مک مينيو کوليو

حضرت بيبي عائشہ رضہ:

عائشہ
ام المومنين
پيدائش ‘ عائشہ بنت ابي بڪر
c. 613/614 CE
وفات 13 July 678 / 17 Ramadan 58 AH (aged 64)
مدفن

جنت البقيع، مدينو،حجاز،عربستان

موجودهسعودي عرب)
مذھب اسلام
زال

حضرت محمد صہ


(m. 619 – 8 June 632)
والدين ابوبڪر (پيءُ)
ام رومان (ماء)
فوجي زندگي
جنگيون/سورهيه پھريونفتنو جنگ جمل يا اٺ واري جنگ

بيبي ”عائشه رضه“، حضرت رسول الله ﷺ جن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر رضه جي نياڻي هئي، هوءَ پيءُ جي طرف قريشي، ۽ ماءُ جي طرفان ڪناني هئي. هوءَ نبوت جي چوٿين ورهيه ۾ ڄائي هئي، ۽ مسلماني رواجي دستور موجب هن جي پرورش ٿي، جڏهن ته حضرت رسول الله ﷺ جن جي پهرينءَ بيبي خديجہ رضه وفات ڪئي، تڏهن سندن خير خواهن کين ٻيءَ شاديءَ جي صلاح ڏني، ۽ ڪي آڇون به ٿيڻ لڳيون. انهيءَ وقت، حضرت محمد ﷺ جن جي عمر پنجاهه ورهيه هئي،. نبوت جي ڏهين ورهيه پاڻ بيبي عائشہ رضه سان نڪاح ڪيائون، جا ڇهن ورهين جي هئي. کين اميد هئي ته انهيءَ شاديءَ جي ڪري خليفي ابوبڪر رضه سان وڏو ڳنڍ پيدا ٿيندو، ۽ اسلام کي مدد ملندي. ساڳئي وقت ۾، بيبي ”سوده“ سان به سندن نڪاح ٿيو. ٽن ورهين کان پوءِ حضرت محمد ﷺ جن، سڀني مسلمانن سميت، مڪي مان هجرت ڪري مديني ويا، ۽ اُتي وڃي رهڻ لڳا. تون ورهين جي عمر کان وٺي ، هيءَ بيبي حضرت محمد ﷺ جن جي صحبت ۾ رهڻ لڳي، جيتوڻيڪ مديني ۾ رهي حضرت محمد ﷺ جن ٻين به گهڻين بيبين سان نڪاح ڪيو، ته به جيتري محبت بيبي عائشہ رضه سان هين، اهڙيءَ ٻيءَ ڪنهن سان نه هين. جيتوڻيڪ ظاهري رواجي سلوڪ سڀني سان هڪجهڙو رکندا آيا. ٻيون ڪي بيبيون هن کان زياده خوبصورت هيون. جيئن ته صفيه ۽ زينب - مگر عقلمنديءَ جي ڪري، هيءَ سڀني ۾ برک هئي. اڪثر جڏهن پاڻ سفر تي ويندا هئا، تڏهن هيءَ بيبي پاڻ سان نيندا هئا. پوءِ ڪڏهن پاڻ سان گڏ ساڳئي اُٺ تي، ۽ ڪڏهن ڌار ٻئي اُٺ تي. حضرت محمد ﷺ جن پڇاڙيءَ وارو حج جو ڪيو، تنهن ۾ به هيءَ بيبي ساڻن گڏ هئي. ۽ ٻيون بيبيون به، انهيءَ ڀيري، حج لاءِ هڪ لک چوويهه هزار ماڻهو آيا هئا. جڏهن حضرت محمد ﷺ جن وفات ڪئي، تڏهن هيءَ بيبي ارڙهن ورهين جي هئي ۽ جڏهن حضرت محمد ﷺ جن قريب المرگ ٿيا، تڏهن بيبين جي اجازت سان، بيبي عائشہ رضه جي گهر اچي ترسيا، ۽ دم به اتي ڏنائون. [1]انهيءَ وقت سندن مٿو بيبيءَ جي جهوليءَ ۾ هو. حضرت محمد ﷺ جن جي وفات ڪري سڀني بيبين کي _ خاص طرح بيبي عائشہ رضه کي ڏاڍو مصيبت جهڙو صدمو پهتو، ليڪن صبر ڪري وقت گذاريائين، پر جيسين جيئري هئي. تيسين اهو غم نه وساريائين.حضرت محمد ﷺ جن جي وفات کان ٻه ورهيه پوءِ، بيبيءَ کي ٻيو صدمو سهڻو پيو- يعني سندس پيءُ حضرت ابو بڪر رضه جو، جو حضرت محمد ﷺ جن کان پوءِ، سندس جاءِ تي پهريون خليفو مقرر ٿيو هو.