ايلسا قاضي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←‏''پڻ ڏسو'': زمرو:روڊولسٽٽ جا ماڻهو Category:People from Rudolstadt
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 22:
 
==علامہ آء آء قاضي سان شادي==
ھُنن ٻنھي جي پھرين ملاقات 1908ع ۾ انگلينڊ جي شھر لنڊن ۾ ھڪ ٽرين ۾ سفر ڪندي ٿي ھئي. آمھون سامھون سيٽن تي ويٺل اوڀر جي ھُن ڳڀرو نوجوان جي چھري تي حجابن جا ڪيترائي انڊلٺي رنگ ڏسي، اولھه جي ھن شاعره ۽ چترڪار کان رھيو ڪونه ٿيو ۽ اُمالڪ کانئس پڇي ورتائين ته سندس اَباڻڪو ملڪ ڪھڙو آھي ۽ ھو ھتي ھن ملڪ (انگلينڊ) ۾ ڇا ٿو ڪري ۽ جڏھن اوڀر جي ھن لڄاڙي نوجوان کيس ٻڌايو ته 1907ع کان ھتي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيل آھي. ڳالھه تعليم جي موضوع کان وڌي شاعري، ادب، فلسفو، ٿياسافي، آرٽ ۽ ٻين انيڪ علمي موضوعن کان ٿيندي ھڪ ٻي ملاقات جي وعدي واري پڄاڻيءَ تي پھتي، اھڙي ئي ھڪ ملاقات ۾ سنڌي پريمڪائن وانگر ھن اولھه جي چترڪار، شاعره ۽ ليکڪ ھڪ وڏي رومال تي ڀرت ڀري سندس نانءُ سان گڏ ”تنھنجي ايلسا سيپٽمبر 1908ع“Your’s”) (Elsa Kazi September 1908 سوکڙيءَ طور ڏنو ھو، اھي ملاقاتون 1910ع ۾ شاديءَ جي مقدس ٻنڌڻن ۾ بدلجي ويون.<ref name="autogenerated1">{رسالو: سرتيون؛مضمون:امڙ ايلسا قاضي؛از:فھميدہ قريشي؛ اپريل 2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}</ref>پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:ولايت ۾ علامہ شادي هڪ جرمن خاتون محترمه ايلسا سان ٿي، جنهن کي اسان علامه صاحب جا شاگرد مدر (Mother) ڪري سڏيندا هئاسون. اِها هڪ نهايت فضيلت ڀري خاتون هئي. سندن باري ۾ هڪ دفعي علامہ فرمايو تہ ”هن مون کي بنايو ۽ مون هن کي بنايو.“ ٻئي هڪ طبيعت هئا، فرق فقط هيءُ هو ته مدر لطيف فنن جي مالڪياڻي هئي ۽ قاضي صاحب جن ’علامه‘ هئا. مدر، قاضي صاحب جن کان پري گهڻو وقت رهي نه سگهندي هئي. لاچار ڊيوٽيءَ وارو وقت سندن دوري برداشت ڪندي هئي. شل نه علامه صاحب جن جي طبيعت ٿورڙو به ناساز ٿئي، پوءِ ڪنهن کي به علامه صاحب جن سان ملڻ نه ڏيندي هئي. چاڪائيءَ ۾ به کين گهڻو ڳالهائڻ نه ڏيندي هئي ۽ اسان کي چوندي هئي ته توهان به ڳالهايو ته کين ڳالهائڻ کان وقفو ملي<ref name ="جتوئي" > مضمون:علامه آءِ. آءِ. قاضيؒ هڪ عجيب شخصيت ۽ عظيم مفڪر؛ليکڪ:پروفيسر علي نواز جتوئي(رسالو؛ مهراڻ 1986ع ايڊيٽر؛
نفيس احمد شيخ جلد؛ 35 ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ سال :جنوري - مارچ 1986ع)</ref>.
 
==خدمتون==