اترادي لهجو

سنڌي لهجو

اترادي لهجو __ (Upper Sindh Dialect)


سنڌي ٻوليءَ جي ’سري‘ (اُتر) واري لهجي کي ’اترادي لهجو‘ چئبو آهي. سنڌ جو اتر وارو پاسو سنڌو نديءَ جي اڀرندي حصي ۾ خيرپور کان اوٻاڙي تعلقي جي آخري حد تائين ۽ سيوهڻ/دادو کان لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ضلعن جي آخر تائين آهي، جنهن کي ’سرو‘ سڏجي ٿو ۽ اتان جي ٻوليءَ جو لهجو، لسانيات جي ماهرن ’اترادي لهجو‘ يا ’سريلي‘ لهجو سڏيو آهي. هن لهجي ۾ ڪي اچار ۽ گرامر جون خاص ڳالهيون ٻين لهجن کان منفرد آهن. هن لهجي تي سَرس دنگئي زبانن بلوچي ۽ سرائڪي زبانن جو اثر پيل آهي. هن لهجي ۾ معياري لهجي کان جيڪي ڳالهيون مختلف آهن انهن ۾ ضمير متڪلم لاءِ ’مان‘ جو استعمال، لفظ جي فاعلي مفعولي، جري ۽ ٻين حالتن ۾ ساڳيو رهندو آهي. زبر وارَن مونث اسمن کي جمع ڪرڻ وقت ’آن‘ پڇاڙي لڳائي ويندي آهي. جيئن کٽ-کٽان وغيره. [1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي