ديپڪ آشا

ھندستان جو فلم ڊائريڪٽر، اداڪار، ليکڪ ۽ سنگيتڪار ھو

ديپڪ آشا (انگريزي: Deepak Asha، جنم: 26 نومبر 1919ع، وفات: 28 جولاءِ 1993ع) ھندستان جو فلم ڊائريڪٽر، اداڪار، ليکڪ ۽ سنگيتڪار ھو. ھن جو اصل نالو ڌرم ڪمار تولاڻي ھو ۽ ھن جو جنم سنڌ جي شھر ٽنڊي آدم ۾ ٿيو[1]. ھندستان جي ورھاڱي دوران ٻين سنڌي ھندوئن سان گڏ ھو پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ تي مجبور ٿيو ۽ وڃي ھندستان جي شھر ممبئيءَ جا وڻ وسايائين. ھن ممبئيءَ ۾ سنڌي راڳيندڙن جي منڊلي ٺاھي جنھن ۾ مرد توڙي عورتون شامل ھئا. ھن ڪيترن ئي سنڌي گيتن جون ڌنون ٺاھيون. ھن پروفيسر رام پنجواڻيءَ سان گڏجي ھندستان جي مختلف شھرن ۾ راڳ جون محفلون سجايون جن کي سنڌي ڳالھائيندڙن وٽان سٺي موٽ ملي. سندس ڳايل گيت ”جيئي منھنجي سنڌ“ اڄ بہ سنڌ ۽ ھند ۾ مقبول آھي.

ديپڪ آشا
پيدائش ڌرم ڪمار
26 نومبر 1919ع
ٽنڊوآدم، سنڌ
وفات 28 جولاءِ 1993ع
يادگار شري ديپڪ آشا چوڪ ممبئي
پيشو سنگيتڪار، فلم ھدايتڪار، اداڪار
سَرگَرمُ سالَ 1948ع کان 1993ع
ٻار ٻچا پٽ: جيون تولاڻي، ھريش ديپڪ آشا تولاڻي. ڌيئرون: ميرا ڀڳوانداس ميرواڻي، جيوتي لڇمڻداس پنجابي، ديا راوتاڻي، انو بچاڻي

ھن سنڌي سنسار جي نالي سان ھڪ رسالو پڻ جاري ڪيو جنھن ۾ سنڌي ماڻھن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ سنڌي موسيقيءَ ۽ ثقافت بابت ليک ڇپبا ھئا.

ديپڪ آشا ھڪ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ ھو. موسيقيءَ سان گڏ ھن ھدايتڪار طور ڪيتريون ئي فلمون ٺاھيون جن ۾ اباڻا (1958ع)، جلتي ديپ (1950ع)، گھمنڊي (1955ع) ۽ ديوالي ڪي رات (1956ع) خاص ذڪر جي لائق آھن[2]. ھن ھڪ اداڪار طور جن سنڌي فلمن ۾ حصو ورتو تن ۾ جھولي لال (1964ع)، لاڏلي (1966ع) ۽ شل ڌيئر نہ ڄمن (1968ع) شامل آھن. ھن ڪيترن ئي ناٽڪن ۾ بہ اداڪاري ڪئي[3].

ديپڪ آشا جون ھدايتڪار طور سنڌي فلمون[4] سنواريو

  • ڀڳت ڪنوررام (1952ع)
  • انصاف ڪٿي آھي (1959ع)
  • اباڻا (1958ع)
  • جھولي لال (1964ع)
  • شل ڌيئر نہ ڄمن (1968ع)
  • رات ھڪ طوفان جي (1969)
  • اڃا تہ مان ننڍڙي آھيان (1970ع)
  • جئہ جھولي لال (1989ع)
  • سنت ڪنوررام (1990ع)

ديپڪ جون ھدايتڪار طور ھندي فلمون[5]،[6] سنواريو

  • جلتي ديپ (1950ع)
  • گھمنڊي (1955)
  • چلي ھين سسرال (1966ع)
  • اسپاءِ ان گئا (1966ع)
  • سرفروش (1964ع)
  • مين اور ميرا ڀائي (1961ع)
  • روڊ نمبر 303 (1960ع)
  • ايڪ سال پھلي (1965ع)
  • رستم ڪون (1966ع)
  • ڪيپٽن شيرو (1963ع)
  • سن آف حاتم طائي (1965ع)
  • ديوالي ڪي رات (1956ع

ديپڪ جون ھدايتڪار طور پنجابي فلمون[7] سنواريو

  • پاپي تيري انيڪ (1976ع)
  • ڊاج (1976ع)
  • جندڙي يار دي (1978ع)
  • سخي پريوار
  • فوجي چاچا (1980ع)
  • ڇلا
  • ولايتي بابو (1981ع)

ديپڪ آشا جون اداڪار طور فلمون سنواريو

  • جھولي لال
  • لاڏلي
  • شل ڌيئر نہ ڄمن
  • انصاف ڪٿي آ

وفات سنواريو

ديپڪ آشا 28 جولاءِ 1993ع تي پرلوڪ پڌاريو. فلم، موسيقي ۽ راڳ لاءِ سندس ڪيل خدمتن جي مڃتا طور ممبئيءَ جي ميونسپل ڪارپوريشن 1999ع ۾ ممبئيءَ جي ھڪ چوڪ جو نالو ”شري ديپڪ آشا چوڪ“ رکيو .

حوالا سنواريو

  1. "ديپڪ آشا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-03-31. 
  2. "Deepak Asha movies, filmography, biography and songs - Cinestaan.com". Cinestaan. حاصل ڪيل 2022-03-31. 
  3. "Deepak Asha on Moviebuff.com". Moviebuff.com. حاصل ڪيل 2022-03-31. 
  4. "Deepak Asha - Encyclopedia of Sindhi". sindhiwiki.org. حاصل ڪيل 2022-03-31. 
  5. "Deepak Asha on Moviebuff.com". Moviebuff.com. حاصل ڪيل 2022-03-31. 
  6. FilmiClub. "Dharam Kumar Filmography, Movies, Films". FilmiClub. حاصل ڪيل 2022-03-31. 
  7. "Dharam Kumar movies, filmography, biography and songs - Cinestaan.com". Cinestaan. حاصل ڪيل 2022-03-31.