آشا ڀوسلي (انگريزي: Asha Bhosle، [جنم: 8 سيپٽمبر 1933ع]) ھندستان جي مشھور گلوڪارہ آھي جنھن ھندستان جي فلمن لاءِ پس پردہ سنگيتڪار (Playback Singer) طور ھزارين گانا ڳايا آھن. آشا جو شمار ننڍي کنڊ جي انتھائي ڪامياب ۽ مقبول ترين ڳائڻين ۾ ٿئي ٿو. ھن جي سنگيت جو سفر اٺن ڏھاڪن تي مشتمل آھي جنھن ۾ ھن ھنديءَ سميت ھندستان جي مختلف ٻولين ۾ پنھنجي آواز جو جادو جاڳايو آھي[8]. آواز جي ميٺاڄ، موسيقيءَ جي ڄاڻ ۽ پنھنجي فن سان محبت سبب سندس گيت نہ فقط ھندستان پر دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عوامي پذيرائي حاصل ڪري چڪا آھن[9].

آشا ڀوسلي

آشا ڀوسلي 2015ع ۾
پيدائش آشا منگيشڪر
سيپٽمبر 1933 (عمر 90 سال)
گور، سانگلي رياست، (ھاڻي مھاراشٽر)، ھندستان
قوميت ھنستاني
پيشو
  • پس پردہ ڳائڻي
  • انٽرپرينيوئر
  • اداڪارہ
  • ٽيليويزن جي شخصيت
سَرگَرمُ سالَ 1943ع کان ھاڻي تائين
جيون ساٿي گنپترائو ڀوسلي
(شادي: 1949ع; طلاق: 1960ع; وفات: 1966ع)
آر ڊي برمن (ش. 1980; و. 1994)
ٻار ٻچا 3
'Musical career'
صنف
اوزار Vocals
سنگيت جي دنيا جون ٽي راڻيون: آشا ڀوسلي، نورجھان ۽ لتا منگيشڪر

سندس فن جي مڃتا طور کيس ڪيترن ئي انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو آھي جن ۾ ٻہ قومي فلمي ايوارڊ، چار بنگالي صحافتي تنظيم جا ايوارڊ، 18 مھاراشٽر فلم ايوارڊ، 9 فلم فيئر ايوارڊ ۽ ست بھترين پس پردہ ڳائڻيءَ جا فلم فيئر ايوارڊ شامل آھن. 2000ع ۾ کيس ھندستاني سئنيما جي وڏي ۾ وڏي دادا صاحب ڦلڪي ايوارڊ حاصل ڪرڻ جو اعزاز مليو. 2008ع ۾ ڀارت سرڪار پاران کيس پدما وڀوشن (Padma Vibhushan) ايوارڊ ڏنو ويو. ھي ڀارت جو ٻيو وڏو شھري اعزاز آھي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فلمي گيت ڳائيندڙ گلوڪارہ طور سندس نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل آھي[10].

آشا ڀوسلي ننڍي کنڊ جي مشھور گلوڪارہ لتا منگيشڪر جي ڀيڻ آھي. ھن نہ فقط فلمي گيت ڳايا آھن پر ڪيترائي غزل، ڀڄن، قواليون، لوڪ گيت ۽ رابندر ٽئگور جا بنگالي گيت پڻ ڳايا آھن. کيس ھندستان جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ تي بہ چڱو ملڪو حاصل آھي. 2013ع ۾ ھن ھڪ اداڪارہ طور فلم مائي ۾ ڪم ڪيو جنھن کي ڪافي ساراھيو ويو.

