حبيب ساجد (انگريزي:Habib Sajid) سنڌي ٻوليءَ جو شاعر، ليکڪ ۽ سنڌيڪار آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

حبيب ساجد
Habib Sajid

حبيب ساجد
پيدائش ڳوٺ گل محمد بلوچ، ڪنگري تعلقو، خيرپور ضلعو، سنڌ، پاڪستان
ڌنڌو ، شاعر،ليکڪ، ريلوي ملازم
ٻولي سنڌي
رهائش ماڪا ڳوٺ، سکر
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم. ايس سي، آرڪيالاجي
مادرِ علمي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور
دور هاڻوڪو
موضوع شاعري ،نثر

زندگي جو احوال سنواريو

حبيب ساجد جو پورو نالو حبيب الله پٽ رحمت الله کورکاڻي آهي. سندس جنم 25 ڊسمبر 1968ع تي ڳوٺ گل محمد بلوچ، خيرپور ضلعو ۾ ٿيو. ان کان پوءِ ماڪا ڳوٺ سکر ۾ رهائش پذير اختيار ڪيائين.[1]

تعليم سنواريو

ڪچو پهريون ڳوٺ مان ۽ وڌيڪ ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول لقمان، خيرپورميرس مان 1980ع ۾ پرايائين، ثانوي تعليم ڪجهه عرصو ناز پائلٽ هاءِ اسڪول خيرپور مان پڙهي، ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول پريالوءِ مان 1984ع ۾ڪيائين. ايم. ايس سي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان آثار قديمه (آرڪيالاجي) جي مضمون ۾ 1994ع ۾ڪيائين.

ادبي سفر سنواريو

حبيب ساجد شاعريءَ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. سندس شاعريءَ ۽ مضمون ماهوار ڪينجهر ٽماهي مهراڻ نئين زندگيءَ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هن ڪيترو عرصو ماهوار ڪينجهر ۾ ’ڪافڪا جي ڊائريءَ‘ ۽ ’فهميده شرف بلوچ ڏي لکيل خط‘ جي سري هيٺ سلسلو هلايو. سن 2000 ۾ هن فهميده شرف بلوڇ سان هڪ سنڌي رسالو ”خواب" پڻ جاري ڪيو، ان کان علاوه هن سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ هڪ ادبي ويب سائيٽ ”سنڌويب" پڻ ٺاهي هئي. جنهن ۾ مختلف سنڌي اديبن جي خاڪن، مضمونن ۽ تصويرن سميت گهڻو ڪجهه ڏنو ويو هئو. حبيب کي فوٽوگرافيءَ سان به ڪافي چاهه آهي.[2][3][4][5]

ڪتاب سنواريو

حبيب ساجد جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:

  • (1) ’تنهنجي وئي کانپوءِ‘ (شاعري: علي عابد ۽ ابراهيم کرل سان گڏ: 1995ع)[6]
  • (2) ’چونڊ نوبل ڪهاڻيون‘ (ترجمو: ممتاز بخاريءَ سان گڏ: 1996ع)
  • ان کان سواءِ هن پئبلو نرودا، امارو ۽ شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ تي ’چنڊ، سمنڊ ۽ خواب‘ عنوان سان ڪتاب ترتيب ڏنو آهي.
  • نٺري نظمن جو ڪتاب "پرين گهاٽ" تياريءَ جي مرحلي ۾ آهي.

ملازمت سنواريو

حبيب ساجد ريلوي کاتي ۾ ٽرين انچارج جي نوڪري ڪري رهيو آهي.

حوالا سنواريو