اختيار: اختياري : اٿارٽي (انگريزي: Authority) ھڪ جائز طاقت جو نالو آهي جيڪا ڪو ماڻھو يا گروھ رکي ٿو ۽ ان جو استعمال ٻين تي ڪري ٿو[1]. انگريزي لفظ اٿارٽي لاطيني ٻولي جي لفظ ايڪٽوريٽس (انگريزي: Actoritis ) مان نڪتل آهي جنھن جون معنائون آهن: ايجاد، مشورو، راء، اثر ۽ حڪم. رياست اھا طاقت باقائدي پنھنجي عدالتي ۽ انتظامي شاخن کي سونپيندي آهي[2]. جديد سوشالاجي جي ماھر ميڪس ويبر مطابق جائز اختيار ۾ مخصوص ماڻھڻ جو ھڪ گروھ مخصوص شخص يا شخصن ذريعي ڏنل حڪم جي تعميل ڪندو آهي. ھي وڌيڪ لکي ٿو ته جائز اختيار جي ظهور لاء ان جي خاصيتن جو ھجڻ ضروري آهي. ان لاء حاڪم يا حاڪمن جو گروھ، ماتحت يا ماتحت ماڻھن جو گروھ، اختيار جو حڪم تحت ظاھر ٿيڻ، ھجڻ ضروري آهي[3].

اختيار ۽ طاقت سنواريو

حاڪميت جي استعمال ۾ اڪثر غلطي سان اختيار ۽ طاقت کي ھم معني سمجھيو ويندو آھي جيڪو ائين ناھي. اختيار سياسي جواز جي سڃاڻپ ڪرائيندو آهي، جيڪو حڪومتي طاقت جي استعمال واري حق کي منظور ڪرڻ سميت درست قرار ڏئي ٿو. جڏھن ته طاقت ڪنھن سونپيل مقصد جي اطاعت يا فرمانبرداري ذريعي حاصلات جي صلاحيت جي سڃاڻپ ڪرائي ٿي. اھڙي طرح اختيار فيصلن ڪرڻ جي طاقت، قانون مطابق فيصلن ڪرڻ جي حق ۽ ۽ انھن فيصلن تي عملدرآمد ڪرائڻ جو نالو آهي[4]. اطاعت ۽ فرمانبرداري قائم رکڻ لاءِ طاقت جي جائز استعمال جو بنياد اختيار ھوندو آھي[5].

سياسي اختيار سنواريو

سيڪيولر خيال مطابق اختيار ذريعي حاڪم يا حڪومتون نہ رڳو ماڻھن تي ماڻھن جي مرضي سان حڪومت ڪرڻ جو حق رکندا آهن پر ان سان گڏوگڏ ان حق جو جواز پڻ ڏيندا آهن[5]. لبرل جمھوريت ۾ اختيار جو سرچشمو عوام ھوندو آھي جيڪي چونڊ ذريعي اختيار حاڪم جي حوالي ڪندا آهن[5]. وراثتي بادشاھتن ۾ اختيار شاھي حڪمران جي ذات ۽ ان جي خاندان ۾ رھندو آھي[5]. ٻنھي لبرل جمھوريت ۽ وراثتي بادشاھت ۾ بجاوري جي حاصلات لاء وحشياڻي طاقت جي استعمال جي ڪا گنجائش ڪانھي.

