تيجن ٻائي

هندستاني ڳائڻي

تيجن ٻائي
Teejan Bai
پيدائش اپريل 1956 (عمر 67–68 سال)
گنياري ڳوٺ, درگ, ڇتيس ڳڙھ
پيشو پنداواني لوڪ ڳائڻي
جيون ساٿي توڪا رام
اعزاز پدم وڀوشن 2019
پدم ڀوشن 2003
پدم شري 1987
سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ 1995 فوڪوڪا پرائز 2018

تيجن ٻائي (پيدائش: 24 اپريل 1956) ڇتيس ڳڙھ سان تعلق رکندڙ روايتي پرفارمنگ آرٽ پانڊواني جي هڪ ماهر آهي، جنهن ۾ هوءَ راڳ سان گڏوگڏ مهاڀارت جي ڪهاڻين کي بيان ڪندي آهي. هن کي 1987 ۾ پدما شري، 2003 ۾ پدم ڀوشن ۽ ڀارت سرڪار پاران 2019 ۾ پدم وڀوشن ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي، انکانسواءِ 1995 ۾، هندوستان جي نيشنل اڪيڊمي آف ميوزڪ، ڊانس اينڊ ڊراما جي طرفان سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو آهي.

سوانح حيات سنواريو

مُنڍ واري زندگي سنواريو

تيجن ٻائي ڀالائي جي 14 ڪلوميٽر (8.7 ميل) اُتر ۾، گنياري ڳوٺ ۾ چونڪ لال پارڌي ۽ ان جي گهرَواري سکوتي جي گهر ۾ جنم ورتو هيو.[1] هيءَ ڇتيس ڳڙھ رياست جي پارڌي شيڊولڊ ٽرائب سان تعلق رکي ٿي. پنهنجي پن ڀينرن ڀائرن ۾ سڀ کان وڏي آهي، هن پنهنجي نانا، برجلال پراڌي، کي ڇتس ڳڙهي هندي ۾ ڇتيس ڳڙھ جي ليکڪ سبل سنگھ چوهاڻ پاران لکيل مهاڀارت ڳائيندي ٻُڌو ۽ تُرت ئي ان کي پسند ڪيائين هن تُرت ئي ان جو گهڻو ڀاڱو ياد ڪري ورتو ۽ پوءِ ان لاءِ اميد سنگھ ديشمک کان غير رسمي تربيت حاصل ڪيائين.

ڪيريئر سنواريو

هندستان ڀون ڀوپال ۾ پرفارمنس کانپوءِ تيجان ٻائي

13 سال جي ڄمار ۾، هن پاڙيسري ڳوٺ، چندراکوري (درگ) ۾ 10 روپين ۾ پنهنجي پهرئين عوامي ڪارڪردگي ڏيکاري. جتي هن 'پنداواني' جي ڪپلڪ شيلي (انداز) ۾ گانو ڳايو، جيڪو ڪنهن ناريءَ جي لاءِ پهرون ڀيرو هيو، جيئن تہ روايتي طور تي زائفائون زافئاڻِ جي ويهڻ واري انداز ۾ ويدماتي ۾ ڳائينديون هيون. ان روايت جي اُبتڙ، تيجن ٻائي پنهنجي مخصوص گٽورل آواز ۽ اڻ چُڪ جوش سان ڏاڍيان آواز ۾ گانو پيش ڪيو، جيڪو ان مهل هڪ مرداڻي ڳڙھ تائين داخل ٿي رهيو هيو.[2]

ٿوري ئي وقت ۾، هيءَ پاڙيسري ڳوٺن ۾ مشهور ٿي وئي ۽ خاص موقعن ۽ ميلن ۾ پرفارم ڪرڻ جي لاءِ کيس ڪانڍ موڪلي ويندي هئي. سندس وڏي مشهوري تڏهن ٿي جڏهن ان وقت مڌيا پرديش جي ٿيٽر شخصيت حبيب تنوير هن جي صلاحيتن کي پروڙيو ۽ کين ان وقت جي [[وزير اعظم ڀارت اندرا گانڌي جي لاءِ پرفارم ڪرڻ لاءِ سَڏايو ويو. وقت سان گڏوگڏ کيس قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي سُڃاڻپ ملي، 1988 ۾ هڪ پدما شري ايوارڊ،[3] 1995 ۾ سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ ۽ 2003 ۾ پدم ڀوشن ايوارڊ کيس مليا. 1980 جي ڏهاڪو جي مُنڍَ ۾، هيءَ هڪ ثقافتي سفير جي حيثيت سان پوري دنيا ۾ انگلينڊ، فرانس، سويٽزرلينڊ، جرمني، ترڪي، تيونس، مالٽا، قبرص، رومانيا ۽ ماريشيس تائين جي مُلڪن جو سفر ڪندي رهي.[4] هن جواهر لال نهرو جي ڪتاب تي ٻَڌل شيام بينيگل جي مشهور درشن ٽي وي سيريز ڀارت ايڪ کوج ۾ مهاڀارت جا سلسليوار ناٽڪ پيش ڪيا.[5]

