ٻڍل فقير: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب+صفائي (14.9 core): + زمرو:شڪارپور ضلعي جا ماڻھو+زمرو:سنڌي شاعر+زمرو:سنڌي ماڻھو
سِٽَ 16:
|religion = [[صوفي القادري]] [[اسلام]]
}}
 
شڪارپور کان اٽڪل پنجن ميلن جي مفاصلي تي، چوئي شاخ جي ساڄي ڪپ تي، هڪ ننڍڙي بستي آهي.جنهن جو اصل نالو ته بخشيو اُنڙ هو. پر هن وقت '''ٻڍل فقير''' جي ڳوٺ جي نانءَ مشهور آهي. شڪارپور جي چوڌاري گهڻائي ننڍڙا ڳوٺڙا آهن، پر هن ڳوٺ کي مکيه اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ ڳوٺ اڄ کان اٽڪل هڪ صدي اڳ هڪ اهل ولايت درويش جي رهڻ جو مقام هو، جنهن پنهنجي نغمه سَرائيءَ سان سنڌي ادب ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. هن اهل ولايت درويش جو اسم گرامي حضرت صوفي ٻڍل فقير هو.
 
== ولادت ==
 
انهيءَ ”بخشي اُنڙ“ جي ڳوٺ ۾ هڪ شخص ٿي رهيو، جنهن جو نالو ”عبدالواسع “هو، جنهن کي عام ماڻهو وَسيو سڏيندا هئا. هو نهٺو ۽ نماڻي طبيعت جو مالڪ هو. انگريزن جي حڪومت جو اوائلي دور هو. هر طرف سُڪر ۽ سڻائي هئي. سادگي راحت سمجهي ويندي هئي، ڪوڙ ۽ فريب ايڏو عام نه هو. وَسيو فقير ٻه-ٽي ايڪڙ زمين جا آباد ڪري، سُکيو سَتابو گذاريندو هو، پر هڪ غم کيس مايوس ڪندو رهندو هو؛ اُهو هو ته کيس ڪابه نرينو اولاد ڪانه هئي، جنهن ڪري هو سدائين پيرن فقيرن ڏي پيو پنڌ ڪندو هو. روايت آهي ته هڪ ڀيري هڪ مجذوب فقير اچي سندس ڳوٺ کان لانگهائو ٿيو، ان جي نالي جي خبر پئجي نه سگهي، پر فقير کيس ”نانگو مست الستي“ جي لقب سان سڏيندا آهن. فقير وسيي ان مجذوب جي پُٺ ورتي؛ جنهن سندس عاجزيءَ کي ڏسي دعا ڪئي. ٿوري وقت کانپوءِ کيس نينگر پيدا ٿيو، جنهن تي ”ٻُڍل“ نالو رکيو ويو. سندس ولادت جو صحيح سال معلوم ٿي نه سگهيو آهي؛ پر فقيرن کان معلوم ٿيو آهي ته فقير صاحب پاڻ فرمائيندو هو ته جڏهن آخري ليٽ اچي بس ٿي ۽ ريل جي بند ٻڌڻ لاءِ انگريز آفيسر زرخيل جي سڙڪ جي اوڀر کان تنبو هڻي اچي ويٺا، تڏهن منهنجي عمر اٽڪل 18 سال هئي. شڪارپور ۾ ريل جو بند سنه 1883ع ڌاري ٺهڻ شروع ٿيو هو. جيڪڏهن فقير صاحب جي زباني روايت کي ڏسجي ٿو، ته سندس ولادت جو سال اندازن 1885ع ٿئي ٿو.
 
