گڏاپ ٽائون

(Gadap Town کان چوريل)

گڊاپ ٽائون (اردو: گڈاپ ٹاؤن) ملير ضلعي ۾، ڪراچي جي اتر اولهه واري حصي ۾، ڪراچي جو هڪ ٽائون آهي. ان جي اولهه واري حدن تي حب ندي آهي، جيڪا سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ ۾ صوبائي حد پڻ ٺاهيندي آهي. جڏهن ته اتر ۽ اوڀر ۾ ڄامشورو ضلعو ۽ کيرٿر جبل آهن.[1]

گڏاپ ٽائون
Gadap Town
گڈاپ ٹاؤن
Map
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ملير ضلعو، ڪراچي
قائم ٿيو 2022ع
يونين ڪائونسلون
Government
 • Type ٽائون/تعلقا انتظاميه
Area
 • Total
1,104 ڪ.م2 (426 ميل2)

سنڌ حڪومت پاران متعارف ڪرايل سال 2022ع جو ترميم ٿيل مقامي اليڪشن ايڪٽ، ڪراچي ۾ ٽائون سسٽم کي نوٽيفائي ڪيو هو. گڊاپ ٽائون، جيڪا ملير ضلعي جي ٽن ٽائون مان هڪ آهي، ان ۾ سب ڊويزن گڊاپ، شاهه مريد، ابراهيم حيدري ۽ بن قاسم جا حصا شامل آهن.[2]

ڪل رقبو

سنواريو

گڏاپ ٽائون جو رقبو 1299 اسڪوائر ڪلوميٽر تي ڦهليل آهي. گڏاپ ٽائون ڪراچي جو هڪ وڏو ٽائون آهي جنهن جي آبادي 5,22,315 آهي.[3]

يونين ڪائونسلون

سنواريو

گڏاپ ٽائون کي 8 يونين ڪائونسلن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي.[4]

  1. معمار آباد
  2. مراد ميمڻ ڳوٺ
  3. گجرو
  4. يوسف ڳوٺ
  5. سونگل
  6. درساڻو چنو
  7. منگهو پير
  8. گڏاپ

ويجها علاقا

سنواريو