08 آگسٽ، 1854ع تي انگريز سرڪار ڪراچي ۽ ملتان جي وچ "ڪئيمل ٽرين" (Camel Train) جي شروعات ڪئي. اُٺَ سيوهڻ، لاڙڪاڻي، شڪارپور، سکر، ڪوٽ سبزل ۽ بھاولپور کان ٿيندا ملتان ٽپال کڻي ويندا هئا. حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ جيڪب آباد ۾ هن "اُٺاڻي قافلي" جون شاخون هونديون هيون. هر ٻارنهن ڪوهن کان پوءِ اُٺَ مٽايا ويندا هئا.[1]