== ٻڍل فقير جن جو ننڍپڻ ==
 
Line 29 ⟶ 28:
جَن کي لڳي لنوء يار جي ، ِوسري وين ڪَم ڪَار ٻي، طلبَ هُين سَردار جي، سي عام ۾ هِت نه اڙيا
 
فقير صاحب کي ننڍي هوندي ڳئون چَارڻ لاءِ موڪليندا هئا. ڳَئون جهنگ ۾ ڇڏي پاڻ هڪ وڻ جي ڇانوءَ ۾ ويهندا هئا. تان جو فقير صاحب شام تائين ان وڻ جي ڇانوءَ ۾ ويٺو هوندو هو ۽ مال جڏهن گهر ڏانهن موٽي ايندو هو ته فقير صاحب به گهر ايندو هو. مال کي ڇڏڻ سان ئي مال پُوک ۾ وڃي پوَندو هو جو ڪُڙمي انهن کي تَڙي ڇڏيندا هُئا. هڪ ڏينهن ڪُڙمي ڪاوڙجي آيا ته انهيءَ ڌنار ڳولهي وڙهونس. جڏهن فقير صاحب وٽ آيا ته ڇا ڏِسن ٻُڍل سائين نِنڊَ پيو آهي. وقت ٽِپهري شام جو آهي مَگر وَڻ جي ڇانوءَ صُبح وانگر اولهه طرف آهي. اِهو ڏسي خيال ڪَيائون ته هِي ڌنار ڪومَرد مولا دَرويش آهي. مَنجس اهڙي ڪا مَڻيان آهي جو وَڻ به هِن جي امَر ۾ خِدمتگار آهن. تِنهن ڪري هن کي ڪُجهه نه چَئو مَتان الله نه ناراض ٿئي. اهو چئي هُو واپس هَليا وَيا.
 
روايت آهي ته هڪ ڏينهن جيئن فقير صاحب جهنگ ۾ ڍورن کي آهرائڻ ويو، تئين مٿس اهڙو حال طاري ٿي ويو، جو هو غش کائي ڪري پيو. بيهوشيءَ جي حالت ۾ کيس گهر آندائون. سندس والدين ۽ اوڙي پاڙي وارن ائين سمجهيو ته مٿس ڪو جن جو اثر ٿيو آهي. ڀوپا گهرايا ويا، جهاڙون جهوپون ٿيڻ لڳيون، پر هنن ڀوپن کي ڪهڙي خبر، ته الاهي محبت جو رنگ ڪهڙيءَ ريت چڙهي ٿو! هو الاهي رڱ ۾ رڱجي، مست گذارڻ لڳو ۽ اُن وقت سندس شاعريءَ جي ابتدا ٿي. جيتوڻيڪ سُر سنگيت کان واقف نه هو، پر يڪتارو کڻي ڳائڻ شروع ڪيائين؛ يڪتاري تي هن جو پهريون ڪلام چيو، سو هو سگهڙو موٽج يار، توکي ويٺا ساريون، سچ جي سرڪ، وئين ڪا پياريون.
Line 38 ⟶ 37:
هڪ ڀيري اتفاق سان پير جي ڳوٺ جي نامياري راشدي خاندان جو هڪ فرد، سيد علي سرور شاهه پنهنجي هڪ مريد وٽ، جنهن جو نالو فريد هو، فقير صاحب جي ڳوٺ ۾ اچي منزل انداز ٿيو. ٻڍل فقير جي والد کي جڏهن پير صاحب جي اچڻ خبر پئي، تڏهن فقير صاحب کي وٺي، پير صاحب جي خدمت ۾ حاضر ڪيائين. پير صاحب سندس ڪلام ۽ ظاهري جوش ۽ جذبي کي ڏسي بيحد متاثر ٿيو ۽ پنهنجي مريد کي حڪم ڏنائين، ته هن نوجوان کي پير جي ڳوٺ درگاهه تي وٺي وڃ. فريد ۽ فقير ٻڍل جي والد، پير صاحب جي حڪم جي تعميل ڪئي. ڏينهن گذرڻ بعد ٻُڍل سائين جن کي ساڻ ڪري پير سائين جن جي درگاه شريف ڏانهن پيادل رستي وٺي هليا. ۽ درياه تان ٻيڙيءَ رستي پار ٽپڻ جو ارادو ڪري ٻيڙيءَ تي چڙهيا. جڏهن ٻيڙي سِير ۾ پهتي ته ٻڏڻ لڳي. جنهن ڪري سڀئي ماڻهو ٻيڙيءَ تي ويٺل حيران ۽ پريشان ٿيڻ لڳا. فريد فقير سڀني ماڻهن کي چيو ته ٻيڙيءَ جي بچاءَ لاءِ ٻُڍل سائين کي سڀئي عرض ڪيو ته خير سلامتيءَ سان پار پهچئ پئون. پوءِ سمورا ماڻهو ٻُڍل سائين کي عرض ڪرڻ لڳا ته فقير سائين ٻيڙيءَ لاءِ رب پاڪ جي درگاه ۾ دعا گهرو ته خير سان هلي پار پهچون. پوءِ ٻُڍل سائين جن هڪ شعر جي نموني اٺاويهن مصرعن سان لولي چئي ۽ ٻيڙي رب جي ٻاجهه سان پار پهتي. پوءِ ٻُڍل سائين جن فريد فقير سان گڏجي پير سائين جن جي درگاه شريف تي پهتا.
 
جنهن وقت فقير ٻُڍل سائين جن ۽ فريد فقير پير صاحب حزب الله شاه سائين جن جي حضور پهتا ته پير سائين بادشاه فرمايو ته” فريد فقير ! هي روهڙيءَ وارو بيدل فقير ته نه آندو اٿي“. فريد فقير عرض ڪيو ته ” قبلا، هيءُ اسان جي ڳوٺ ۾ واسع فقير جو نينگر آهي. اوهان جي حضور ۾ دست بيعت ٿيڻ آيو آهي. پير سائين بادشاه جن فرمائڻ لڳا ته ” کير جو مٽ ته ڀريل آهي پر سانڀاڻ جي دير اٿس“. پوءِ ٻُڍل سائين ڏي مخاطب ٿي فرمائڻ لڳا ته” فقير منهنجو هي ڪلهو ته ڏس. هي زخمي ٿي پيو آهي. تنهنجي جي سڏڻ تي اچي ٻيڙيءَ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ڏنو اٿم“. فقير ٻُڍل سائين جن عرض ڪيو ته ” قبلا! مان به وري اوهان جي اولاد ۽ پيڙهيءَ لاءِ ڏينهن قيامت تائين لولي چئي اٿم“.دَست بيعت ٿيڻ بعد پير سائين بادشاه هادي سائين جن کي فَرمايو ته” اوهان آئينده لاءِ هيڏانهن اچڻ ۽ پنڌ جي تڪليف نه ڪندا ڪريو. جو اسان اوهان سان قيامت تائين ساڻ آهيون. اوهان ڪو به خيال نه ڪندا“.</big></big>
 
حضرت ٻڍل سائين، پوءِ سندس ارادتمندن ۾ داخل ٿي ويو. ڪجهه وقت مرشد جي خدمت ۾ رهي، موٽي ڳوٺ آيو، جتي خاموشيءَ سان، رات ڏينهن ياد الاهيءَ ۾ گذاريندو رهيو. هاڻي سندس زندگي ڄڻ هڪ سالڪ جي سطح تي اچي ويئي. ماڻهن جون دليون ڏانهس ڇڪبيون ٿي رهيون. وقت گذرندو ويو ۽ محبت جي آڳ، جا اڳ ڀڙڪا کائي اٿندي هئي، هاڻي نورانيت ۾ تبديل ٿي وئي، جا هڪ صوفيءَ جي آخري منزل آهي. فراق جي منزل، وصال جي مقام م بدلجي وئي:
Line 55 ⟶ 54:
سسئيءَ جي بيتن ۾ ٻُڍل سائين جن فرمايو آهي ته؛
 
:<big><big>ڏهين ڏينهن ڏُکن جا وَرق کُلي پيس واهه،</big></big>
:<big><big>ڏهين ڏينهن ڏُکن جا وَرق کُلي پيس واهه،</big></big>
:<big><big>سا پڙهي پَروڙي پَاڻ ۾ اندر مَنجهه اداهه،</big></big>
:<big><big>رَمندي وڃي رُوح مان ڪري ڪُستئون ڪاهه،</big></big>
Line 62 ⟶ 60:
:<big><big>حاضر حضرت شاه هِن تي ڪر ڪا ٻاجهه ٻُڍل چَوي.</big></big>
 
