حاجي دائود آدمجي

حاجي دائود[1] 30 جون 1880ء تي گجرات (ڀارت) ۾ ڄائو. سندس تعلق ميمڻ برادريءَ جي باواني خاندان سان آهي. سندس والد جو نالو حاجي دائود ۽ والده جو نالو حنيفه ٻائي هو. سندس تعليم محدود هئي ۽ کيس پنهنجي انهيءَ گهٽتائيءَ جو احساس هميشه رهيو، جنهن جي ازالي لاءِ هن بهترين تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. آدمجي 15 سالن جي عمر ۾ برما هليو ويو، جتي هڪ فرم ۾ 25 روپيا ماهوار معاوضي تي ملازم ٿيو. 18 سالن جي عمر ۾ شاديءَ کان پوءِ پنهنجي والد جي ڪاروبار ۾ مدد ڪرڻ لڳو. 1899ء ۾ هن ”حاجي دائود بيگ محمد“ جي نالي پنهنجي ذاتي فرم کولي. 1912ء ۾ پنهنجي ڀاءُ عبدالستار جي تعاون سان ڪاروبار وڌايائين ۽ رنگون ۾”اي. ايس. آدمجي ائنڊ ڪمپنيءَ“ جي نالي سان هڪ نئين ڪمپني کوليائين. 1933ء ۾ ”ميمڻ ايڊيوڪيشنل ائنڊ ويلفيئر سوسائٽي“ قائم ڪيائين.

تحريڪ پاڪستان جي حوالي سان سر آدمجيءَ کي وساري نٿو سگهجي. مسلمانن جي مالي مدد ۾ پئسو پاڻيءَ وانگر وهايائين. 1946ء ۾ جڏهن مسلم ليگ اعلان ڪيو ته مسلمان پنهنجا سرڪاري خطاب واپس ڪن ته سر آدمجيءَ به پنهنجو ”سَر“ جو خطاب انگريز سرڪار کي واپس ڪري ڇڏيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ آدمجي لڏي ڪراچيءَ آيو، ۽ اچڻ سان ئي ”ڌمي ٻائي گرلز اسڪول“ جي عمارت ٽن لکن روپين ۾ خريد ڪري، ”ميمڻ ايڊيوڪيشنل ائنڊ ويلفيئر سوسائٽيءَ“ کي بورڊنگ هائوس لاءِ وقف ڪيائين. پوءِ ”مسلم ڪمرشل بئنڪ“ قائم ڪيائين. ”آدمجي سائنس ڪاليج“ به سندس ڪوششن جو نتيجو آهي. 27 جنوري 1948ء تي وفات ڪري ويو. ڪراچيءَ ۾ مدفون آهي.