جينھڻ سومرو
پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ھڪ يونين ڪاؤنسل وارو شھر آھي
جينھڻ سومرو(انگريزي: Jinhan Soomro) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ھڪ يونين ڪاؤنسل وارو شھر آھي. ان جو پورو نالو يو سي 19 جينھڻ سومرو آھي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ چار وارڊ آھن جن مان 4 جنرل ڪائونسلر چونڊبا آھن ۽ ھڪ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو آھي جيڪو ضلعي ڪائونسل ۾ يونين ڪاؤنسل جي نمائندگي ڪندو آهي. يونين ڪاؤنسل جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پڻ سڌي چونڊ ذريعي عھدو سنٻاليندا آھن. ھي ھڪ ننڍڙو شھر آھي جيڪو پنياري ڪينال جي ڪپ تي ٽنڊو محمد خان ۽ بدين جي بارڊر تي واقع آهي. شھر م ھڪ حضرت حبيب رحمان سومرو جي نالي سان ھڪ پراڻو مدرسو پڻ واقع آهي. ھن يو سي ۾ قادر ڏنو شاھ ڳوٺ، احمد پليجو ڳوٺ پڻ واقع آهن.
جينھڻ سومرو | |
---|---|
سنڌ جي يونين ڪاؤنسل | |
Jinhan Soomro | |
جاگرافي بيهڪ: 24°55′30″N 68°18′35″E / 24.92500°N 68.30972°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ٽنڊو محمد خان |
صحت
سنواريوھتي جي ماڻھن کي چويھ ڪلاڪ صحت جي سھولت لاء سرڪار پاران ھڪ بيسڪ هيلٿ يونٽ ڪم ڪري ٿو.
مشھور شخصيتون
سنواريو- حبيب رحمان سومرو
- عبدالخالق سومرو اڳوڻو ايم پي اي
- عبدالڪريم سومرو ايم پي اي