي  ۽ هندُستان جي ٻاويهن سرڪاري ٻولين ۾ هي شامل آهي .
 
== تفصيلي تعارف ==
[[پنجابي]] ٻولي جو سنسڪرت سان گھرو تعلق آهي . سنسڪرت ڳالهائڻ وارن جو تعداد  اڄڪلھ ڪُجھ ھزار آهي. "ٻوليءَ متعلق لوچيندڙن ۾ پهريون ئي شخص [[پنڊت ’پاڻني‘]] آهي جنهن اڄ کان تقريباً ٽي هزار ورهيه اڳ سنسڪرت جي [[صرف نحو]] تي هڪ مستند ڪتاب لکيو هو. جنهن ۾ سنسڪرت جا [[ڌاتو]] پڻ ڏنل آهن. ان بعد ٻوليءَ جي تاريخ ۾ عيسوي سن يارهين صدي ۽ ٻارهين صديءَ ۾ ’[[ڌنپال آچاريه]]‘ ۽ ’[[هيمچندر آچاريه]]‘ جون تصنيفون ”[[پايلڇي]]، ۽ [[ديسي نام مالا]]“ قابل ذڪر آهن انهن صاحبن هندستان ۽ سنڌ جي ٻولين لاءِ جا کوجنا ڪئي سا نه فقط هاڻوڪين ڏيهي ٻولين جي رهنمائي ڪري ٿي پر مُحقَقـِين ۽ مُستشرَقين جي تحقيق لاءِ مشعل راهه ثابت ٿي آهي. جڏهن يورپي لوڪ، واپاريءَ ۽ فاتح جي صورت ۾ هندستان ۾ گهڙيا، تڏهن انهن هندستان جي رسم رواج، تهذيب ۽ تمدن سان گڏ هتي جي ٻولين، خصوصاً سنسڪرت جو به مطالع ڪيو، بعد ۾ بالاتفاق هندستان جي ٻولين کي آرين زبان جي هڪ شاخ ”انڊو يورپين ٻولين“ جي نالي سان سڏيو، ۽ وري ڪن محققن ته دنيا جي قديم زبان [[عبراني]] هجڻ واري نظريه جي ترديد ڪري سنسڪرت کي ئي تمام زبانن جي ماءُ سڏيو".<ref>سنڌي زبان--شيخ محمد اسماعيل؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع</ref>
سنسڪرت ننڍي جي قديم ۽ ڌرمي ٻولي آهي. سنسڪرت جي لفظي معنيٰ آهي سڌاريل، سنواريل سڀ کان آڳاٽا ڪتاب ويد جنهن ٻوليءَ ۾ لکيا ويا ان کي ويدڪ يا ڪلاسيڪي سنسڪرت چيو وڃي ٿو. اها سنڌو جي ڪناري تي ڳالهائيجندڙ ٻولين مان هڪ قديم پراڪرت جو سڌاريل روپ هئي، جنهن جو گرامر پاڻنيءَ لکيو، جيڪو سنڌو علائقي جو رهندڙ هو. هن ٻوليءَ جو ادب انتهائي قديم ۽ شاهڪار آهي. هيءَ ٻولي هندو تهذيب جي اوج واري زماني ۾ ماڻهن جي اظهار جو ذريعو هئي. سنسڪرت گهڻو ڪري برهمي رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي. ڪيترائي قديم ڪتاب هن ٻولي ۾ تحرير ڪيل آهن. سنسڪرت، ننڍي کنڊ جي ڪيترن ٻولين جي ماءُ يا ڀيڻ تصور ڪئي وڃي ٿي. سنڌي زبان جي بڻ بنياد لاءِ هڪ نظريو اهو به آهي ته سنڌي سنسڪرت جي ڄائي آهي. ٻيو نظريو ان کي سنڌيءَ جي ڄائي قرار ڏئي ٿو. بهرحال هيءَ ٻولي هن خطي جي اهم ٻولي رهي آهي. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>هن وقت سنسڪرت ۾ ٽيٽيهه حرف صحيح (ونيجن)، سورهن حرف علت (سُر) آهن. مصنف کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته قديم براهمڻي لپيءَ ۾ اصل فقط ٻاويهه حرف صحيح هئا، ۽ ماترائون هيون ئي ڪين. اهو ئي سبب ڏسجي ٿو، جنهن ڪري جيڪي ”پڻي“ پوءِ ”فنيشن“ سڏجڻ ۾ آيا، تن جي ائيويٽا ۾ فقط ٻاويهه حرف صحيح هئا، حرف علت هئو ئي ڪونه، جنهن ڪري سيميٽڪ قومن کي اتائن فقط اوترا آئيويٽا جا حرف صحيح مليا ۽ هڪڙو به حرف علت ڪونه ملين. مثلاً عربن پنهنجي آئيويٽا آرم ملڪ سيميٽڪ قوم وارن کان ورتي، ته اڄ به ڏسو ته عربيءَ ۾ سڀ حرف صحيح آهن ۽ حرف علت آهي ئي ڪونه.<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page26.html#_ftn27}}
</ref>
 