ننڍپڻ ۽ فن جو ابتدائي سفر سنواريو

آشا ڀوسلي جو جنم 1933ع ۾ سانگلي رياست (ھاڻي مھاراشٽر) جي ھڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ٿيو. سندس پيءُ پنڊت ديناناٿ منگيشڪر مرهٽي ڪلاسيڪي راڳ جو ڄاڻو هو ۽ مقامي ٿيٽر ۾ اداڪاري به ڪندو هو. هو ماسٽر دينا جي نالي سان مشهور هو. آشا جي ماءُ جو نالو شيوانتي هو جنهن جو واسطو گجرات سان هو. آشا اڃا نون سالن جي مس ھئي تہ سندس والد پرلوڪ پڌاريو. سندس ڪٽنب پھريائين پوني ۽ ڪوھلا پور ۽ پوءِ بمبئي (ھاڻي ممبئي) ۾ لڏي اچي ويٺو. ممبئي ۾ پنھنجي ڪٽنب جي پيٽ گذر لاءِ آشا ۽ سندس وڏي ڀيڻ لتا فلمن ۾ ڳائڻ ۽ اداڪاريءَ جو ڪم شروع ڪيو. آشا پھريون فلمي گيت مرھٺي فلم ماجھا بال لاءِ 1943ع ۾ رڪارڊ ڪرايو. ھن فلم جي موسيقي دتا ديوجيڪر (Datta Davjekar) ترتيب ڏني ھئي. فلم چنريا (1948ع) سندس پھرين ھندي فلم ھئي جنھن ۾ کيس ڳائڻ جو موقعو مليو. اھو گانو ھن ٻين فنڪارائن سان ملي ڳايو ھو. اڪيلي سر ھن ھندي فلم رات ڪي راني (1949ع) ۾ ڳائڻ سان پنھنجي فني سفر جي شروعات ڪئي[11]. 16 سالن جي عمر ۾ ھن گنپترائو ڀوسلي سان شادي ڪئي. سندس گھر واري جي ان وقت عمر 31 سال ھئي، يعني ھو پنھنجي پتنيءَ کان عمر ۾ ٻيڻو ھو.

سنگيت جو سفر سنواريو

1950ع واري ڏھاڪي ۾ ھن مختلف ھندي فلمن لاءِ پنھنجا گانا رڪارڊ ڪرايا پر انھن مان اڪثر سستين ۽ گھٽ معيار وارين فلمن جا گانا ھئا. ھن جي شروع وارن گانن جون ڌنون موسيقار اي آر رحمان، سجاد حسين ۽ غلام محمد ترتيب ڏنيون پر اھي گانا ڪو خاص ٻوٽو نہ ٻاري سگھيا. فلم سنگدل (1952ع)، پرينيتا (1953ع) ۽ خاص طور تي بوٽ پالش (1954ع) جھڙين فلمن ۾ ڳائڻ سان ھن کي ڪجهه مڃتا ملي[12]. 1956ع ۾ او پي نير (ُO.P. Nayyer) کيس پنھنجي فلم سي آئي ڊي ۾ ڳائڻ جو موقعو ڏنو. 1957ع ۾ فلم نيا دور ۾ محمد رفيع سان ڳايل سندس دوگانا ”مانگ ڪي ساٿ تمھارا“، ”ساٿي ھاٿ بڙھانا“ ۽ ”اُڙين جب جب زلفين تيري“ ھن کي چڱي مقبوليت ڏني. ھي اھو دور ھو جڏھن گيتا دت، شمشاد بيگم ۽ لتا منگيشڪر جھڙيون وڏيون ڳائڻيون ھندستان جي فلمي دنيا تي راڄ ڪري رھيون ھيون ۽ سندن مقابلي ۾ ٻين نين ڳائڻين کي موقعو ۽ مقبوليت ملڻ ڪافي ڏکيو ڪم ھو. پر آشا 1960ع واري ڏھاڪي ۾ چڱو نالو ڪڍيو. انھيءَ دور ۾ ھن فلم گمراھ (1963ع)، وقت (1965ع)، ھمراز (1967ع)، آدمي اور انسان (1966ع)، تيسري منزل (1966ع)، ڌنڌ (1973ع) ۽ ٻين ڪيترين ئي فلمن لاءِ پنھنجي آواز جو جادو جاڳايو. فلم ڪاروان (1971ع) ۽ فلم ڊان (1978ع) لاءِ ڳايل سندس گيتن ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي. 1980ع واري ڏھاڪي ۾ ھن فلمي غزل ڳائڻ شروع ڪيا جن کيس مقبوليت جي بلندين تي پھچائي ڇڏيو. خاص طور تي فلم امرائو جان لاءِ ڳايل سندس غزل ”دل چيز ڪيا ھئي“، ”ان آنکون ڪي مستي مين“، ”يہ ڪيا جگھ ھئي دوستو“ ۽ ”جستجو جس ڪي ٿي“ ڪاميابيءَ جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. انھن غزلن ڳائڻ جي ڪري کيس پھريون قومي فلم ايوارڊ مليو. 1987ع ۾ ھن فلم اجازت لاءِ مشھور غزل ”ميرا ڪڇ سامان“ ڳايو جنھن تي کيس ٻيو قومي فلم ايوارڊ مليو.

