آغا نورمحمد پٺاڻ

ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر، اڪادمي ادبيات پاڪستان، ڪراچي، آغا نورمحمد پٺاڻ، 15 اپريل 1955ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو آغا دوست محمد پٺاڻ هو. آغا نورمحمد، اسلامڪ ڪلچر ۽ اقتصاديات ۾ ڊبل ايم. اي آهي. سندس ادبي حيثيت ڪھاڻيڪار، نقاد ۽ مترجم واري آهي. ’پاڪستان جا صوفي شاعر‘، ’پنجاھ چونڊ افسانا‘، ’سنڌ جا سماجي ۽ اقتصادي مسئلا‘، ’سنڌي ڇپيل ڪتابن جو پنج سالہ جائزو 1985ع کان 1990ع، ۽ 2000 1999ع تائين ڇپيل ادبي رسالن تي تبصرو‘، ’سنڌي لوڪ ادب‘، ٺٽي ضلعي جا چونڊ شاعر‘ ڪتابن جو مصنف آهي. اڪادمي ادبيات جي پلئٽفارم تان 1990ع کان 2009ع تائين سوين ادبي پروگرام، سيمينار، مشاعرا، ادبي نشستون، ڪچھريون، ڪتابن جون مھورتون، اديبن سان رهاڻيون ۽ شامون، ادبي ڪانفرنسون ڪرائي چڪو آهي. 1999ع ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي اديبن جي قافلي کي پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جو دورو ڪرايائين. 10 جون 2009ع تائين پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي نامور اديبن کي سنڌ جو ۽ سنڌ جي ادبي ادارن جو دورو ڪرائي چڪو آهي. 10 جولاءِ تي انهن اديبن کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ بہ آجياڻو ڏنو هو. هيءُ 57 ملڪن جي اديبن جي وفدن جي پنھنجي اداري پاران آجيان ڪري چڪو آهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، سنڌي ادبي سنگت، ثقافت کاتي ۽ ٻين سنڌي ۽ اردو زبان جي ادبي ادارن جي سھڪار سان اڪثر پروگرام ڪرائيندو رهي ٿو.[1]

حوالا سنواريو