<big>سندن <big>والد صاحب جن جڏهن سفر تان موٽي آيا ته اهو حال ڏسي هو به فقير جي رضا تي راضي رهيا. ان بعد آهستي آهستي عشق وحدت جي اظهاري ٿيندي وئي. پاڻ ڪلام ۾ فرمايو اٿن ته؛</big></big>
<big>سندن <big>والد صاحب جن جڏهن سفر تان موٽي آيا ته اهو حال ڏسي هو به فقير جي رضا تي راضي رهيا. ان بعد آهستي آهستي عشق وحدت جي اظهاري ٿيندي وئي. پاڻ ڪلام ۾ فرمايو اٿن ته؛</big></big>
 
:<big><big>نينهن ٻڍل نروار ڪيو هاڻي ڪاڏي لڪان؟</big></big>
:<big><big>”ٻُڍل سائين“</big></big>
 
<big><big>مثال آهي ته عشق ۽ مُشڪ لڪي نه سگهندو آهي. خود ذات حق کي به عشق ئي ظاهر ڪيو. پوءِ ڪٿي ٿو لڪي. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ فقير درگاه تي ٻڍل سائين جن جي تي آيو هادي شهنشاه جن جي فرزند سائين ” فقير عبدالحڪيم “ جن کان پڇا ڪيائون ته ٻُڍل سائين ڪٿي آهي. پر اُن ڏينهن ٻُڍل سائين جن ڊکڻ ڳوٺ دعوت کائڻ ويا هئا. پُڇا ڪندڙ کي ٻُڍل سائين جي فرزند فقير عبدالحڪيم اوڏاهن ڏس ڏنو. ان بعد هو به اوڏاهن روانو ٿي ويو. هوڏانهن هادي سائين جن دعوت کائي پنهنجي فقير امير بخش ۽ ٻين طالبن سان درگاه ڏانهن ٿي آيا. ته رستي ۾ اهو فقير ٻُڍل سائين جن سان وڃي مليو. کائنس پڇا ڪيائون ته ” ڪير آهين؟“ جنهن تي سائل عرض ڪيو ته ” منهنجو نالو عليشير آهي. ذات جو جويو آهيان. طالب سائين رکيل شاه جو آهيان. ويٺل ڳوٺ جتوئي لڳ ڳڙهي ياسين. مونکي ڪا ضرورت آهي. خدا واسطي هڪ سوء روپيه ڏيو.“ جنهن تي ٻُڍل سائين جن فرمايو ته ” فقير مون وٽ سوء رپيه ته ڪو نه آهن. جيڪو الله جي نالي تي دعوت مان مليو آهي سو وٺ“. سائل عرض ڪيو ته” مونکي سوء رپين کان گھٽ نه کپي جو ضرورت پوري نه ٿيندي“. پوءِ هادي سائين جن فرمايو ته” مونکي وٺي هلي ڪٿي وڪڻي سوء رپيه هٿ ڪريو“. پوءِ سائل ائين به ڪيو جو فقير ٻُڍل سائين جن گاڏي هلائيندڙ کي چيو ته” ڏاند گاڏي موٽائي ڳوٺ وڃ“. ۽ فقير امير بخش کي فرمايائون ته” اوهان درگاه تي وڃو. منهنجو سرُ خدا واسطي قبول پيو آهي جو مان هن سائل فقير جي پٺيان وڃان ٿو پوءِ جاڏي به ڪري.“</big></big>
<big><big>مثال آهي ته عشق ۽ مُشڪ لڪي نه سگهندو آهي. خود ذات حق کي به عشق ئي ظاهر ڪيو. پوءِ ڪٿي ٿو لڪي. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ فقير درگاه تي ٻڍل سائين جن جي تي آيو هادي شهنشاه جن جي فرزند سائين ” فقير عبدالحڪيم “ جن کان پڇا ڪيائون ته ٻُڍل سائين ڪٿي آهي. پر اُن ڏينهن ٻُڍل سائين جن ڊکڻ ڳوٺ دعوت کائڻ ويا هئا. پُڇا ڪندڙ کي ٻُڍل سائين جي فرزند فقير عبدالحڪيم اوڏاهن ڏس ڏنو. ان بعد هو به اوڏاهن روانو ٿي ويو. هوڏانهن هادي سائين جن دعوت کائي پنهنجي فقير امير بخش ۽ ٻين طالبن سان درگاه ڏانهن ٿي آيا. ته رستي ۾ اهو فقير ٻُڍل سائين جن سان وڃي مليو. کائنس پڇا ڪيائون ته ” ڪير آهين؟“ جنهن تي سائل عرض ڪيو ته ” منهنجو نالو عليشير آهي. ذات جو جويو آهيان. طالب سائين رکيل شاه جو آهيان. ويٺل ڳوٺ جتوئي لڳ ڳڙهي ياسين. مونکي ڪا ضرورت آهي. خدا واسطي هڪ سوء روپيه ڏيو.“ جنهن تي ٻُڍل سائين جن فرمايو ته ” فقير مون وٽ سوء رپيه ته ڪو نه آهن. جيڪو الله جي نالي تي دعوت مان مليو آهي سو وٺ“. سائل عرض ڪيو ته” مونکي سوء رپين کان گھٽ نه کپي جو ضرورت پوري نه ٿيندي“. پوءِ هادي سائين جن فرمايو ته” مونکي وٺي هلي ڪٿي وڪڻي سوء رپيه هٿ ڪريو“. پوءِ سائل ائين به ڪيو جو فقير ٻُڍل سائين جن گاڏي هلائيندڙ کي چيو ته” ڏاند گاڏي موٽائي ڳوٺ وڃ“. ۽ فقير امير بخش کي فرمايائون ته” اوهان درگاه تي وڃو. منهنجو سرُ خدا واسطي قبول پيو آهي جو مان هن سائل فقير جي پٺيان وڃان ٿو پوءِ جاڏي به ڪري.“</big></big>
 