حضرت عثمان رضه، ٽئي خليفي جي قتل ٿيڻ کانپوءِ، جڏهن حضرت علي رضه خليفو ٿيو، تڏهن حضرت عثمان رضه جي قاتلن کي پيدا ڪري گرفتار ڪرڻ ۽ انهن کي سزا ڏيڻ مشڪل نظر ٿي آيو. ڪن ماڻهن کي اهو شڪ گذريو ته خود حضرت علي رضه جي مرضي نه هئي. ته انهن کي سزا ملي، تنهن ڪري اهي فسادي ماڻهو، بيبي عائشہ رضه کي مديني مان ساڻ وٺي، اُٺ تي چاڙهي، حضرت علي رضه وٽ ڪوفي ۾ وٺي ويا، ۽ انهيءَ سان جنگ ڪرڻ جو اتفاق ٿيو. انهيءَ کي ”جمل جي جنگ“ چوندا آهن. انهي ۾ نيٺ بيبي عائشہ رضه جو اُٺ گرفتار ٿي پيو، ۽ انهيءَ کي حضرت علي رضه وٽ وٺي آيا، جنهن گهڻيءَ عزت سان هن کي موٽائي مديني ڏي موڪلي ڏنو. حضرت محمد ﷺ جن جي وفات کان 47 ورهيه پوءِ، 57 هجري سن ۾ (676ع) ۾ معاويي جي خلافت جي ڏينهن ۾، بيبي عائشہ رضه وفات ڪئي، ۽ ”جنت البقيع“ ۾ دفن ڪئي ويئي. انهيءَ وقت سندس عمر 66 ورهين جي هئي.[1] جيڪي اصحاب ان وقت جيئرا هئا، تن کي سندس گهڻو افسوس ٿيو، جو هوءَ رسول الله ﷺ جن جي پياري بيبي هئي ۽ سندس يادگيريءَ جي هڪڙي نشاني هئي. بيبي عائشہ رضه جي فضليت ۽ بزرگيءَ لاءِ ايترو بس آهي ته هوءَ رسول الله ﷺ جن جي خدمت ۽ صحبت ۾ نو ورهيه رهي، ۽ کين گهڻي پياري هئي. هوءَ ڏاڍي قابل هئي. ٻين بيبين کان ته زياده علم واري هئي، پر گهڻي پياري هئي. هوءَ ڏاڍي قابل هئي. ٻين بيبين کان ته زياده علم واري هئي. پر گهڻن اصحابن کان به وڌيڪ هئي. گهڻن مسئلن ۾ ماڻهو کانئس پڇا ڪندا هئا، ۽ هوءَ خوشيءَ سان انهن کي پورا جواب ڏيندي هئي. هـن کي ”اُم المؤمنين“، يعنيٰ مؤمن جي ماءُ ڪري سڏيندا هئا، ۽ علميت ۽ فضيلت جي ڪري سڀ ماڻهو کيس ڏاڍي تعظيم ڏيندا هئا. ڪن ڳالهين ۾ ته هن جي راءِ ٻين سڀني کان _ بلڪ وقت جي خليفي کان به _ علحدگي هوندي هئي، انهيءَ لاءِ هوءَ قرآن ۽ حديث جي حجت آڻيندي هئي. هن بيبيءَ وٽان حضرت محمد ﷺ جن جون ”هڪ هزار ٻه سئو ڏهه“ حديثون ماڻهن کي مليون ۽ انهن جا بيان ڪندڙ وڏا وڏا اصحابي هئا، جيئن ته حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنہ ۽ انهيءَ جو پٽ عبدالله، ۽ ابو هُريره، ۽ ٻيا. علم سان گڏ هوءَ ذهين، فصيح ۽ حاضر جواب به ڏاڍي هوندي هئي. حديثن جو بيان ڪندي. هن جي تقريرن مان فصاحت ۽ بلاغت ظاهر پيئي ٿيندي هئي. خدا جي عبادت کان پوءِ هو حضرت محمد ﷺ جن جي خدمت چاڪري ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندي هئي. حضرت محمد ﷺ جن جي وفات کانپوءِ، ته هوءَ سڄو وقت عبادت ۾ گذاريندي هئي. ٿوري خطا ڪندي هئي، ته ورهين تائين شرمندي رهندي هئي. دل جي سختي به هئي. هڪڙي دفعي ستر هزار درهم خيرات ڪيائين، مگر سندس ڪپڙا جي پراڻا ۽ ڦاٽل هئا، تن جي بدران ٻيا نوان وٺي نه ڍڪيائين، ٻئي ڀيري سندس ڀاڻيجي عبدالله هڪ لک درهم ڏانهس موڪليا، سي بيبيءَ ڪجهه غريب مائٽن کي ۽ ڪجهه مسڪينن، محتاجن ۽ فقيرن کي ڏيئي ڇڏيا، ۽ هڪڙو پئسو به نه بچايائين. انهيءَ هوندي به وفات وقت چوڻ لڳي ته ”جي آءٌ هڪڙو پٿر هجان ها يا هڪڙو وڻ هجان ها ته چڱو هو، ته من ماڻهو وڍي اڇلائي ڇڏين ها ۽ دنيا ۾ مون کي ڪوبه نه ڄاڻي سڃاڻي ها، يا جي