امداد علي امداد سروري[1] جو جنم 1959ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو مهر علي “تابع” خاصخيلي آهي. سندس خاندان جو تعلق راڳي گهراڻي سان آهي. سندس شاعري ۾ استاد مخدوم طالب الموليٰ آهي، سندس تخلص “امداد” به مخدوم طالب الموليٰ ئي رکيو هو. پاڻ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج سيوهڻ جو پرنسپل آهي.

امداد علي امداد سروري
مقامي ٻوليء ۾ نالو امداد علي امداد سروري
پيدائش 1959ع
سيوھڻ, ڄامشورو, سنڌ, پاڪستان
ڌنڌو ليکڪ
قوميت پاڪستاني
موضوع شاعري

ڇپيل ڪتاب سنواريو

1. حسين ۽ ڪربلا (شاعري)

2. سنڌ جي سونهن (شاعري)

شاعري جو نمونو سنواريو

توکي ساريندي غزل لکجي ويو، لڙڪ هاريندي غزل لکجي ويو. تڌڙا ٿڌڙا ساهه کڻندي رات جو، شمع ٻاريندي غزل لکجي ويو. تنهنجي جلون کي تصور ۾ ڏسي، پاڻ ڳاريندي غزل لکجي ويو. شهر تنهنجي ۾ مٺا اڄ اوچتو، ڏينهن ٺاريندي غزل لکجي ويو. پنهنجي محبت جي لکان تاريخ ٿو، قول پاريندي غزل لکجي ويو.

حوالا سنواريو

  1. "پروفيسر امداد علي “امداد” سروري (ولادت 1959ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون (تحقيق) (مير حاجن مير)". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-08-05.