اَڄ هيءَ پنهنجي نرالي لوڪ گائيڪي ۽ پنهنجي سگهاري آواز سان سموري دنيا ۾ ٻُڌندڙن کي موهي رهي آهي. ۽ پنهنجي گائڪي کي نوجوان نسل تائين پهچائي رهي آهي.

ذاتي زندگي سنواريو

جيتوڻيڪ سندس پرڻو 12 سال جي ڄمار ۾ ئي ٿي ويو، پر سندس، 'پارڌي' قبيلي، هڪ ناري هوندي، پانداواني گائڻ سبب هن کي برادريءَ منجهان نيڪالي ڏئي ڇڏي. هن پنهنجي لاءِ هڪ ننڍڙي جهونپڙي ٺاهي ورتي ۽ پاڙيسرين کان ٿانءَ ۽ کاڌو اوڌر تي وٺِي، پاڻ ئي ان جهوپڙي ۾ رهڻ لڳي، پور پوءِ بہ هن پنهنجي ڳائڻ (گائيڪي) کي ڪڏهن نہ ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن ان لاءِ قيمت پڻ ڀري.[6] هيءَ ڪڏهن بہ پنهنجي پهرئين مُڙس جي گهر واپس نہ وئي ۽ پوءِ جُدا (طلاق) ٿي وئي. ايندڙ ڪُجھ سالَن کانپوءِ، هن جي ٻہ ڀيرا شادي ٿي ۽ پوءِ هي ڏاڏي بڻجي وئي.

ڪارڪردگي جو انداز سنواريو

پانداواني جي لفظي معنيٰ آهي پاندواس جون آکاڻيون، مهاڀارت جي افسانوي ڀائر ۽ ان سان گڏ هڪ هٿ ۾ ايڪتارو يا تمبورو ۽ ڪنهن مهل ٻئي هٿ ۾ ڪرتال سان اوزارن سان گڏ گانو ٺاهڻ ۽ ڳائڻ شامل آهي. کبھی کبھی کسی گدا کی شناخت، ڀيما جي لَٺ يا ارجن جي نوڙت يا گهوڙو گاڏي، جڏهن تہ ڪنهن ٻئي مهل هي راڻي دراوپدي جي مٿي جا وارَ بڻجي ويندي آهي، جنهن سان هيءَ اثرائتو، سَوِلو ۽ صاف دلي سان مختلف ڪردار نڀائي سگهي ٿي.[7] ڀيشما ۽ ارجن جي وچ ۾ دراوپادي چيهارن، دوشانا وڌ ۽ مهاڀارت يوڌ، هن جي مشهور پرفارمنس آهن.

ايوارڊ سنواريو

16 مارچ، 2019 تي نئي دهلي جي راشٽرپتي ڀوَن ۾، هڪ سيڙپڪاري تقريب ۾، صدر، شري رام ناٿ ڪووند، شريمتي تيجن ٻائي کي پدم وڀوشن ايوارڊ ڏئي رهيو آهي

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. Pandavani
  2. دي هندو, 13 ڊسمبر, 2004, وقت 2007-03-10 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-03-08 
  3. احمدآباد,فيبروري 23, 2000, وقت 2004-11-06 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-03-08 
  4. Teejan Bai, Rediff.com
  5. YouTube: Bharat Ek Khoj - Episode 5 - Mahabarata I
  6. The Hindu, Nov 26 2005, وقت 2009-01-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-03-08 
  7. Teejan Bai performance, The Tribune, November 16, 2002
  8. Sangeet Natak Akademi Award winners آرڪائيو ڪيا ويا 14 May 2007[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  9. دي ٽائمز آف انڊيا, 12 آڪٽوبر 2003, وقت 2012-10-18 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-03-08 
  10. انڊين گورنمنٽ پدما ايوارڊز
  11. "Teejan Bai|Laureates" (ja-JP ۾). Fukuoka Prize. http://fukuoka-prize.org/en/laureate/prize/cul/teejanb.php. 
  12. منسٽري آف هوم افيئرز, انڊيا. 25 جنوري 2019

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو

سانچو:پدم وڀوشن سانچو:پدم ڀوشن ماڻيندڙ 2000–09