آءٌ نه ڄمان ها، ته چڱو هو“. بيبي عائشہ رضه جي فصاحت ۽ بلاغت مشهور آهي. سندس قابليت ۽ چڱن اخلاقن ڪري حضرت رسول الله ﷺ جن کيس ٻين بيبين کان زياده پسند ڪندا هئا. ساڻس گهڻي گفتگو ڪندا هئا. ۽ خــانــگي ڪمن ڪارين ۾ اڪثر سندس صــلاح وٺــندا هــئا. جيــڪي زالون حضرت محمد ﷺ جن کان ڪو دين جو مسئلو پڇڻ اينديون هيون، ته بيبي عائشہ رضه جي معرفت پڇنديون هيون، ۽ خود سنديس به اها عادت هوندي هئي، ته جيڪا ڳالهه نه سمجهندي هئي، سا هڪدم حضرت محمد ﷺ جن کان پڇي پڪ ڪندي هئي. انهيءَ ڪري سندس علمي مايو زياده ٿيو، ۽ حضرت محمد ﷺ جن جي وفات کانپوءِ جيڪي ڏکيا ڏکيا ديني مسئلا وٽس ايندا هئا، تن جا فيصلا قرآن ۽ حديث موجب عمديءَ طرح ڪندي هئي. خود خليفا پاڻ ۽ ٻيا اصحاب به،ڪن ڳالهين ۾، هن جي راءِ توڙي حديثون کانئس پڇندا هئا. قديم شاعرن جا شڪر به کيس گهڻا ياد هئا. حشمت واري به اهڙي هئي، جو وڏا حاڪم، عالم ۽ زبردست بهادر به سندس اڳيان ايندي پيا ڏڪندا هئا. سچي ۽ راستباز ۽ انصاف پسند به هوندي هئي. پنهنجي چڱائي وساري، ٻين کي چڱو چوندي هئي. پاڻ لکي ٿي ته ”وفات کان ٿورو اڳڀرو، حضرت محمد ﷺ جن پنهنجين بيبين کي فرمايو ته ”اوهان مان سڀني کان اڳي مون وٽ هُن جهان ۾ اُها بيبي ايندي، جنهن جا هٿ زياده وڏا هوندا.“ حضرت محمد ﷺ جن جي وفات کانپوءِ، اسين سڀ ڄڻيون، ڀتين تي پنهنجا هٿ ماپينديون هيون سين ته ڪنهن جا هٿ وڏا آهن. اسان مان سڀ کان ننڍا هٿ زينب جا هئا، پر سڀني کان اڳي انهيءَ وفات ڪئي، تڏهن اسان سهي ڪيو، ته وڏن هٿن جي معنيٰ آهي”سخاوت ۽ فياضي“. ڇالاءِ جو زينب اسان سڀني مان زياده سخي هئي.“ بيبي عائشہ رضه انهيءَ ڳالهه تي فخر ڪندي هئي ته رسول الله ﷺ جي بيبين مان آءٌ ئي هڪڙي ڪنواري آهيان، منهنجا ماءُ _ پيءُ ٻيئي هجرت ڪري مديني ۾ آيل آهن. حضرت محمد ﷺ تي هميشه منهنجي ئي گهر وحي نازل ٿيندو هو، ۽ وفات مهل حضرت محمد ﷺ جن جو مٿو منهنجي جهوليءَ ۾ هو، ۽ هُو منهنجيءَ ئي جاءِ ۾ دفن ٿيا.“ بيبي عائشہ رضه اڃا ننڍڙي هُئي، ته خواب لڌو هئائين ته ”ٽي چنڊ منهنجي جهوليءَ ۾ اچي ڪِري پيا آهن. انهيءَ وقت ته ان جو تعبير ڪنهن کي خيال ۾ نه ٿي آيو، سندس وفات کان پوءِ اهو تعبير ٿيو ته ” اول حضرت رسول الله ﷺ پاڻ، ٻيو پڻس خليفو حضرت ابوبڪر رضه، ۽ ٽيون خليفو حضرت عمر رضه وفات کان پوءِ سندس ڪوٺيءَ ۾ دفن ڪيا ويا.[1] هن بيبيءَ جي شعرن مان ٻه نموني طور هتي ڏجن ٿا:

فلو سمعواني مصر اوصاف خنده لما بذلوا في سوم يوسف من نقد، لواحي زليخا لو راين جبينہ، لاثرن بالقطع القلوب علي الايدي! (يعنيٰ، جيڪڏهن مصر وارا هن جي گل جي تعريف ٻڌن ها، ته جيڪر يوسف جي خريداريءَ ۾ نقد زر نه خرچ ڪن ها، جيڪڏهن زليخا جيئري هجي ۽ مصر جو زالون هن جي پيشاني ڏسن، ته ”جيڪر هٿن جي بدران دليون وڍي ڇڏين!“)[1]

حوالاسنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page4.html.  Missing or empty |title= (مدد)}