:<big><big>اچن ٿا پير اڳ پايون ڏاڍي ڪنهن ڪست مان ڪاهيون،</big></big>
Line 77 ⟶ 73:
<big><big>پوءِ سائل فقير ٻُڍل سائين جن کي ساڻ ڪري شڪارپور ڏانهن روانو ٿيو. چيائين ته ” اوهان کي سوء روپيه تي هلي ڪٿي وڪڻان ٿو“. اها خبر جڏهن دعوت ڪندڙ سومرن فقيرن کي وڃي پهتي ته اهي هڪدم وٺي ڊوڙيا ۽ ٻُڍل سائين جن کي رئيس واه تي شڪارپور جي ٻاهران اچي پهتا. ۽ سائل کي آزي نيزاريءَ سان چيائون ته” اسين تو کي سوء روپيه ڏيون ٿا. ٻُڍل سائين جن جي پچر ڇڏيو“.</big></big>
 
<big><big>جنهن تي سائل سوء روپيه وٺي ٻُڍل سائين جن کي ڇڏيو جو ڊکڻ فقير ٻُڍل سائين جن کي وٺي پنهنجي ڳوٺ آيا. هوڏانهن اها حقيقت جڏهن امير فقير درگاه تي ٻڌائي ته فقير ٻُڍل سائين جن جو فرزند فقير عبدالحڪيم جن پنهنجي فقراه سميت ڊکڻن جي ڳوٺ اچي پهتا. سموري حقيقت معلوم ٿيڻ بعد سندن فرزند فقير عبدالحڪيم ٻُڍل سائين جن کي درگاه تي هلڻ لاءِ عرض ڪيو. مگر هادي سائين جن فرمايو ته ” اسين هنن سومرن وٽ وڪاڻل آهيون. اوهان درگاه شريف تي واپس وڃو. هاڻي منهنجو اوهان سان ۽ درگاه سان ڪو به واسطو نه آهي“. جڏهن سومرن هادي سائين جن کان هي الفاظ ٻڌا تڏهن انهن مڙني عرض ڪيو ته” سائين اسان اوهان کي اهي سوء روپيه راه الله بخشياسون. اوهان ڀلي درگاه شريف تي پنهنجي اهل اطفال ۽ فقراه سان وڃي خوش خورم رهو“. اهي الفاظ ٽي دفعا عرض ڪيائون. پوءِ پاڻ سائين جن راضي ٿي اتان موڪلائي درگاه شريف تي آيا. هي هُئي سندن سر جي سخا.</big></big>
 
== ٻڍل فقير جن جي شادي خانه آبادي جو سلسلو ==
 
<big><big>جنهن وقت هادي سائين جن جي راز الاهيءَ جي ملڪ ۾ مشهوري ٿي. ان بعد سندن والدين کين شادي ڪرڻ لاءِ چيو. پر پاڻ سائين جن قبول نه پيا ڪن. نيٺ سائين پير علي سرور شاه جن کان چوايائون. جن جي حڪم موجب پاڻ ٻُڍل سائين شادي ڪرڻ تي راضي ٿيا. کين ڳوٺ مان ئي شادي ڪرايائون. مگر هادي سائين پنهنجي اهلبيت جي ويجهو ئي نه ويا. نيٺ مجبور ٿي سندن والد ٻيهر سائين پير علي سرور شاه جن کي وٺي آيا. جنهن ٻُڍل سائين جن کي گهريلو زندگي صحي گذارڻ لاءِ زور وڌو. جنهن تي ٻُڍل سائين جن فرمايو ته ” جيڏانهن تيڏانهن هڪ ئي نور ٿو نظر اچي پوءِ گستاخي ڪيئن ڪريان؟“
آخر ڪار پير سائين جي چوڻ تي ٻُُڍل سائين پنهنجي اهلبيت جي ويجهو ويا. پوءِ سائين جن جي اولاد جو سلسلو شروع ٿيو.</big></big>
 
== ٻڍل فقير جن جون ڪرامتون ==
 
Line 94 ⟶ 88:
پکي وانگر پرواز ڪندو هو.
هڪ عورت مسلسل ست حج ڪَندي ٻڍل فقير کي به حج ادا ڪندي ڏٺو، جڏهن موٽي اچي حج جو احوال اوريائين ته وراڻي ڏنائين ته، آءٌ هت هوس حج تي اُسهيو به نه آهيان.</big></big>
 
<big><big>مرحوم فقير علي بخش سرڪي (ساڪن ڳڙهي حسن تعلقه ٺل) کان روايت آهي ته آءٌ ٻڍل فقير جي حاضريءَ ۾ گهڙو وڄائيندو هوس. هڪ دفعي ڪنهن نامعلوم ماڻهوءَ ٻڍل فقير کي پيرين پئي هٿ ڏنو ته، ٻڍل فقير ان وقت ٽيڪ ڏيئي ستا پيا هئا، نامعلوم ماڻهوءَ جا هٿ جيئن پيرن تي پيا ٻڍل فقير رڙ ڪري اٿي ويهي رهيو. چيائين ته ابا ماري ڇڏيئه! اَبا ماري ڇڏيئه! پوءِ معلوم ٿيو ته هٿ ڏيڻ وارو ذات جو سيد هو.</big></big>
 
== ٻڍل فقير جن جو اولاد ==
 
<big><big>ٻُڍل سائين جن کي ٽي فرزند ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيا. سندن وڏو فرزند فقير عبدالحڪيم ”ننگر ڌڻي بادشاه“ هڪ وڏي حال خيال وارا اهل ولايت صوفي درويش هئا. پاڻ ٻُڍل سائين جن جي برقع مٽائڻ کان پوءِ سجاده نشين ٿيا. سندس وِچون پٽ فقير مست محمد مقيم نه رڳو لائق پٽ هو، پر پيءُ جو حال محرم ۽ دل جو دوست هو. پاڻ هڪ قادر الڪلام صوفي شاعر ۽ فنافي الله مرد ڪامل هئا. هن ۾ ننڍپڻ کان ئي فقير صاحب وانگر مستيءَ جو جذبو سمايل هو، ان ڪري ماڻهو کيس ”مست مقيم “ جي نالي سان سڏيندا هئا. سندس مُک مان عجيب جلال پيو بکندو هو، وڏو محبتي جوان هوندو هو. اوچتو هي لنگ بند جوان ليٽي پيو. جوانيءَ جو موت، سو به هڪ لائق فرزند جو، فقير صاحب ان صدمي کي نهايت صبر سان سٺو. جوان پٽ جي ياد ۾ سندس آخري مرثيو هو:</big></big>
 
