آفيم

(آفـيم کان چوريل)

آفيم پوست (پُست) جي ڏوڏين جو رس (ڪچن ڏوڏن کي چير ڏبا تہ رس نڪرندو) جيڪو ڪاري رنگ جو ٿيندو آھي، مان ٺھندو آھي. سڪل ڏوڏين کي ڪاڙھي انھن مان پڻ آفيم ڪڍبو آھي. هڪ خيال موجب آفيم اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آھي اھ + ڦيڻ = نانگ جھڙي ڪاري گجي، يا نانگ جي وات مان نڪتل زھر جھڙي ڦيڻ (جيڪا نشو ڪري ۽ مرڻ جھڙو ڪري ڇڏي). پوست جي ٻوٽيءَ جو گل تمام ڳاڙھو ۽ ٻين گلن کان سھڻو ٿئي ٿو. فارسي ٻوليءَ ۾ ان گل کي ”گل لالہ“ چوندا آھن.
حڪيمن جو چوڻ آهي تہ آفيم طبي لحاظ کان ظاھري ۽ باطني حسن کي سست ڪندڙ آھي، ان جي کائڻ سان ننڊ ايندي آھي ۽ گهڻي سور جي حالت ۾ آرام ڏيندو آھي. رت جي دستن کي بند ڪندو آھي. کنگهہ، زڪام، پگهر جي گهڻائيءَ، معدي ۽ سيني جي رطوبت کي خشڪ ڪندو آھي. يوناني دوائن ۾ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. آفيم کي سنڌ ۾ ”امل“ پڻ چوندا آھن. آفيم جو وڏي ۾ وڏو مرڪز افغانستان ۽ پاڪستان جا اتر اولھ وارا علائقا آهن.[1]

حوالاسنواريو