ديھ باگوديرو يا ديھ بگوديرو (انگريزي: Deh Bagodero) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا باگوديرو تپي ۾ واقع آهي.

باگوديرو (قمبر)
ديھ بگوديرو
ديھ
Deh Bago Dero
باگوديرو (قمبر) is located in سنڌ
باگوديرو (قمبر)
باگوديرو (قمبر)
باگوديرو (قمبر) is located in Pakistan
باگوديرو (قمبر)
باگوديرو (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°34′14″N 68°00′24″E / 27.57056°N 68.00667°E / 27.57056; 68.00667
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 1,937

بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1931ع جي ديھ واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ قمبر لاڙڪاڻو روڊ واري پاسي کان قمبر شھر جو ھڪ حصو شامل ھو جنھن جي پاسي م ڳوٺ سجاول ۽ ڳوٺ فاضل واقع ھيو. ھن وقت ھن ديھ جو وڏو حصو قمبر ميونسپل ڪاميٽي ۾ شامل آهي ۽ باقي حصي ۾ ڳوٺ باگوديرو، ڳوٺ محمد عثمان راھوجو، ڳوٺ علي اڪبر جج، ڳوٺ ساجن گاڏھي ۽ ڳوٺ جلباڻي مغيري معروف ڳوٺ آھن.

جاگرافي

سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ننگر ھڪڙو، اوڀر ۾ ديھ آبڙي، ڏکڻ ۾ ديھ فيض محمد سيال ۽ اولھ ۾ ديھ قمبر واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ھن ديھ وچان وڳڻ روڊ ۽ لاڙڪاڻو روڊ کي ملائيندڙ باء پاس روڊ گذري ٿو ۽ ھڪ روڊ قمبر کان شريفاڻي ۽ خيرپور جوسو ويندڙ پڻ ھن ديھ مان گذري ٿو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,937 ھئي جيڪا 332 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]