اٽلي

ڏکڻ اولھ يورپ جو هڪ ملڪ
(اطالیہ کان چوريل)

2/weodata/weorept.aspx?pr.x=37&pr.

اٽالين ريپبلڪ

Repubblica Italiana  (ٻولي؟)
Flag of Italy
{{{coat_alt}}}
جھنڊو Emblem
ترانو: Il Canto degli Italiani  (ٻولي؟)
"The Song of the Italians"
تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل اٽليءَ جو نقشو . ھلڪي سائي رنگ سان ڏيکاريل يورپي يونين
تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل اٽليءَ جو نقشو . ھلڪي سائي رنگ سان ڏيکاريل يورپي يونين
گادي جو هنڌ روم
41°54′N 12°29′E / 41.900°N 12.483°E / 41.900; 12.483
سڀ کان وڏو شهر روم
دفتري ٻوليون اٽالين
مذهب
مقامي آبادي اٽالين
حڪومت يونيٽري پارليامينٽري ريپبلڪal
آئيني ريپبلڪ
• صدر
سرجيو مئٽاريلا
پائلو جينٽلوني
ماريا اليزبيٽا البرٽي ڪئسيلاٽي
رابرٽو فيڪو
مقننه پارليامينٽ
سينيٽ
چيمبر آف ڊپٽيز
اٽليء جي قيام جي تاريخ
17 March 1861
2 June 1946
1 January 1958
پکيڙ
• جملي
301٬338 km2 (116٬347 sq mi) (71st)
• پاڻي (%)
2.4
آبادي
• 2016 اندازو
60,589,445 [2] (23rd)
•  گھاٽائي
201.3 /km2 (521.4 /sq mi) (63rd)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$2.233 trillion [3] (12th)
• في سيڪڙو
$36,823[4] (32nd)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
2.050 trillion[5] (9th)
اٽلي جو نقشو

اٽلي (Italy ) جو سرڪاري نالو ريپبلڪ اطاليه (Republic of Italy) آهي، جنهن جو پراڻو نالو آسونيا ۽ اطاليه هو. قديم رياست اطاليه سبب کيس اٽليءَ جو نالو ڏنو ويو. هي ڏکڻ اولهه يورپ جو اهم ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ سوئزرلينڊ ۽ آسٽريا، اوڀر ۾ سلووينيا، سان مينو ۽ ايڊرياٽڪ سمنڊ، ڏکڻ اولهه ۾ تائرهنيان سمنڊ، اولهه ۾ موناڪو ۽ فرانس آهن. اٽلي رومي سمنڊ ۽ ايڊرياٽڪ سمنڊ وچ ۾ ٻيڙيءَ جي شڪل جو هڪ ٻيٽ نما ملڪ آهي. جنهن جي ڪل پکيڙ 301255 چورس ڪلوميٽر (116314 چورس ميل) ۽ آبادي 6 ڪروڙ آهي. گاديءَ جو هنڌ روم (Rome) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ مونٽ بلانڪ (بلندي 4807 ميٽر) آهي، هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي اطالوي/ اٽالين آهي، جڏهن ته هتي جرمن ۽ فرينچ پڻ ڳالهائجن ٿيون. هن ملڪ جي موسم وچولي آهي، ڏاکڻيان علائقا گرم، جڏهن ته اتريان علائقا سرد آهن. هتي سالياني برسات سراسري 725 ملي ميٽر پوندي آهي. اٽليءَ جي مکيه زرعي پيداوار ۾ انگور، زيتون، کٽو ميوو، ڪڻڪ، چانور، ڀاڄيون، پٽاٽا، جؤ ۽ تماڪ شامل آهن. مکيه صنتعن ۾ لوهه، مشينري، موٽر گاڏيون، ٽيڪسٽائل مشينري، بوٽ، انجينئرنگ جو سامان، ڪيميائي شيون، اليڪٽرانڪ، سيمينٽ، ڪپڙو ۽ زيتون جو تيل اچي وڃن ٿا ۽ مکيه معدنيات ۾ پارو، پوٽاش، گئس، سنگِ مرمر، تيزاب، ڪوئلو، پيٽروليم، سلفر ۽ باڪسائيٽ شامل آهي.

تاريخ سنواريو

The Colosseum in Rome, built c. 70 – 80 AD, is considered one of the greatest works of architecture and engineering of ancient history
The Roman Empire at its greatest extent, 117 AD

509 ق. م ۾ سلطنت روما قائم ٿي، جنهن جو ذڪر قرآن پاڪ جي سورة روم ۾ آهي ۽ هزار سالن تائين رومي تهذيب هتي وڏي ترقي ڪئي، موجوده گاديءَ وارو شهر روم ان وسيع سلطنت جو به گاديءَ وارو هنڌ هو. موجوده يورپ جو لڳ ڀڳ سڄو علائقو ۽ ڏکڻ ۾ يونان هن جي هٿ هيٺ هئا. اٽليءَ تي مسلمانن جو پهريون حملو خلافت راشده جي دور ۾ 655ع ۾ ٿيو. 1212ھ/1797ع ۾ هتي مسلمانن جي حڪومت 484ھ/1091ع تائين قائم رهي. 1804ع ۾ نيپولين پاڻ کي اٽليءَ جو شهنشاهه قرار ڏنو. 1814ع تي يورپ جي وڏين طاقتن نيپولين کي شڪست ڏني. پهرين عالمي -جنگ- دوران 21 آگسٽ 1915ع تي اٽليءَ ترڪيءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. 1922ع ۾ مسولينسيءَ فاشسٽ پارٽي قائم ڪئي ۽ 31 آڪٽوبر 1922ع تي شاهه وڪٽر جي مرضيءَ سان وزيراعظم ٿيو. 28 اپريل 1945ع تي مسولينيءَ کي ساٿين قتل ڪري ڇڏيو. 19 اپريل 2000ع تي وزيراعظم آليما استعفيٰ ڏني. گيولوانو آماٽو وزيراعظم ٿيو. پهرين جنوري 2002ع تي اٽليءَ ۾ يورپي يونين جي گڏيل ڪرنسي يورو رائج ڪئي وئي. اٽليءَ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 2 جون 1946ع آهي، ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 14 ڊسمبر 1955ع کان اٿس.[9]

حوالا سنواريو

  1. "The Global Religious Landscape" (PDF). Pewforum.org. وقت 24 September 2015 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 2 October 2015. 
  2. "National demographic estimate, December 2016". ISTAT. وقت 6 August 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 October 2017. 
  3. "Archived copy". وقت 8 February 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 January 2018. 
  4. "Archived copy". وقت 8 February 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 January 2018. 
  5. 5.0 5.1 http://www.imf.org/external/datamapper/datasets/WEO
  6. "Gini coefficient of equivalsed disposable income (source: SILC)". Luxembourg: Eurostat. وقت 4 March 2016 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 June 2017. 
  7. "2016 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. وقت 22 March 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 23 March 2017. 
  8. "Comune di Campione d'Italia". Comune.campione-d-italia.co.it. وقت 30 April 2011 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 30 October 2010. 
  9. اٽلي : (Sindhianaسنڌيانا)