سنڌ پاڪستان جي پنجن[1] صوبن مان هڪ صوبو، ۽ سنڌي قوم جو تاريخ وطن آهي. پکيڙ جي لحاظ کان سنڌ پاڪستان ٽيون وڏو ۽ آبادي جي لحاظ کان ٻيو وڏو صوبو آهي. سنڌ کي مهراڻ پڻ ڪوٺيو ويندو آهي. سنڌ ۾ مذهبي طور مسلمانن جي گھڻائي آهي، پر هندو، عيسائي پڻ سنڌ ۾ آباد آهن. سنڌ جي اوله ۾ بلوچستان، اوڀر ۾ ڀارت، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۽ اتر ۾ پنجاب صوبو آهي. سنڌ ۾ گھڻي ڳالهائي ويندڙ زبان سنڌي آهي. سنڌ جو نالو سنڌو درياهه مان نڪتل آهي. سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ، اڳي ڪابل ندي، گومتي (گومال) وغيره سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون هونديون هيون، تنهنڪري سنڌو رواجي ندين کان تمام گهڻو وڏي هوندي هئي ۽ سمنڊ سان ڪلهو پئي هڻندي هئي. انهيءَ سبب آڳاٽن آرين اهو نالو رکيس.هاڻوڪي سنڌ جي ايراضي 54 هزار چورس ميل آهي. جڏهن ته انگريزين جي قبضي هيٺ اچڻ وقت سنڌ جي ايراضي هڪ لک چورس ميل کان مٿي هئي.سنڌ پنهنجي مختلف ثقافت جي ڪري مشهور آهي، جنهن تي گهڻو تڻو اثر صوفين جو آهي، ڪيتريون ئي اهم صوفي مزارون سڄي سنڌ ۾ موجود آهن جيڪي لاتعداد عقيدتمند کي پنهنجي طرف ڇڪن ٿيون. سنڌ پاڪستان جو اڪيلو صوبو آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هندو رهن ٿا ان کان علاوه ڪراچي به پاڪستان جو واحد شهر آهي جتي جدا جدا نسل آباد آهن.

  1. http://www.pakistan.gov.pk/