جيوڻي ٻائي
جـيـوڻي ٻائي ڌيءَ ڦڪـو گـرگلـو، 22 جنوري 1901ع ۾ هندستان جي راجپوتانا علائقي جي ’ڀيلواڙ‘ رياست ۾ ڄائي. سندس اصل نالو جيدي هو، پر جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان سنڌ هند ۾ مشهور ٿي.[1] هوءَ اڳتي هلي سنڌ جي هاڪاري ڳائڻي ثابت ٿي. سندس آواز ۾ اهڙو ته جادُو هو جو ٻڌڻ وارن جون دليون موهجي ويـنـديـون هـيـون.
شروعاتي دور
سنواريوجيـوڻيءَ جا والدين پن تي گذران ڪندا هئا ۽ کيس به ان جي تربيت ڏني وئي. هوءَ جڏهن ستن اٺن سالن جي ٿي ته پاڻ ۽ پنج ٻيون ڇوڪريون گڏجي در در تي سئن به هڻنديون هيون ۽ ڳيچ به ڳائينديون هيون. 1918ع ۾ ڦڪو پنهنجي وطن کي ڇڏي ملتان وڃي ويٺو، جتي جيوڻيءَ جي ملاقات مشهور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جيڪو سندس آواز ۽ شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو جيوڻي ٻائيءَ کي رئو پارائي، پنهنجي ڌيءَ بنائي، کيس راڳ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. ڦڪي جو سڄو خاندان امير خان جي قرب ۽ صحبت ۾ هڪ ڏينهن ساڻس گڏجي حضرت شمس تبريز جي متوليءَ جي هٿ تي مسلمان ٿيو. ان بعد ڦڪو فتح محمد ٿي ويو ۽ جيوڻي در در تي وڃي خيرات وٺڻ بند ڪئي ۽ استاد امير خان جي معرفت ميلن ملاکڙن ۽ محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي، فني منزلون طئي ڪندي رهي. ملتان کان ڪراچيءَ تائين کيس راڳ جون دعوتون ملڻ لڳيون.
جيوڻي سنڌ ۾
سنواريوسنڌ جا ماڻهو کيس گهڻو چاهيندا هئا ۽ پنهنجي محفلن ۾ کيس گهرائيندا هئا. هڪ دفعي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي تي جيوڻي آيل هئي، اتي سندس ملاقات سنڌ جي مشهور راڳي استاد خير محمد خان سان ٿي، جنهن کي جيوڻيءَ جي راڳ ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ جيوڻي به استاد کان متاثر ٿي. آخر استاد خير محمد خان جي صحبت ۾ جيوڻي ملتان ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿي ۽ استاد خير محمد خان کان راڳ جا سبق سکيائين. خاص ڪري سنڌي ڪافي ڳائڻ جي سکيا ورتائين. پوءِ ته سڄيءَ سنڌ ۾سندس آواز گونجڻ لڳو، هوءَ سنڌ جي هر ميلي ۾ استاد خير محمد خان سان گڏ هوندي هئي. هڪ ڀيري شاهه قادريءَ جي ميلي تي استاد بيبو خان، استاد خير محمد خان، سيد قاسم علي شاهه، ڀورو سک، ماسٽر چندر ۽ ٻيا مشهور فنڪار اچي شامل ٿيا، پر ميلي جي محفل موسيقي جيوڻيءَ کٽي ورتي. سندس آواز ٻڌي ماسٽر چندر گهڻو متاثر ٿيو ۽ مهاراج ترسي داس کي چيائين ته جيوڻيءَ کي ڪراچي وٺي اچ ته جيئن سندس آواز رڪارڊ ڪرايون. مهاراج ترسي داس جيوڻيءَ کي ڪراچيءَ وٺي ويو، ماسٽر چندر کيس رڪارڊنگ بابت سکيا ڏني. ڪمار خان جي موسيقيءَ ۾ جيوڻي ٻائيءَ جي آواز ۾ پهريون رڪارڊ انجنيئر لال چند رڪارڊ ڪيو. سڄي سنڌ ۾ هر طرف جيوڻيءَ جي سريلي آواز جي واهه واهه ٿي ويئي. جيوڻي پاڻ به شاعره هئي، تنهنڪري ٻه ٽي رڪارڊ پنهنجن ڪلامن جا به رڪارڊ ڪيائين. ان کان سواءِ هوءَ حاجي شاهه ۽ پرسرام ضياءَ جا ڪلام ڳائيندي هئي. جيوڻي ٻائي سنڌ ۾ 1928ع ۾ راڻيپور جي بزرگ صالح شاهه جي مريدياڻي ٿي. هن ئي بزرگ سندس نالو جيدي مان بدلائي ’جيوڻي ٻائي‘ رکيو هو. جيوڻي حيدرآباد جي هڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي.
شادي
سنواريو1932ع ۾ هن هڪ شخص نواب ماڪا سان شادي ڪئي، پر هن کي ڪو به اولاد نه ٿيو. جيوڻي ٻائي وڏي سريلي فنڪاره هئي. هن پنهنجي وقت ۾ ايترو ته نالو پيدا ڪيو، جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ پورن تيرهن سالن تائين سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. ڪاري رنگ وڏين اکين، ڀريل جسم، ڊگھي قد، گول ۽ سونهندڙ چهري واري جيوڻي ٻائي پُروقار ۽ باعزت عورت هئي. پاڻ روزي نماز جي پابند هئي، کيس پنجن تنن سان وڏي عقيدت هئي. هٿ جي ڇوٽ هوندي هئي.
مڃتا
سنواريوجيوڻي ٻائي هز ماسٽرس وائس گراموفون رڪارڊ ڪمپنيءَ ۾ سئو کان وڌيڪ گراموفون رڪارڊ ڀرايا، جيڪي سڀ جا سڀ مقبول ٿيا. اهو ئي سبب هو، جو هن ڪمپنيءَ وارن ساڻس هڪ شاندار جشن ملهايو، جنهن ۾ ڪمپنيءَ جو ساڍن ڏهن تولن جو سونو مونوگرام کيس اوارڊ طور ڏنو ويو. سندس آواز ۾ ريڊيي پاڪستان تان رڪارڊ اڄ تائين نشر ٿيندا رهندا آهن، جن ۾ ’قابو ڪوٽن ۾‘ ۽ ’بي درد جي اقرار ۾ هر گز نه سچائي آ‘ جهڙا ڪلام ٻڌي، جيوڻيءَ جي ياد تازي ٿيو وڃي.
وفات
سنواريوسنڌ جي هي سدا بهار ڳائڻي 1942ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ "لوڪ ڳائڻي جيوڻي ٻائي". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-11-28.
- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011