1995ع ۾ ھن رنگيلا فلم جا مشھور گانا ”تنھا تنھا“ ۽ ”رنگيلا ري“ رڪارڊ ڪرايا. 2000ع واري ڏھاڪي ۾ فلم لگان (2001ع) جو سندس ڳايل گانو ”راڌا ڪيسي نہ جلي“، فلم پيار توني ڪيا ڪيا جو گانو ”ڪمبخت عشق“، فلم في الحال (2002ع) جو گانو ”يہ لمحا“ ۽ فلم لڪي (2005ع) جو گانو ”لڪي لپس“ ڪافي مشھور ٿيا. 2003ع ۾ سندس ڳايل ھندي گانن جو پھريون البم رليز ٿيو. 2010ع کان وٺي ھن ٽيليويزن جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ جج جا فرض انجام ڏنا آھن.

2013ع ۾، جڏھن ھن جي عمر 79 سال ھئي، ھن فلم مائي ۾ ھڪ پوڙھي ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو جنھن کي بيماريءَ سبب سندس اولاد ڇڏي ٿو ڏئي[13]. 2020ع ۾ ھن پنھنجو يو ٽيوب چينل ”آشا ڀوسلي آفيشل“ شروع ڪيو[14].

آشا ڀوسلي جو سنڌي گانو سنواريو

آشا ڀوسلي ھنديءَ سميت لڳڀڳ ويھن ٻولين ۾ ڳايو آھي. ھن سنڌي فلم شل ڌيئر نہ ڄمن لاءِ ھڪ سنڌي گيت رڪارڊ ڪرايو ھو جنھن جا ٻول ھئا: آءُ اچي مل او منٺار، تنھنجي وڇوڙي ماري آھيان. ھي گيت گوورڌن ڀارتيءَ جو لکيل ھو. ھن فلم جي موسيقي سي ارجن ترتيب ڏني ھئي ۽ ھيءَ فلم ديپڪ آشا 1969ع ۾ ٺاھي ھئي.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "85 UNFORGETTABLE Asha Bhosle songs". Rediff.com. 
  2. "Asha Bhosle Songs: The Golden Collection - Memorable Ghazals And Geets - Asha Bhosle MP3 Urdu Songs by Asha Bhosle". Gaana.com. حاصل ڪيل 9 February 2022. 
  3. "Asha Bhosle Bhajan songs - Download Bhajan MP3 Song of Asha Bhosle". Saregama.com. حاصل ڪيل 9 February 2022. 
  4. "Happy Birthday Asha Bhosle: Some lesser-known facts about the Queen of Indie Pop - Mumbai Mirror". Mumbaimirror.indiatimes.com. حاصل ڪيل 9 February 2022. 
  5. "Gurbani Shabad By Asha Bhonsale Music Playlist: Best Gurbani Shabad By Asha Bhonsale MP3 Songs on Gaana.com" https://gaana.com/playlist/amp/dr-joginder-singh-chhabra-gurbani-shabad-by-asha-bhonsale.html
  6. "Nazrul Geeti Songs Download: Nazrul Geeti MP3 Bengali Songs Online Free on Gaana.com" https://gaana.com/album/amp/nazrul-geeti-vol2.html
  7. "Playlist ASHA BHOSLE RABINDRA SANGEET on Gaana.com". Gaana.com. حاصل ڪيل 9 February 2022. 
  8. Europa Publications (2004-08-02). International Who's Who in Poetry 2005. Routledge. ISBN 978-0-203-32580-3. http://dx.doi.org/10.4324/9780203325803. 
  9. Mrandmrs55. "Bollywood’s Beloved Sopranos: Lata and Asha’s Highest Notes". Mr. & Mrs. 55 - Classic Bollywood Revisited!. حاصل ڪيل 2022-03-30. 
  10. "Most studio recordings - singles". Guinness World Records. حاصل ڪيل 2022-03-30. 
  11. "rediff.com: Asha: 70 years, 70 landmarks". ia.rediff.com. حاصل ڪيل 2022-03-30. 
  12. Rao, Gayatri. "Nanhe munne bachche teri muthi mein kya hai – Rafi/Asha – Shankar-Jaikishan, Boot Polish (1954)". LemonWire. حاصل ڪيل 2022-03-30. 
  13. "Movie Review: Mai". filmfare.com. حاصل ڪيل 2022-03-30. 
  14. Ians (2020-05-15). "Asha Bhosle launches YouTube channel, and unveil ‘Main Hoon’, a birthday song for Sri Sri Ravishankar" (en-IN ۾). The Hindu. ISSN 0971-751X. https://www.thehindu.com/entertainment/music/asha-bhosle-launches-youtube-channel-and-unveil-main-hoon-a-birthday-song-for-sri-sri-ravishankar/article31590129.ece.