ڊاڪٽر ابوالخير ڪشفي (پيدائش: 12 مارچ، 1932ع - وفات: 15 مئي، 2008ع) پاڪستان سان تعلق رکندڙ اردو نقاد، محقق، ماهر تعليم ۽ ڪراچي يونيورسٽي جو اڳوڻو اردو شعبي جو چيئرمين ھيو.

ڊاڪٽر سيد ابوالخير ڪشفي
پيدائش مارچ 12 1932(1932-03-12)ع
ڪانپور، برطانوي هندستان
وفات مئي 15 2008(2008-05-15)ع
ڪراچي، پاڪستان
قلمي نالو ڊاڪٽر ابوالخير ڪشفي
ڌنڌو نقاد، معلم، محقق، ماهر تعليم
ٻولي اردو
قوميت  پاڪستانپاڪستاني
تعليم ايم اي (اردو) ،پي ايچ ڊي
مادرِ علمي ڪراچي يونيورسٽي
صنف تنقيد، تحقيق، خاڪہ نگاري
مُکيه ڪم هماري عهد ڪَي ادب اور اديب
همارَي ادبي اور لساني مسائل
جديد ادب ڪي دو تنقيدي جائزَي

زندگي جو حوال سنواريو

ڊاڪٽر ابوالخير ڪشفي 12 مارچ، 1932ع تي ڪانپور، برطانوي هندستان ۾ پيدا ٿيا. سندن جو ڏاڏو سيد شاه محمد اڪبر عربي، فارسي ۽ اردو ٻوليءَ جو مشهور عالم ھيا. سندس والد سيد ابو محمد ثاقب ڪانپوري پنھنجي زماني جي نامور شاعرن ۾ شمار ٿيندو ھيو. 1947ع ۾ پاڻ انٽرميڊيٽ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ پوءِ ڪراچي اچي ويا جتي 1952ع ۾ پاڻ ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي جو امتحان پاس ڪيائون. ايم اي ڪرڻ کان بعد پاڻ تدريس کي پنھنجي معاش جو ذريعو بڻايو. پهريان ھو اسلاميه ڪالج ۾ ۽ پوءِ ڪراچي يونيورسٽي جي شعبي اردو سان لاڳاپجي ويا. ٽن سالن تائين پاڻ ھڪ جاپاني يونيورسٽي ۾ بہ اردو جي تدريس ڪئي.[1]

ادبي خدمتون سنواريو

سيدابوالخير ڪشفي اردو شاعري ڪا سياسي و تاريخي پس منظر جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪئي ھئي جيڪا ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿي چڪي آھي. سندن جي ٻين ڪتابن ۾ هماري عهد ڪي ادب اور اديب، جديد اردو ادب ڪي دو تنقيدي جائزي، هماري ادبي اور لساني مسائل ۽ خاڪوں ڪا مجموعه يه لوگ ڀي غضب ٿي شامل آھن.[1]

وفات سنواريو

ڊاڪٽر ابوالخير ڪشفي 15 مئي، 2008ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾ مدفون ٿيو.[1]

حوالا سنواريو

سانچو:لسانيات جا پاڪستاني ماھر