:<big><big>وَرَ لئي ڪنديس وَسَ، لهنديس لعل لڪن مون.</big></big>
Line 112 ⟶ 106:
== ٻڍل فقير جن جي صورت ۽ سيرت ==
<big>
<big>هادي سائين جن جو جنهن هڪ دفعو ديدار ڪيو هوندو. سو ئي بخوبي سندن صورت ۽ سيرت جو اندازو لڳائي سگهندو. سندن شڪل شبيهه ۾ چقمق جي ڪشش رکيل هئي ۽ پيشاني تي نوراني نور پيو بڪندو هو. سر مبارڪ جا وار هلڪا هين. سندن ڏاڙهي مبارڪ مٺ جيتري ۽ شهپرن کي سنت نبي ڪريمﷺ جي مطابق اختيار ڪيل هين ۽ منهن مبارڪ جو خط اصل نه وٺندا هئا. قدم مبارڪ ڪجهه وريل هوندا هين. جنهن ڪري خاص قسم جو بوٽ ٺهرايو ويندو هو. سندن پوشاڪ به نهايت سادي هوندي هئي. سر تي تاج مبارڪ، جسم تي ڊگھو چولو يا وقتي صوفين واري ڊگھي الفي، سٿڻ تمام هلڪي پائيندا هئا. اڪثر ڪري ڪپڙن کي ٻٻر جي کلن جو رنگ ڏياريندا هئا. سندن کاڌو سادو هوندو هين. جوئر جي ماني، سائي پالڪ ،سرهن جو ساڳ ۽ لسي ڀت کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا. کائڻ لاءِ ٿانوء ٺڪر يا ڪاٺ جا هوندا هين. عام طرح دعوت ڪندڙن کي پنهنجو اهو کاڌو قبول ڪرائي پوءِ ويندا هئا. سمهڻ لاءِ سادي رلهي ۽ رهڻ لاءِ ڪکائين جهوپڙي وڌيڪ وڻندي هين. بستري تي تڏو وڇائي پوءِ ويهندا يا سمهندا هئا. سارو ڏينهن ڪچهري کليل هوندي هين. جيڪڏهن ڪو به سوالي ايندو هين ته ان جو سوال پورو ڪندا هئا. فقراه سان وحدتون ڪندي ڏينهن بسر ڪندا هئا. ۽ شام جو فقراه جي چونڪي ٻڌندا هئا. آواز ڪلام جي ٻڌڻ جو ڏاڍو شونق هوندو هين.</big></big>
 
<big><big>شام جي ننگر هلڻ تائين آواز ڪلام ٻڌي پوءِ جاءِ تي ويندا هئا. خاص گوشائتي جاءِ مقرر ٿيل هين جتي ڪو به نه ويهندو هو. خدمتگار فقير دروازي کان ٻاهر ويٺا هوندا. فقير صاحب نهايت سادگي پسند هو. ڏينهن آيل مهمانن جي رهاڻ ۾ گذاريندو ۽ رات ڌڻيءَ جي عبادت ۾ گذاري ڇڏيندو هو. نه شيخي نه مشائخي، نه پيريءَ جي دعوا، نه بزرگيءَ جو ڏيکاءُ. اهو سندس اعلي اخلاق هو، جو ماڻهو ڏانهس ڇڪجي ايندا هئا. روحل فقير سچ فرمايو آهي:</big>/big>
Line 127 ⟶ 121:
:<big><big>اُهي تاب تنهنجي کان تتيون، جيئن تيل جون ٽچڪن تيون.</big></big>
 
<big><big>ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته فقير صاحب جي جهڙي صورت نوراني هئي، اهڙي ئي سيرت سبحاني. سندس اولاد مان حضرت فقير امام الدين هيئن ٿو سندس ساراهه ڪري:</big></big>
 
:<big><big>ٻڍل سائين ٻاجهه مهر ڪر، صورت پنهنجي پاڪ پساءِ.</big></big>
Line 135 ⟶ 129:
:<big><big>آس امام الدين آهي اهائي، هادي توڙ رساءِ.</big></big>
 
