اختر رند
اختر رند (انگريزي:Akhtar Rind) سنڌ، پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر ،ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ نويس آهي. سندس ڪتاب به ڇپيل آهن ۽ سندس ڊراما پڻ نشر ٿيل آهن.[1]
زندگي جو احوال
سنواريواختر رند جو اصل نالو اختر علي رند آهي. هن چوٿين فيبروري 1964ع تي ڳوٺ مير رند تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.
تعليم
سنواريوهن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ مان 1981ع ۾ پاس ڪيائين. سچل آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان 1986ع ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ بعد پرائمري استاد مقرر ٿيو.
ادبي خدمتون
سنواريوسنڌي ادبي سنگت سان 1987ع کان وابسته آهي، ڪوٽڙي شاخ جو سرگرم ڪارڪن ۽ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. 100کن ڪهاڻيون لکي چڪو آهي، جيڪي ادبي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. سندس ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب،”ڪال گرل“ (1998ع)،”ڪنوارا چپ“ ڇپيا آهن. اختر رند ٽي. ويءَ لاءِ به بهترين ڊراما لکيا آهن. هن پهريون ڊرامو 1996ع ۾ لکيو. پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان سندس هڪ سيريل ”اوڙاهه“ آرٽ پلي ”پرهه کان پوءِ“، ”نباهه“ ۽ ”جيئدان“ وغيره نشر ٿي چڪا آهن. هن وقت به سنڌي چئنلن لاءِ ڊراما لکندو رهي ٿو.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ "اختر رند سنڌ دوست ۽ بهترين ڪهاڻيڪار آهي: مدد علي سنڌي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-08.
- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%AE%D8%AA%D8%B1%20%D8%B1%D9%86%D8%AF