ناميارو سنڌي اديب ۽ ڪهاڻيڪار، غلام رباني آگرو، (Ghulam Rabaani Aagro) تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ ’محمد خان آگري‘ ۾ 5 نومبر 1933ع تي ڄائو. شروعاتي تعليم پنهنجي پيءُ کان ورتائين، جيڪو ان وقت تعليم کاتي ۾ استاد هو ۽ تعليم کاتي نوابشاهه ۾ انسپيڪٽر مقرر ٿيو. رباني صاحب 1951ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان نوشهري فيروز مدرسي هاءِ اسڪول مان پاس ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد هليو آيو، جتي گورنمينٽ ڪاليج ڦليليءَ ۾ ٻه سال تعليم ورتائين. ان کان پوءِ پاڻ ڪراچيءَ هليو آيو، جتي آرٽس ۾ بي. اي ڪيائين.
Ghulam_Rabbani_Agro

ادبي سفر سنواريو

رباني صاحب لکڻ جي شروعات 54-1953ع ڌاري ڪئي. اول ماهنامي ’نئين زندگيءَ‘ ۾ جوائنٽ ايڊيٽر ٿيو ۽ پوءِ 1959ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 5 سالن کانپوءِ 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيو، تڏهن شيخ اياز وائيس چانسلر جي عهدي تي هو. 1980ع ۾ رباني صاحب واپس سنڌي ادبي بورڊ موٽي آيو، جتي هن پنهنجي عهدي سنڀالڻ سان گڏ روزاني هلال پاڪستان ۾ ”سنڌي ڪلچر: پس منظر ۽ پيش منظر“ جي سلسلي جا مضمون لکيا. سندس 1954ع کان 1960ع تائين لکيل آکاڻيون، ’آبِ حيات‘ (Aab e Hayaat) جي نالي سان ٽي دفعا ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. 1984ع جي آخر ۾ هو اڪادمي ادبيات پاڪستان، اسلام آباد جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو، جتي 6 سالن کان پوءِ کيس چيئرمئن جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. انهيءَ عرصي دوران کيس لاهور ۾ مرڪزي ادبي بورڊ (جنهن کي هاڻي اردو سائنس بورڊ چيو وڃي ٿو) ۽ اسلام آباد ۾ نئشنل انسٽيٽيوٽ فار ڪلچر ائنڊ ريسرچ ادارن جون اضافي ذميواريون پڻ ڏنيون ويون.
رباني صاحب، اسلام آباد ۾ چيئرمئن اڪيڊمي آف ليٽرس رهڻ کان پوءِ، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ٿيو ۽ 1996ع ۾ اتان رٽائر ڪيائين. کيس حڪومتِ پاڪستان طرفان ’تمغه امتياز‘ جو اوارڊ ڏنو ويو ۽ صدر پاڪستان کيس الڳ ’حسنِ ڪارڪردگيءَ‘ جو اوارڊ پڻ ڏنو. رباني صاحب، سارڪ ملڪن جي ڪلڪتي ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۽ ڍاڪا ۾ پاڪستان-ڍ جي وفدن جي قيادت ڪري چڪو آهي، ۽ ٻه دفعا چين ۾ ۽ ٻه دفعا ايران ۾ پاڪستاني اديبن جي وفدن جي پڻ قيادت ڪئي اٿس.
رباني صاحب جي ڪن ڪهاڻين جا، هندستان ۽ پاڪستان جي مکيه ٻولين مثلاً: اردو، هنديءَ، مرهٽيءَ، پنجابيءَ ۽ گجراتيءَ کان سواءِ انگريزيءَ، چيني ۽ جرمن زبانن ۾ به ترجما ٿي چڪا آهن. چيئرمئن اڪيڊمي آف ليٽرس جي زماني ۾ سندس پاڪستان جي مکيه اديبن ۽ شاعرن سان ملاقاتون ٿيون. سنڌ جي مکيه اديبن ۽ عالمن جي خاڪن تي مشتمل سندس ڪتاب ’جهڙا گل گلاب جا‘ (Gul Gulaab Jaa)، سنڌي ادبي بورڊ، ٻن جلدن ۾ شايع ڪيو آهي. ان کان سواءِ پاڪستان جي ٽن برگزيده شخصيتن ۽ اهل الله ،قلندر لعل شهباز رح، پير سائين محمد راشد روضي ڌڻيءَ رح ۽ غوث بهاءُ الحق ملتاني رح جي سوانح ۽ تعليمات تي مشتمل سندس ڪتاب ’سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ‘ ٽي سال اڳ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. سندس انٽرويو چين جي ممتاز اخبار ’پيپلز ڊيليءَ‘ ۾ شايع ٿيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ٻيا انٽرويو ريڊيو وائيس آف آمريڪا تان پڻ نشر ٿيا. انگلينڊ جي مشهور محقق ڊيوڊ چيئرمن، ڪئناڊا جي محقق ڊاڪٽر مئڪلين ۽ جرمنيءَ جي عالم خاتون ڊاڪٽر ائينيمري شمل پنهنجي لکيل ڪتابن ۾ رباني صاحب جي ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن. رباني صاحب ڪجهه سال اڳ ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو ۽ آخري وقت ۾ حيدرآباد ريجنل آفيس جو محتسب هو.

وفات سنواريو

هن 18 جنوري 2010ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي ۽ کيس اباڻي ڳوٺ دفن ڪيو ويو.[1]

حوالا سنواريو