<big><big>هڪ ڏينهن هادي سائين جن هڪ مٽ پاڻيءَ جو اُن کي مٺو ڪرايائون ۽ فرمايائون ته ” هي پاڻي فقراه ۾ ورهايو. پر اهو ورهائي جيڪو هن جاءِ تي ويهندو“. پوءِ پنهنجي وڏي فرزند فقير عبدالحڪيم کي گھرائي اُتي ويهاري پاڻ دعا گھريائون ته” منهنجا مالڪ پاڪ منهنجي اولاد کي ايترو ميٺاج ۽ نينهن جو نشو ڏي جهڙو هن مٽ ۾ آهي. ۽ پاڻ فرمايائون ته ” سڄي فقراه کي هڪ هڪ پيالو پياريندو وڃ. جيئن هن پاڻي ۾ ميٺاج آهي تيئن منهنجي فقراه جي پاڻ ۾ ميٺاج ۽ محبت قيامت تائين قائم رهي“. جنهن تي سائين فقير عبدالحڪيم عرض ڪيو ته” سائين ڪيترا طالب هن وقت موجود نه آهن“. پاڻ فرمايائون ته ” انهن کي مان باطن ۾ محبت جو پيالو پياريو اٿم. پوءِ اهو مٺو پاڻي فقراه ۾ ورهايو ويو. فقراه کان اها ثابتي ملي ته انهيءَ ٽائيم تي جو فقراه جتي به هيو ته باطن ۾ مٺو پيالو پياريو ويو.</big></big>
<big><big>هڪ ڏينهن هادي سائين جن هڪ مٽ پاڻيءَ جو اُن کي مٺو ڪرايائون ۽ فرمايائون ته ” هي پاڻي فقراه ۾ ورهايو. پر اهو ورهائي جيڪو هن جاءِ تي ويهندو“. پوءِ پنهنجي وڏي فرزند فقير عبدالحڪيم کي گھرائي اُتي ويهاري پاڻ دعا گھريائون ته” منهنجا مالڪ پاڪ منهنجي اولاد کي ايترو ميٺاج ۽ نينهن جو نشو ڏي جهڙو هن مٽ ۾ آهي. ۽ پاڻ فرمايائون ته ” سڄي فقراه کي هڪ هڪ پيالو پياريندو وڃ. جيئن هن پاڻي ۾ ميٺاج آهي تيئن منهنجي فقراه جي پاڻ ۾ ميٺاج ۽ محبت قيامت تائين قائم رهي“. جنهن تي سائين فقير عبدالحڪيم عرض ڪيو ته” سائين ڪيترا طالب هن وقت موجود نه آهن“. پاڻ فرمايائون ته ” انهن کي مان باطن ۾ محبت جو پيالو پياريو اٿم. پوءِ اهو مٺو پاڻي فقراه ۾ ورهايو ويو. فقراه کان اها ثابتي ملي ته انهيءَ ٽائيم تي جو فقراه جتي به هيو ته باطن ۾ مٺو پيالو پياريو ويو.</big></big>
 
{{ڪچو}}
 
== ٻڍل فقير جن جو وصال ==
 
<big><big>وصال وقت پنهنجي پٽن ۽ اولاد کي وصيعت فرمايائون ته” ننگر قائم رکجو، دُئي ۽ لالچ کان پري ڀڄجو. هڪ ئي نظر سان مخلوق کي ڏسجو. مسڪينن ۽ محتاجن جي سار سنڀار لهجو. ته الله سائين ۽ حضور پاڪﷺ جن جي ٽولي ۾ اوهان سُرخرو رهندوء.
ٻُڍل سائين جن ڳالهائيندي سڄي فقراه کان موڪلائي هن فاني دنيا مان سال 12 اڪٽوبر 1939 ع بمطابق 1358هجري مهيني شعبان جي تاريخ 27 خميس ڏينهن جمع رات برقعو مٽائي دارالبقا طرف روانا ٿي ويا.</big></big>
 
== ٻڍل فقير جن جو ڪلام ==
<big>
Line 243 ⟶ 233:
:<big><big>منصوري اها مام، عاشق ٻاجهون ٻيو ڪير سمجهي،</big></big>
:<big>خ<big>يال خوديءَ جا عاشق ٽوڙن، مرڻ ڪنون سي منهن نه موڙن،</big></big>
 
{{ڪچو}}
 
[[زمرو:سنڌي شاعر]]
[[زمرو:سنڌي ماڻھو]]
[[زمرو:شڪارپور ضلعي جا ماڻھو]]