اسما بنت ابوبڪر
اسما بنت ابوبڪر | |
---|---|
(عربي ۾: أسماء بنت أبي بكر) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | سال 595 مڪو |
موت | آڪٽوبر 692 (96–97 سال) مڪو |
شھريت | خلافت راشده خلافت اموي |
مڙس | زبير بن العوام |
ٻار | عبدالله بن زبير |
پيءُ | ابوبڪر |
ڀاءُ ڀيڻ | |
مادري ٻولي | عربي ٻولي |
ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي |
عسڪري خدمتون | |
ترميم |
بيبي اسماء”ذات النطاقين“: Asmā' bint Abu Bakr (عربي ٻولي: أسماء بنت أبي بكر), c. 595 – 692 CE,:اسماء پندرهن سالن جي عمر ۾ ابوبڪر صديق جي دعوت تي مسلمان ٿي ھئي ..[1] هن بيبيءَ جو اصل نالو ”اسماء“ هو، ۽ خليفي حضرت ابوبڪر جي وڏي نياڻي هئي. هن کي ذات النطاقين“ جو لقب مليل هو. عربيءَ ۾ ”نطاق“ چون پٽي کي، ۽ عرب جون زالون چيلهه تي ڪپڙي جو پٽو ٻڌنديون هيون. هڪڙي ڀيري حضرت محمد ﷺ جن، هجرت کان اڳي، خليفي جي جاءِ تي آيا، ڪو ڪپڙي ٽڪر گهربل هو. هن بيبيءَ هڪدم پنهنجيءَ چيلهه جو پٽو لاهي پيش ڪيو. پاڻ اهو ڦاڙي، ٻه پٽيون ڪري ڪم آندائون، ۽ بيبيءَ کي چيائون ته ”خدا هن هڪڙي پٽي جي عيوض توکي ٻه ”پٽا“ (نطاقين) ڏيندو.“.[2]
هن جي ”زبير“ سان شادي ٿي، جو وڏو اصحابي هو، جنهن مان هن کي ”عبدالله“ پٽ هو، جو نامور ٿي گذريو آهي. عبدالملڪ بن مروان جي وقت ۾ هن مڪي ۾ نَوَ ورهيه خلافت به ڪئي. نيٺ، مشهور ظالم، حجاج بن يوسف“ کي دمشق کان عبدالله جي برخلاف موڪليو ويو، جنهن مڪي کي اچي گهيرو ڪيو، جو ست مهينا هليو، بک جي ڪري، عبدالله جا ٻارهن هزار سپاهي کيس ڇڏي هليا ويا، رڳو عبدالله سان سندس ماءُ بيبي اسماء ۽ سندس ٻه پٽ حمزو ۽ حبيب هئا، جن سان اهڙي مشڪل وقت ۾ مشورو ڪندو هو. پاڻ ماءُ کان پڇائين ته ”وڃي حجاج سان وڙهان ۽ مران“ يا وڃي پيش پئي پناهه گهرانس؟“ ماڻس جواب ڏنو ته ”ابا، جي تون وسهين ٿو ته وڃي خدا جي واٽ ۾ وڙهه ۽ سر ڏي! ضعف جي ڪري تابع ٿيڻ، اجايو آهي.“ عبدالله چيو ته ”چڱو، آءٌ ائين ٿو ڪريان، ليڪن هو مون سان تنهنجين اکين آڏو سخت عقوبتون ڪندا، سي تون صبر ڪري سهج، ۽ منهنجي حق ۾ دعا ڪج“..[2]
ماءُ _ پٽ جي وچ ۾ انهيءَ بابت گهڻي گفتگو هلي آهي. جا مزي جهڙي آهي، پر لکڻ جي ضرور ڪونه ٿو ڏسجي. آخر، ماءُ ۽ پٽن کان موڪلائي. عبدالله اٿي هليو. ڀاڪر وجهندي، بيبيءَ اسماءَ کي عبدالله جي ڪپڙن جي اندارن زرهه هٿ سان لڳي، تڏهن هن کي چيائين ته ”عبدالله جيڪي خدا جي واٽ ۾ سر ڏيڻ ۽ شهيد ٿيڻ ويندا آهن، سي زرهون ڪين ڍڪيندا آهن!“ تنهن تي عبدالله اُها زرهه لاهي ڇڏي، ۽ وڃي وڙهيو ۽ مارجي ويو. حجاج سندس سسي عبدالملڪ ڏي موڪلي، ۽ ڌڙ، خليفي جي موڪل اچڻ کانپوءِ ماڻس کي ڏنائين، جنهن پوري ڇڏيو. ڪن جو چوڻ آهي ته زبير جو ڌڙ ٻه ورهيه برابر سوريءَ تي لڙڪيو پيو هو، پوءِ دفن ٿيو، سگهوئي پوءِ، بيبي اسماء به وفات ڪئي. سندس عمر سئو ورهين کان وڌيڪ هئي.[2]
اولاد
سنواريواسماء کي زبير بن عوام مان اٺ ٻار ھئا:
- عبدالله بن زبير
- المنذر
- عاصم
- المھاجر
- خديجہ
- ام الحسن
- عائشہ
- اروہ.[3]
حوالا
سنواريو- ↑ Guillaume, A. (1955). A Translation of Ishaq’s Sirat Rasul Allah, p. 116. Oxford: Oxford University Press.
- ↑ 2.0 2.1 2.2 {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page6.html. Missing or empty
|title=
(مدد)} - ↑ Bewley/Saad p. 176.