حيدرآباد ٻهراڙي تعلقو

(حيدرآباد تعلقو کان چوريل)

حيدرآباد تعلقو(انگريزي: Hyderabad Taluka) يا حيدرآباد ٻھراڙيءَ وارو تعلقو (انگريزي: Hyderabad Rural Taluka ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي حيدرآباد جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام حيدرآباد، پاڪستان ۾ آھي[2] هن تعلقي جي آبادي 2011 ۾ اندازي مطابق 2 لک 84 هزار ھئي. ھن تعلقي ۾ کوڙ ننڍڙا شھر واقع آھن جن ۾ ھٽڙي، ٽنڊو قيصر، ٽنڊو ڄام، مسو ڀرڳڙي ۽ موسيٰ کٽياڻ شامل آهن.سنڌ جي سڀ کان وڏي زرعي يونيورسٽي پڻ ھن تعلقي ۾ ٽنڊي ڄام ۾ واقع آهي. حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي جنم جو ھنڌ ڳوٺ ڀينءَ پور ھن تعلقي ۾ موجود آھي. مشھور صوفي شاعر محمد فقير کٽياڻ جي مزار ھن تعلقي جي ڳوٺ سليمان خان کٽياڻ ۽ محمود فقير کٽياڻ جي مزار ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ ۾ واقع آھي.

حيدرآباد تعلقو
تعلقو حيدرآباد ٻھراڙيءَ
تعلقو
Taluka Hyderabad
حيدرآباد ضلعي جو نقشو
حيدرآباد ضلعي جو نقشو
حيدرآباد تعلقو is located in سنڌ
حيدرآباد تعلقو
حيدرآباد تعلقو
حيدرآباد تعلقو is located in Pakistan
حيدرآباد تعلقو
حيدرآباد تعلقو
جاگرافي بيهڪ: 25°24′36″N 68°28′44″E / 25.41000°N 68.47889°E / 25.41000; 68.47889
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو حيدرآباد ضلعو
آبادي [1]
 • ڪل 4,66,770

يونين ڪاؤنسلون

سنواريو

حيدرآباد ٻھراڙيءَ ۾ 20 يونين ڪاؤنسلون آهن[2] .

يونين ڪائونسل نالو آبادي 2011 آبادي 2017
يو سي-1 ھٽڙي 29197
يو سي-2 مسو ڀرڳڙي 23841
يو سي-3 موسي کٽياڻ 28803
يو سي-4 سانوڻ خان گوپانگ 23494
يو سي-5 ٽنڊو قيصر 28289
يو سي-6 ٽنڊو حيدر 23441
يو سي-7 يو سي ھوسڙي 26841
يو سي-8 مولان 22362
يو سي-9 يو سي ٽنڊو فضل 27782
يو سي-10 يو سي سيري 23745
يو سي-11 يو سي ٽنڊو ڄام 26341

حيدرآباد تعلقي ۾ ڪل 70 ديھون واقع آهن

حيدرآباد تعلقي جون ديھون[3]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 آبڙي 2 اگھيماڻي 3 عالماڻي 4 عالڻي
5 عاملپور 6 ٻاريچاڻي 7 بارھام 8 ڀنڊو جاگير
9 ڀنڊو ريئتي 10 ڀنپور 11 بلوري 12 ٻوھڪي
13 ٻوڇڪي جاگير 14 ٻوڇڪي ريئتي 15 بخشو لغاري 16 چاچا ڏيٿا
17 چکي 18 ڏاچراپور 19 ڊالي ننڍي 20 ڊالي وڏي
21 دمانچاڻي جاگير 22 دمانچاڻي ريئتي 23 ڳليون 24 گھوٽاڻا
25 گجڻ 26 گل محمد ٺورڙو 27 ھاليپوٽا 28 ھٽڙي
29 ھوتڪي 30 حسين خان ٺوڙو 31 ڪاجھر 32 ڪاٿڙي
33 ڪاٺڙو 34 خانپوٽا 35 کنجيجاڻي 36 ڪنڙ
37 لاشاري 38 ليار جاگير 39 ماٽي 40 مياڻو
41 موھارو 42 مولڻ 43 موري جاگير 44 موري ريئتي
45 ملڪي 46 ناريجاڻي 47 نورائي جاگير 48 نورائي ريئتي
49 پنھواري 50 پاسائکي 51 پٽڀاري 52 پاٽوڙو
53 رئيس 54 راھوڪي 55 راڄپري 56 رڪڻ پور
57 سھتا 58 سنھوار 59 سيري جاگير 60 سيري ريئتي
61 سپڪي جاگير 62 سپڪي ريئتي 63 سکپور 64 تڪيو جيوڻ شاھ جاگير
65 تڪيو جيوڻ شاھ ريئتي 66 ٽنڊو فضل 67 ٽنڊو قيصر 68 ٿھيم
69 ٿيٻا 70 وڍ

تاريخي ماڳ

سنواريو
  • مقبرو سيد مراد شاه، ٽنڊو قيصر

پوليس جو نظام

سنواريو

حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي ۾ سنڌ پوليس جي ٽنڊو ڄام سب ڊويزن ڪم ڪري ٿي، جنهن ۾ هيٺيان پوليس ٿاڻا آهن.

  1. ٽنڊو ڄام ٿاڻو
  2. هوسڙي ٿاڻو
  3. هٽڙي ٿاڻو

مشھور شخصيتون

سنواريو
  • محمد فقير کٽياڻ، صوفي شاعر
  • محمود فقير کٽياڻ، سرائڪي ٻوليءَ جو شاعر
  • سيد صالح محمد شاھ، ريڊيو ۽ ٽي وي جو مشھور صداڪار
  • آسي زميني، مشھور شاعر ۽ اديب
  • قيصر خان نظاماڻي، مشھور اداڪار ۽ ھدايتڪار
  • ميوو خان ڪليري، مشھور مرثيہ خوان ۽ راڳيندڙ
  1. "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. 
  2. 2.0 2.1 Taluka Municipal Administration Hyderabad (Rural), وقت 2018-12-10 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-09-10 
  3. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]