ضمير خالص (Personal Pronoun)، اھي ضمير، جيڪي صرف ماڻھن جي(نالن) بدران ڪم اچن تن کي ”ضمير خالص“ چئبو اھي. ضمير خالص جا ٽي قسم ٿيندا آهن. ضمير متڪلم، ضمير حاضر ۽ ضمير غائب. انهن جا ترتيب وار مثال: مان، اسان، تون، توهان، هيءُ، هُوَ اُهي وغيرہ.[1]

ضمير متڪلم

سنواريو

ضمير متڪلم (First Person Pronoun)، اھي ضمير جي ڳالھائيندڙ پنھنجي بدران ڪم اڻي تنھن کي ”ضمير متڪلم“ چئبو آھي. جيئن: مان، مون، اسان، اسين، وغيره.[2]

ضمير حاضر

سنواريو

ضمير حاضر (Second Person Pronoun)، اھي ضمير جيڪي ڪنھن روبرو ڳالھائيندڙ شخصن لاءِ ڪم اچن، تن کي ”ضمير حاضر“ چئبو اھي.جيئن: تون، توھين، توھان، اوھين، اوھان، وغيره.[3]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  3. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.