اسلامي سونهري دور

اسلامي سونهري دور اسلام جي تاريخ ۾ سائنسي، اقتصادي ۽ ثقافتي ترقيءَ جو دور، روايتي طور تي اٺين صدي کان 13هين صدي تائين هو.[1] [2] [3]

اهو دور روايتي طور سمجهيو وڃي ٿو ته عباسي خليفي هارون الرشيد (786 کان 809) جي دور حڪومت ۾ دارالحڪما جي افتتاح سان شروع ٿيو، جڏهن ڏٺو ويو ته سڄي مسلم دنيا جا عالم، ان وقت تائين، دنيا جي مشهور ڪلاسيڪل علمن کي عربي ۽ فارسيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاء بغداد، دنيا جي سڀ کان وڏي شهر، ڏانهن رخ ڪيو هو. اهو دور روايتي طور چيو وڃي ٿو ته منگول حملن ۽ بغداد جي محاصري سبب 1258ع ۾ عباسي خلافت جي خاتمي سان ختم ٿي ويو.[4]

ڪجھ متبادل بيانيه به آھن. ڪجهه عالم، سنهري دور جي آخري تاريخ کي 1350ع تائين وڌايو، جنهن ۾ تيموري ريناسنس به شامل آهي،[5] [6] جڏهن ته ٻيا اسلامي سونهري دور جي پڄاڻيءَ کي 15هين صدي کان 16هين صدي جي آخر تائين ڏين ٿا، جنهن ۾ اسلامي بارود جي سلطنت (عثماني سلطنت) جو عروج ٿيو.[1] [2] [3]

  1. 1.0 1.1 Saliba, George (1994). A History of Arabic Astronomy: Planetary Theories During the Golden Age of Islam. New York University Press. pp. 245, 250, 256–257. ISBN 0-8147-8023-7. 
  2. 2.0 2.1 King, David A. (1983). "The Astronomy of the Mamluks". Isis 74 (4): 531–55. doi:10.1086/353360. 
  3. 3.0 3.1 Hassan, Ahmad Y. "Factors Behind the Decline of Islamic Science After the Sixteenth Century". Islam and the Challenge of Modernity, Proceedings of the Inaugural Symposium on Islam and the Challenge of Modernity: Historical and Contemporary Contexts, Kuala Lumpur, 1–5 August 1994. International Institute of Islamic Thought and Civilization (ISTAC). صفحا. 351–99. وقت 2 April 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  4. Islamic Radicalism and Multicultural Politics. Taylor & Francis. 1 March 2011. p. 9. ISBN 978-1-136-95960-8. https://books.google.com/books?id=JdC90uc8PfQC&pg=PA9. Retrieved 26 August 2012. 
  5. "Science and technology in Medieval Islam" (PDF). History of Science Museum. حاصل ڪيل 31 October 2019. 
  6. Ruggiero, Guido (15 April 2008). A Companion to the Worlds of the Renaissance, Guido Ruggiero. John Wiley & Sons. ISBN 978-0-470-75161-9. https://books.google.com/books?id=fx0Dlwb18WYC&q=Timurid+renaissance&pg=PA59. Retrieved 7 November 2016.