جمعو اگھم ( يو سي)


يو سي 2 جمعو اگھم (انگريزي: U C 2 Jumo Agham) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي رتوديرو جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن جيڪا رتوديرو شھر جي حدن سان لڳولڳ اتر اولھ ۾ واقع آهي. ان جي ڪل آبادي 15,180 آهي [1]. ھن يو سي جو پراڻو نالو يو سي ڳچل ھيو ھن يونين ڪاؤنسل ۾ جمعو اگھم ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ اگھم، ڳچل، ھڪڙا، بروھي، اوڍا، بوزدار، ابڙا، ڪوش ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ غلام حسين ھڪڙو، ديھ ڳچل ، ديھ ڪلر سرڪاري، ڳوٺ جمعو اگھم، ڳوٺ اعتبار بروھي، ميول ڪوٽ، ڳوٺ وريام اوڍو، ڳوٺ ٺانگو خان بوزدار، ديھ بچل، ڳوٺ باھو خان ڪوش، ڳوٺ سردار جبران ،. ڳوٺ شاھپور ۽ ٻيا شامل آهن.

جمعو اگھم
يو سي جمعو اگھم 2
يونين ڪاؤنسل
رتوديرو تعلقي جي يو سي 2
جمعو اگھم is located in سنڌ
جمعو اگھم
جمعو اگھم
جمعو اگھم is located in Pakistan
جمعو اگھم
جمعو اگھم
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°49′31″N 68°14′38″E / 27.82528°N 68.24389°E / 27.82528; 68.24389مڪانيت: 27°49′31″N 68°14′38″E / 27.82528°N 68.24389°E / 27.82528; 68.24389
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو رتوديرو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 15,180

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين محمد يوسف ابڙو ۽ وائيس چيئرمين بقاء الله بروھي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ٺانگو خان بوزدار جو حاڪم علي بوزدار ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. ھن يو سي ۾ ڳوٺ جمعو اگھم ۾ ھڪ بيسڪ هيلٿ يونٽ پڻ واقع آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/