خادم جسڪاڻي (انگريزي:Khadim Jiskani) سنڌ پاڪستان۾ پيدا ٿيندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر آهي.[1]

خادم جسڪاڻي

زندگي جو احوال سنواريو

خادم حسين جسڪاڻي سنڌ جي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي شھر جوهي ۾ ﷲ بخش جسڪاڻي جي گهر ۾ 20 جولاءِ 1975ع تي جنم ورتو.[2]

تعليم سنواريو

خادم جسڪاڻي پرائيمري تعليم کان سيڪنڊري تعليم پنهنجي شهر جوهي مان حاصل ڪئي. انٽر سائنس استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ڪيائين. گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين ۽ اليڪٽرانڪس ۾ ڊپلوما ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد منجهان 1997ع ۾ پاس ڪيائين.[2]

شاعري سنواريو

خادم جسڪاڻي شاعري جي شروعات سال 1990ع ۾ ڪئي. سندس شاعري مختلف معياري رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهي. جن ۾ ڪاوش مئگزين، عبرت مئگزين ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو رسالو ٽماهي مهراڻ قابل ذڪر آهن.خادم جسڪاڻيءَ جي شاعري شاعرن جي گڏيل ڪتاب وڻ وڻ منجهان واس ۾ پڻ شامل آهي.[3] هن سنڌي شاعريءَ جي مختلف جديد صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي.[4][5][6]

حوالا سنواريو

  1. "سنڌي ادبي سنگت جو مقصد". sindhiadabisangatsindh.com. حاصل ڪيل 2020-01-06. 
  2. 2.0 2.1 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-01-06. 
  3. "يوسف جميل لغاري (Yousif Jameel Laghari): وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس". يوسف جميل لغاري (Yousif Jameel Laghari). حاصل ڪيل 2020-01-06. 
  4. "امن مشاعري ۽ ايوارڊ تقريب جو اکي". www.sindhiadabisangatsindh.com. حاصل ڪيل 2020-01-06. 
  5. "دادو، جوہی، کے این شاہ، نواب شاہ اور شہداکوٹ میں تقاریب". Pakistan Trade Union Defence Campaign. حاصل ڪيل 2020-01-06. 
  6. "جوهي ۾ ڪهاڻيڪار سائين بخش رند جي پهرين ورسي، لفظن جي ڀيٽا". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-03-09.