ڊاڪٽر اسحاق جمالي (انگريزي:Dr. Ishaque Jamali) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو اديب ۽ پروفيسر آهي.

زندگي جو احوال سنواريو

پورو نالو اسحاق ولد محمود خان جمالي، 20 ڊسمبر 1962ع تي ڳوٺ غلام علي جمالي، تعلقي نيوسعيدآباد موجوده ضلعي مٽياريءَ ۾ ڄائو.

تعليم سنواريو

ابتدائي -تعليم- ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ هاءِ اسڪول -بکر- جماليءَ مان ڪيائين. گريجوئيشن -جامعه- ملير ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم.اي سنڌي ادب فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1989ع ۾ ڪيائين.سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان 2008ع ۾ ”سنڌي شاعري جي فن ۽ فڪر جي تحقيقي اڀياس“ (برطانوي دور 1843-1947ع) عنوان تي تحقيقي مقالو لکي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.

خدمتون سنواريو

سچل سرمست هاءِ اسڪول پپري ڪراچيءَ ۾ چار سال پڙهائڻ بعد پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 1990ع ۾ نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊي آدم ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن وقت گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج قاسم -آباد- ۾ اسسٽنٽ پروفيسر رهيو. هاڻ هالا ڊگري ڪاليج ۾ پرنسپال آهي. سندس ادبي ۽ تحقيقي مضمون ٽماهي مهراڻ ۽ نئين زندگي رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن.[1]

حوالا سنواريو