اور موڙي (Or muri) ٻولي اورمور (Ormur)، اورموئي (Ormui)، بارگستا (Bargista) ۽ بارڪي نالن سان بہ سڃاتي وڃي ٿي.

هي ٻولي ڪاني گرماني، لوگر (Logar) ۽ وينسي ٻوليءَ سان 27 سيڪڙو ۽ پشتو ٻوليءَ سان 25 سيڪڙي کان 33 سيڪڙو هڪجهڙائي رکي ٿي.

هي ٻولي پاڪستان ۾ ديرا اسماعيل خان، وزيرستان ۽ افغانستان جي باراڪي بارڪ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. پاڪستان ۾ هن جا 1000 ۽ افغانستان ۾، سال 2000ع ۾ هن جا 100 ڳالهائڻ وارا موجود هئا. هي موقوف ٻولي آهي. هي ٻولي هند يورپي، هند آريائي، براچي ٻولين جي شاخ مان آهي. هن ٻوليءَ تي درادي ٻولين جو اثر آهي. داردن وزيرستان تي جڏهن قبضو ڪيو هو تہ اتي اورمڙي قبيلو آباد هو.[1]

حوالا سنواريو

  1. اور موڙي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.