اشرف امر لاشاري (انگريزي:Ashraf Amar Lashari) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ،نثر نويس ۽ صحافي آھي.

زندگي جو احوال سنواريو

اشرف امر لاشاري جو پورو اشرف علي لاشاري آهي. هيءُ دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي تاريخ شهر جوهيءُ ۾ مٺو خان لاشاري جي گهر ۾ 3 فيبروري 1971ع تي جنم ورتو.[1]

تعليم سنواريو

اشرف لاشاري مئٽرڪ 1987ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي مان پاس ڪئي. انٽر سائنس گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان 1990ع ۾ ڪيائين. بي اي 1992ع ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ 1994ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين.[1]

ادبي ۽ علمي خدمتون سنواريو

امر لاشاري ادبي دنيا ۾ 1988ع ۾ پير پاتو. هن شاعري ۽ مضمون نويسي ڪئي آهي. سندس مواد سنڌي ٻوليءَ جي معياري اخبارن، رسالن ۾ ڇپيل آهي. سندس ٻارن لاءِ ڪيل گيت پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر تان پڻ نشر ٿيل آهن. هن صحافتي ڪيريئر ڪي ٽي اين نيوز ڪراچي جي رپورٽر طور ڪيو جنهن سان اڄ به سلهاڙيل آهي. هن 1993ع کان جي اي ٽي استاد طور علمي خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون. 1999ع ۾ ايڇ ايس ٽي طور ترقي ماڻي. ڪجهه وقت تعليم کاتي ۾ سپروائيزر طور به خدمتون سرانجام ڏئي چُڪو آهي.[1][2][3][4]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-06-29. 
  2. "امن مشاعري ۽ ايوارڊ تقريب جو اکي". www.sindhiadabisangatsindh.com. حاصل ڪيل 2020-06-29. 
  3. "Sindhi Adabi Board Online Library (Dramas)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-06-29. 
  4. "The killers of martyr Ali Sher Rajper caught up,". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-06-29.