تونسہ
تونسہ شريف : (انگريزي: Taunsa Sharif) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي ديرا غازي خان جو ھڪ شھر ۽ تونسہ تحصيل جو صدر مقام آهي جيڪو انڊس ھاء وي تي سنڌوندي جي ڀرسان واقع آھي. [1] ھن شھر ۾ صوفي بزرگن جون مزارون ۽ مقبرا واقع آهن جن ۾ سڀ کان مشھور بزرگ محمد سليمان تونسوي آھي
تونسہ تونسہ شريف | |
---|---|
شھر | |
پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 30°42′20″N 70°39′28″E / 30.70556°N 70.65778°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | پنجاب |
ضلعو | ديرا غازي خان ضلعو |
Tشھر | 1 |
Uيونين ڪائونسلون | 13 |
پکيڙ | |
• ڪل | 300 ڪ.م2 (100 ميل2) |
بلندي | 157 ميل (515 ft) |
ھن شھر جي آبادي بلوچ ۽ پٺاڻ قبيلن ۽ ذاتين تي مشتمل آهي. شھر جو نالو تونسہ پاڻي جي ڪمي جي ڪري پيو. ان لفظ جي معني آهي تاس يا اڃ. ھن شھر جي لڳ ڏکڻ طرف ڪجهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي تونسہ بيراج سنڌوندي تي واقع آھي جيڪو 1958 ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ جنھن ذريعي ويھ لک ايڪڙ زمين آباد آھي. سردار عثمان خان بوزدار ۽ خواجه ناظم الدين جو تعلق ھن شھر سان آھي.
حوالا
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ Tehsils & Unions in the District of D.G. Khan - Government of Pakistan آرڪائيو ڪيا ويا 2012-02-09 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.