آغا عمران پٺاڻ (انگريزي:Agha Imran Pathan) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪتڙيون ئي ڪهاڻيون شايع ٿيل آهن.

آغا عمران پٺاڻ

زندگي جو احوال سنواريو

آغا عمران جو پورو نالو عمرالحق پٺاڻ آهي. هن سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي ناليواري شاعر، محقق ۽ شاھ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي گهر ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم سنواريو

آغا پرائيمري کان ڪاليج سطح تائين تعليم لاڻڪاڻي شهر ۾ حاصل ڪئي. هن ايل ايل بي جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي.

خدمتون سنواريو

آغا عمران لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. سندس تربيت ۾ سندس والد جو اهم ڪردار رهيو.[2] سندس خاندان ۾ رضوان گل ۽ ڊاڪٽر احسان دانش پڻ اديب آهن. هن جيڪي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون سي ڪهاڻيون سنڌي ٻوليءَ جي اهم رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون آهن ۽ ٿيڻ ٿيون. هيءَ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري جج مقرر ٿيو ۽ جج طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.[3][4] ان لحاظ کان سنڌي ادب ۾ جمال ابڙو کان پوءِ ٻيو ڪهاڻيڪار آهي جيڪو اديب سان گڏ جج به آهي. هيءُ ادبي پروگرامن ۾ پڻ شرڪت ڪندو رهيو آهي. کيس مڃتا طور ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ۽ اوارڊ مليل آهن.

حوالا سنواريو