اسلام ۾ سياسي اختيار سنواريو

اسلام ۾ اختيار مقدس ھوندو آھي جنھن جو سرچشمو خدا جو فرمان يعني قرآن ۽ رسول صه جو فرمان يعني سنت آھي. قرآن مطابق خدا ڪائنات جو خالق آهي ۽ پوري ڪائنات تي سندس اختيار آھي ۽ انسان کي ان پنھنجي فرمانبرداري لاء خلقيو آهي[5]. اسلامي دينيات مطابق قرآن آفاقي وصفون رکندڙ خدا جو ڪلام آھي. مسلمان مذھبي معاملن ۽ عقيدي لاء ان مان ھدايت وٺن ٿا، ۽ قرآن مذھبي قانون يا فقه جي چئن سرچشمن مان پھريون بنيادي سرچشمو آھي[5]. اسلام مطابق خدا پنھنجي نبين ۽ پيغمبرن کي اختيار ڏنا ۽ انھن جي اطاعت جو حڪم ڏنو. محمد صہ جي اطاعت کي خدا جي اطاعت قرار ڏنو ويو. اھڙي طرح محمد صہ کي مليل اختيار وجدي يا شخصي اختيار ھيو[5]. اھڙي طرح قرآن کان پوء محمد صہ جو فرمان يا حديث اختيار جو ٻيو سرچشمو ھيو[5]. سياسي اختيار ۾ محمد صہ جي قائم ٿيل ان شخصي وجد جي وراثت پڻ ھڪ اھم زاويو بڻجي وئي. تاريخ ۾ خلافت عباسيه، فاطمي خلافت سان گڏوگڏ موجوده اردن ۽ مراڪش واري بادشاھت ان جا مثال آھن[5]. شيعن مطابق حضرت علي رضہ ۽ حضرت فاطمه رضه مان محمد صہ جا وارث مسلمانن جا سياسي اختيار جا حقدار ھئا. وقت گذرڻ سان مختلف اسلامي ايمپائر قائم ٿيڻ سان سياسي اختيار وارو اھو شخصي خيال پيچيده ٿيندو ويو. حاڪمن دينوي ۽ دنياوي اختيارن کي دعويداري شروع ڪئي ۽ خليفة الله (الله جو نائب)، خليفة الرسول الله (الله جي رسول جو نائب)، اميرالمؤمنين، سلطان (زمين تي خدا جو نمائندو) وارا لقب اختيار ڪرڻ ان دعويداري جو مثال آھن[5].

اختيار ۽ انارڪيت سنواريو

قائدن جي فقدان ۽ اختيار جي ناجائز استعمال کي انارڪيت يا انارڪزم چئبو آهي[6]. انارڪي پسند اختيار جي سخت مذمت ڪندا آهن . سندن خيال مطابق اختيار ئي افسرشاھي نظام جو سرچشمو آھي[7].

جائز ۽ ناجائز اختيار سنواريو

جديد سوشالاجي جي بانين مان ھڪ ميڪس ويبر (وفات 1920) مطابق جائز اختيار جا ٽي بنيادي قسم آهن جيڪي جديد دور جي مفڪرن طرفان مڃيل آھن [8][5]:

  1. روايتي اختيار جنھن جو بنياد ماضي جي تقديس يا تحريم آهي
  2. ڪرشماتي يا وجدي اختيار جنھن جو بنياد شخصي تقديس يا تحريم آھي
  3. منطقي بنياد تي قانوني اختيار جنھن ۾ نوڪرشاھي يا بيوروڪريسي وارا ادارا شامل آهن.

حوالا سنواريو

  1. ] Bealey, Frank (1999). The Blackwell Dictionary of Political Science: A User's Guide to Its Terms. pp. 22–23. ISBN 0-631-20694-9.
  2. The New Fontana Dictionary of Modern Thought Third Edition, Allan Bullock and Stephen Trombley, Eds. p.115.
  3. http://vista.ir/content/60484/ میکس ویبر کی سوشیالوجی۔ سیاسی - سیاسی اور اقسام کے لیجیتیم اتھارٹی (حکام) /
  4. The New Fontana Dictionary of Modern Thought Third Edition, Allan Bullock and Stephen Trombley, Eds. p.677–678.
  5. 5.00 5.01 5.02 5.03 5.04 5.05 5.06 5.07 5.08 5.09 5.10 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 71,73
  6. Decentralism: Where Is It Going?
  7. Graeber, David (2004) (English ۾) (PDF). [http: //www.prickly-paradigm.com/paradigm14.pdf Fragments of an Anarchist Anthropology]. [ [Chicago]]: Prickly Paradigm Press. ISBN 0-9728196-4-9. http: //www.prickly-paradigm.com/paradigm14.pdf. Retrieved January 1. 
  8. http://vista.ir/content/60484/ Max Weber's Sociology-Political-Political-and-Types-of-Legitimate-Authority (Authorities) /