يو سي 31 احسان واھڻ (انگريزي: U C 31 Ahsan Wahan) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا باقراڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي باقراڻي جي يو سي 6 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ احسان واھڻ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھي يو سي رائس ڪينال ۽ دادو ڪئنال جي وچ واري علائقي ۾ واقع آهي. يو سي مان موئن جو دڙو شاخ پڻ وھي ٿي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ جتوئي، جيسر، ابڙا، سيد، ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ احسان واھڻ، ڇتو واھڻ، ڳوٺ سونھري، ڳوٺ احمد ميتلو، پيارو واھڻ، ديھ نصيرآباد جاگير، ديھ نصيرآباد ريتي، ديھ سونھاري جاگير ، ديھ سونھاري ريتي ۽ ٻيا شامل آهن.

احسان واھڻ
يو سي 31 بخش جتوئي (احسان واھڻ)
يونين ڪاؤنسل
باقراڻي تعلقي جي يو سي 6
احسان واھڻ is located in سنڌ
احسان واھڻ
احسان واھڻ
احسان واھڻ is located in Pakistan
احسان واھڻ
احسان واھڻ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°23′34″N 68°07′04″E / 27.39278°N 68.11778°E / 27.39278; 68.11778مڪانيت: 27°23′34″N 68°07′04″E / 27.39278°N 68.11778°E / 27.39278; 68.11778
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو باقراڻي تعلقو

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين عبدالحميد جيسر ۽ وائيس چيئرمين خان محمد ابڙو چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ مھراب پور جو عطاء الله جتوئي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولت لاء ھتي ڪوبه سرڪاري ادارو ڪانه آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو