اڇوت، هندن ۾ 4 مکيہ جاتيون يا ورڻ آهن برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر، برهمڻن کي اعليٰ يا اُچي ذات سمجهيو ويندو آهي ۽ شودرن کي گهٽ ذات جن کي اُچي ذات وارا ڇھڻ بہ پاپ سمجهندا آهن، ان ڪري مٿين ذات وارن هندن، گهٽ ذات وارن هندن کي اڇوت سڏيو، پر اڇوت حقيقت ۾ هندو نہ آهن. اهي برصغير جا اصلوڪا رهاڪو ۽ ڪجهہ وقت آزاد حڪمران هئا. هڪ نظريو آهي تہ آرين جي اچڻ سان انهن جون حڪومتون ناس ڪيون ويون ۽ کين غلام بنايو ويو ۽ سندن حق کسيا ويا ۽ حياتيءَ جي هر شعبي ۾ ذليل ڪيو ويو. ايتريقدر جو اڇوت جو پاڇو پوڻ بہ پاپ سمجهيو ويندو هو. مھاتما گانڌيءَ، اڇوتن کي ’هريجن‘ (يعني خدا يا هريءَ جا ماڻهو) جو لقب ڏنو ۽ سندن حقن لاءِ ڪوشش ڪئي.

پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ پاڪستان حڪومت سمورين اقليتن کي تسليم ڪندي سندن حق برابر رکيا آهن پر سماج ۾ ڪٿي ڪٿي اڃا بہ انهن سان مت ڀيد رکيو وڃي ٿو.[1]

حوالا سنواريو