== ”سنسڪرت“ لفظ جي معنيٰ ==
 
قديم آريه لوڪ پنهنجيءَ ٻوليءَ کي ”ڀاشا“ چوندا هئا، جنهن جو ڌاتو يا بنياد آهي ”ڀاش“ معنيٰ ڳالهائڻ. ”ڀاشا“ معنيٰ ”جا ڳالهائجي ٿي“ يعني ٻولي. خود .ٻولي“ معنيٰ به جا ٻولجي جا ڳالهائجي ٿي. آرين جي ٻوليءَ تي ڪو خاص نالو رکيل ڪونه هو، ۽ ”سنسڪرت“ نالو ڪو گهڻو قديم ڪونهي، جو اهو ويدڪ ساهت ۾ ڄاڻايل ئي ڪونهي. انهيءَ قديم ڀاشا ڳالهائڻ جو پوءِ رواج ئي بند ٿي ويو. ياسڪ ۽ پانني منين انهيءَ جو اونهو اڀياس ڪيو، ته يقين ٿين ته اها ٻولي نهايت وگيانڪ (Scientific) ريت جڙيل آهي، تنهن ڪري ان کي سنسڪرت نالو ڏنائون، جنهن جي معنيٰ آهي ”چڱي يا صاف ٿيل يعني اُجاريل يا سڌريل بولي.“ <ref>{{حوالو_ويب|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/mehran/Book26/Book_page7.html|title=Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)|website=www.sindhiadabiboard.org|access-date=2018-06-30}}</ref>هيءُ نالو خود ڄاڻائي ٿو ته اهو ٻوليءَ صفت ظاهر ڪري ٿو، ۽ باسڪ ۽ پانني منين هن ڀاشا (ٻوليءَ) جي عمدي بناوت ڏسي، مٿس اهو نالو رکيو. اهو لفظ ئي سندن وقت جو جڙيل آهي، ۽ جوڙيو ئي شايد پاڻ هئائون، جو کانئن اڳي اهو نالو ڪٿي به ڪم آيل ڪونهي.س”سنسڪرت“ لفظ جو ڏاتو يا بنياد آهي ”ڪر“ (To do). ان جو اسم مفعول آهي ”ڪرت“ معنيٰ ڪيو يا ڪيل (Done). ”سم“ هڪ اڳياڙي (Prefix) آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”چڱو“، جنهنڪري ”سمڪرت“ (سنسڪرت) معنيٰ چڱي يا صاف ٿيل يعني اُجاريل ٻولي (Polished or refined Language). سنسڪرت ۾ سنڌيءَ جا قاعدا (Rules of Euphony) آهن، جن مان هڪڙو قاعدو هيءُ آهي ته ”ڪر“ ڌاتوءَ جي اڳيان جيڪڏهن ”سم“ اچي، ته ”س“ جو اُچار بالائي گڏڻ گهرجي. اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري ”سمڪرت“ بدران ”سمسڪرت“ (سنسڪرت) چئبو آهي. ساڳيءَ ريت ”سمڪار“ بدران ”سنسڪار“ (Sacrament) چئبو آهي.<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page26.html#_ftn27}}
</ref>
 
Line 55 ⟶ 54:
[[گٹھ:ایشیا دیاں بولیاں]]
[[گٹھ:ایشیائی دیساں دیاں بولیاں]]
[[گٹھ:سنسکرت| سنسکرت]]
 
== سنسڪرت جو ٻين ٻولين سان تعلق ==
 
سڀ ڪنهن ملڪ جي سڀيتا اول ٻوليءَ سان شروع ٿئي ٿي. يورپ کي ٻولي ڪٿان ملي؟ جيڪڏهن سنسڪرت ٻولي يوروپي ٻولين جي ماءُ نه ٿئي ته وڏي ڀيڻ ته بيشڪ ٿئي، ۽ سنسڪرت هندستان جي ٻولي آهي، جنهنڪري چئبو ته يورپ کي ٻولي پوربي بنياد واري ملي آهي. خود انگريزي آئويٽا به ديوناگري اکرن تان ٺهيل آهي، جا ڳالهه سر مونيئر وليمس پنهنجي جوڙيل سنسڪرت ڊڪشنريءَ جي ديباچي ۾ ڄاڻائي آهي. قديم ديوناگري اکر هاڻوڪي کان گهڻو ڦريل هئا، ۽ انهن ڦري ڪيئن هاڻوڪي انگريزي آئيويٽا جي صورت ورتي، سا ڳالهه به اکرن جون تصويرون ڏيئي سمجهائي اٿس<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page10.html#_ftn4}}}
</ref>
 
== حوالا ==
 
{{حوالا|2}}
{{حوالو}}
 
[[زمرو:سنسڪرت|سنسڪرت]]
[[زمرو:انڊيا جون ٻوليون]]
[[زمرو:نيپال جون ٻوليون]]
[[زمرو:ٻوليون]]
[[زمرو:سنسڪرت]]