بينظير ڀٽو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 76:
 
==ٻيھر وزيراعظم چونڊجڻ ۽ برطرف ٿيڻ==
{{refimprove section}}
1992ع ۾ نواز شريف کي ساڳئي قسم جا الزام هڻي غلام اسحاق خان برطرف ڪيو ۽ اسيمبليءَ کي ختم ڪري بلخ شير مزاريءَ کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو.
1993 جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڀيرو وري چونڊون ٿيون ۽ بينظير کي ٻيو ڀيرو وزيراعظم بنايو ويو. 13 نومبر تي سندس نامزد اميدوار فاروق احمد لغاري صدر چونڊيو ويو. ڪجهه وقت سانهن ستيءَ سان حڪومت ڪرڻ کان پوءِ وري وڳوڙ شروع ٿي ويا. ڪراچي انساني قتل گاهه بنجي وئي هئي، ٽارچر سيل ۽ ٻورين ۾ بند لاش روز جو معمول بنجي چڪا هئا. نتيجي ۾ ڪراچيءَ مان صنعتون پنجاب منتقل ٿيڻ لڳيون. ڌرين سان ٺاهه ٿيندا ۽ ڊهندا رهيا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن رڻ ٻاري ڏنو هو. 1995 جي آخري ڏهاڙن ۾ صدر فاروق لغاري بينظير جو مخالف ٿي بيٺو.
Line 82 ⟶ 83:
 
هڪ ڀيرو وري چونڊن جون تياريون ٿيون. سنڌ جو نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽي کي ڪيو ويو. چونڊون ٿيون، انهن ۾ تمام گهٽ ماڻهن حصو ورتو. بهرحال 17 فيبروريءَ تي نواز شريف جي حڪومت قائم ٿي. 1997ع جي پڇاڙيءَ ۾ بينظير کي وري ڪيترن ڪيسن ۾ ڪورٽن کي منهن ڏيڻو پيو. جدوجهد جي طويل سفر ۽ مخالفن وٽان ملندڙ تڪليفن کيس اڃا عوام جي وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيو.
 
==جلاوطني==
1999ع ۾ جڏهن پاڻ ملڪ کان ٻاهر هئي ته سندس ور کي اذيتون ڏنيون ويون ته جيئن هو اڻ ڪيل ڏوهن جو اعتراف ڪري. 12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل پرويز مشرف، نواز شريف جي حڪومت ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو.