امتياز دانش (انگريزي: Imtiaz Danish) سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ سنڌي ٻولي جو مشهور شاعر آهي.[1]

امتياز دانش

زندگي جو احوال سنواريو

ڀلوڙ شاعر امتياز دانش جو پورو نالو امتياز علي پٽ فيض محمد لوهر آهي. هن  سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ سيهڙ وليج ۾ جنم ورتو.[2]

تعليم سنواريو

امتياز دانش شروعاتي  تعليم پرائمري اسڪول سيهڙ وليج، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪري، انٽر گورنمينٽ حيدر بخش ڊگري ڪاليج ڏوڪري ۽ ايم. اي سنڌي ادب ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي.[2]

شاعري ۽ ادب سنواريو

امتياز دانش شاعريءَ جي شروعات ٻالڪ پڻ کان ڪئي. بعد ۾ هن ڪراچيءَ ۾ مختلف نڪرندڙ اخبارن جهڙوڪ:روزاني عوامي آواز ، روزاني ‘خبرون’، روزاني ‘تعمير سنڌ’، روزاني‘سوڀ’، روزاني ’هلال پاڪستان’ ۽ ٻين ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. نجي چئنلن سنڌ ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين تي ڪافي عرصو سب ايڊيٽر ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر طور پڻ ڪم ڪيو. سندس شاعريءَ توڙي ليک مختلف سنڌي، اردو توڙي انگريزي اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.[3]2012ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن جي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب پرينءَ جو عڪس ڪنول پبليڪيشن ڪراچي پاران شايع ٿيل آهي.[2]

حوالا سنواريو

  1. "New Page 1". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2020-02-22. 
  2. 2.0 2.1 2.2 "امتياز دانش : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-02-22. 
  3. "غزل......امتياز دانش -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-02-22.