جمال الدين بخاري
مشهور ڪميونسٽ رهنما ڪامريڊ جمال الدين بخاري جو اصل نالو سيد جمال الدين ولد سيد زين العابدين بخاري هو. هن 14 مارچ 1900ع ۾ هندستان جي شهر احمد آباد ۾ جنم ورتو. سندس وڏن جو تعلق اُچ جي بخاري ساداتن سان هو. جتان پوءِ سندس وڏا لڏي اچي احمدآباد جي ”سنڌي واڙي“ ۾ رهائش پذير ٿيا. سندس والد احمدآباد جي هڪ اسڪول جو پرنسپال هو. هن پنهنجي فرزند کي مدرسي جي شروعاتي -تعليم- بعد جرمنيءَ اعليٰ تعليم لاءِ موڪليو. هن 1914ع ۾ جونيئر ۽ سينيئر ڪئمبرج پاس ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم لنڊن ۽ علي ڳڙهه ۾ حاصل ڪئي. 1920ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين. اُن بعد هو ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا ۾ شامل ٿي چڪو هو ۽ ان جو ڪُل وقتي ڪارڪن ٿي رهيو ۽ ڪجهه عرصو ڪميونسٽ پارٽي، انڊيا جي سيڪريٽري پڻ رهيو. هن اڃا اعليٰ تعليم ۾ مس قدم رکيو ته خلافت تحريڪ جو آغاز ٿي چڪو هو. جمال الدين بخاري جي والد 1919ع ۾ لاڙڪاڻي خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ ان بعد پاڻ پنهنجي پٽ جمال الدين کي مولانا محمد علي جوهر جي والده ”بِي امان“ سان گڏ لاڙڪاڻي جي ٻين اجلاسن ۾ موڪليندو هيو. هن 1919ع ڌاري روس ۾ ڪامريڊ لينن سان پڻ ملاقات ڪئي. ان وقت ساڻس گڏ مولانا عبيدالله سنڌي به هو. ڪامريڊ جمال جي والد 1922ع ۾ وفات ڪئي. جمال الدين بخاري سياست ۾ مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا حسرت موهاني جو اثر قبول ڪيو. هن 1920ع کان ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. خلافت تحريڪ ۾ شموليت دوران 1922ع کان 1948ع تائين ڪُل 18 سال جيل به ڪاٽيائين. 1923ع ۾ الوحيد ۾ ڪم ڪرڻ سان هن صحافت ۾ پير پاتو. پاڻ مختلف وقتن تي مختلف اخبارون ڪڍندو رهيو. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران هفتيوار "چنگاري" (سنڌي)، "صداقت" (سنڌي) روزانامه "آزادي" (اردو)، اخبارون جاري ڪيائين. لاڙڪاڻي ۾ اچي رهڻ کانپوءِ هفتيوار "نيو ايرا" (انگريزي) ۽ "انصاف" (سنڌي) اخبارون ڪڍيائين. 1940ع ڌاري سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شموليت ڪيائين، ڪامريڊ عبدالقادر صدر ۽ جمال الدين بخاري سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. 1943ع ۾ شادي ڪيائين. ٻئي زال مڙس انقلابي هئا. 1946ع ۾ رائل انڊين نيوِي جي بغاوت جي حمايت ۾ ڪميونسٽ پارٽي طرفان عيدگاهه ميدان ڪراچيءَ ۾ وڏو اجتماع ڪرايائين، جنهن تان ناراض ٿي سرڪار ڪميونسٽ پارٽي تي بندش وڌي. 1946ع کان 1949ع تائين پاڪستان ڪيمونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري رهيو. 1949ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. هو سرگرم صحافي، سياستدان ۽ سماجي ورڪر هو ۽ کيس سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان پيار هو. ڪامريڊ جمال الدين، سائين جي. ايم. سيد ۽ حيدر بخش جتوئي سان گڏ پڻ ڪم ڪيو. چين جو وزيراعظم، چِو اين لائي، مصر جو صدر، جمال ناصر، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻيا اڳواڻ سندس صلاحيتن جا قائل هئا. ان ڀارت، روس، چين، جرمني، انگلينڊ، ايران، عراق، سعودي عرب، ازبڪستان، آذربائيجان، افغانستان، برما، ٿائيلينڊ، سري لنڪا فرانس، چيڪوسلواڪيا، هالئنڊ، بيلجيم، بيت المقدس، ترڪي، شام، بلغاريه، رومانيه، آئرلينڊ، سائوٿ آفريڪا، مصر وغيره جا دورا ڪيا. جوانيءَ ۾ حج به ڪيائين. جواهر لال نهرو به هن جي صلاحيتن جو قائل هو، جنهن کيس 1961ع ۾ هندستان جي مرڪزي وزير ٿيڻ جي آڇ ڪئي، پر هن سنڌ ۽ سنڌين سان عشق سبب سنڌ نه ڇڏڻ سبب معذرت ڪئي. هن 1948ع ڌاري اسٽالن سان ڪميونسٽ پاليسيءَ تي کليل اختلاف ڪيا، جنهنڪري پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽريءَ جي جاءِ تي سندس بدران سجاد ظهير کي آندو ويو. هن اعليٰ پائي جي سياسي، سماجي شخصيت 17 ڊسمبر 1984ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.[1]