آئزن هاور: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 1:
{{صندوق معلومات شخص}}
 
'''''آئزن هاور''' ({{lang-en|Eisenhower}}) آمريڪي جنرل ۽ مدبر، [[آمريڪا جون گڏيل رياستون|آمريڪا]] جو چوٽيهون صدر رهيو. هو 1890ع ۾ ڊيني من (ٽيڪساس) ۾ پيدا ٿيو.''<ref name="سنڌيانا">[http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%A6%D8%B2%D9%86%20%D9%87%D8%A7%D9%88%D8%B1 ''انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون.''] ''سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.''</ref>
 
== ''سفر'' ==
 
''1915ع ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيو. ٻي جنگ عظيم شروع ٿي ته آمريڪي چيف آف اسٽاف، جنرل مارشل جي آفيس ۾ برگيڊيئر جنرل جي حيثيت سان جنگي منصوبه بنديءَ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. جون 1942ع ۾ يورپ ۾ آمريڪي فوج جو ڪمانڊر بڻايو ويو. نومبر 1942ع ۾ اتر آفريڪا تي اتحادي فوجن جي حملي جي اڳواڻي ڪئي. جنوري 1943ع ۾ مغربي يورپ ۾ اتحادي فوج جو سپريم ڪمانڊر بڻايو ويو. 1944ع ۾ جنرل جي عهدي تي فائز رهيو. 6 جون 1946ع ۾ فرانس تي حملو ڪيائين ۽ پوءِ وري مغربي يورپ ۽ جرمنيءَ تي حملن جي ڪمان سنڀاليائين. 1945ع کان 1948ع تائين آمريڪي فوج جو چيف آف اسٽاف رهيو. ان کانپوءِ رٽائرڊ ٿي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ جو صدر ٿيو. 1951ع ۾ نيٽو فوج جو ڪمانڊر بڻايو ويو.'' <ref name="سنڌيانا"/>
 
== ''سياست'' ==
 
''1952ع ۾ ري پبلڪن پارٽيءَ طرفان صدارتي چونڊن ۾ حصو ورتائين. ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوار کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿيو. 1956ع ۾ ٻيهر صدارتي چونڊن ۾ حصو ورتائين ۽ پنهنجي مخالف ايڊلائي سيٽونسن کي ٻيو ڀيرو شڪست ڏئي صدر چونڊجي ويو. 1961ع ۾ سياست تان رٽائرمينٽ ڪيائين. آئزن هاور ويٽنام ۾ ايٽمي هٿيارن جي استعمال جو زبردست حامي هو. هو 1969ع ۾ وفات ڪري ويو.''<ref name="سنڌيانا"/>
 
== ''حوالا'' ==
{{حوالا}}