جلال الدين اڪبر

(Akbar badshah کان چوريل)

شهنشاهه -جلال- الدين محمد اڪبر ، مغل سلطنت جو نيڪ نام -بادشاهه- ، عمرڪوٽ سنڌ ۾ 15 -آڪٽوبر- 1542ع تي ڄائو هو . 1556ع ۾ والد جي وفات وقت هي پنهنجي -استاد- -بيرم خان- سان گڏ ڪلانور ( ضلعي گورداسپور ) ۾ هو ، اتي ئي هن جي -تخت- نشينيءَ جون رسمون ادا ڪيون ويون . جلد ئي هن -پاڻيپٽ- جي ميدان ۾ ، هيمو بقال سان لڙائي ڪئي ، جنهن ۾ فتح حاصل ڪيائين ۽ -ان- سان سندس سلطنت کي ايندڙ لوڏا ، ڪجهه جَهڪا ٿيا . مغليه سلطنت جو بنياد -بابر بادشاهه- 1526ع ۾ وڌو ، ۽ چئن سالن کان پوءِ هو وفات ڪري ويو . همايون 1530ع ۾ -تخت- تي ويٺو ، پر 1540ع ۾ شيرشاهه سوريءَ کان شڪست کاڌائين . شيرشاهه سوريءَ جي مرڻ کان پوءِ همايون ، جڏهن وري -تخت- حاصل ڪيو ته هو به جلد ئي حادثي جو شڪار ٿي مري ويو . جيستائين اڪبر 18 سالن جو نه ٿيو هو ، تيستائين -بيرم خان- ئي سلطنت جو مختيار هو ، ۽ پوءِ جڏهن اڪبر واڳون سنڀاليون ته فتحن جو ، هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو . راجپوتانا جي راجائن جي اڪثريت ازخود ئي فرمانبردار ٿي وئي ، ميواڙ جي راجا مقابلو ڪيو ، پر شڪست کاڌائين . راجا اُڌي سنگهه ۽ سندس جاءِ نشين پرتاب به مقابلي کان پوءِ ماتحت ٿي ويا . مالوا ، گجرات ، خانديش ، -احمد آباد- ، گونڊوانا ، -بنگال- ، اُڙيا ، ڪشمير ، سنڌ ، مطلب ته ڏکڻ -ايشيا- جي هڪ حصي کان سواءِ ، ڪابل کان -احمد نگر- تائين ، ۽ سنڌ کان -بنگال- تائين سمورو ملڪ مغلن جي اثر هيٺ اچي ويو . اڪبر -بادشاهه- ملڪي ۽ فوجي انتظامن جي -اصلاح- ڪئي . زمينن جي معاملي ۾ ، شيرشاهه جي نظام کي بهتر بنايائين . هن سلطنت جي انتظامي عهديدارن جا 33 درجا بنايا ، -جن- ۾ سڀني کان ننڍو درجو ، ڏهن سپاهين جي آفيسر جو هو ۽ وڏو درجو ڏهن هزارن تائين هو ، پر اڪبر پنجن هزارن کان وڌيڪ درجي وارو عهدو ، شهزادن کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به نه ڏنو . سڀني کي روڪ پگهار ڏنو ويندو هو . هن ازبڪن ۽ پنهنجي -ڀاءُ- مرزا حڪيم جي بغاوتن کي به ڪچليو . اڪبر ، سموريءَ سلطنت کي 18 صوبن ۾ ورهايو ، ۽ هر صوبي ۾ هڪجهڙو نظام چالو ڪيو . سندس دؤر ۾ علم ۽ فن جي تمام گهڻي -ترقي- ٿي . فيضي ، -ابوالفضل- ، -تان سين -، -تلسي- داس وغيره اڪبري درٻار سان لاڳاپيل رهيا ، جيڪي سندس ” نون رتنن “ مان هئا . هن جي دؤر ۾ ’اڪبر نامه ‘ ، ’-آئين اڪبري- ‘ ، ’طبقات اڪبري ‘ ۽ ’منتخب التواريخ ‘ وغيره جهڙا ڪتاب لکيا ويا . هن ’دين الاهي ‘ نالي مذهب به شروع ڪيو ، جنهن ۾ مذهب ۽ ذات -پات- جي فرق کي ختم ڪيائين ، ۽ مرڪزي بنياد -توحيد- تي رکيائين ( تفصيل لاءِ ڏسو ” دين الاهي “ ) . جيتوڻيڪ هن باقاعدي -تعليم- حاصل ڪانه ڪئي ، پر هو نهايت ڪامياب حڪمران ثابت ٿيو . -ان- صورت ۾ اڪبر جو چاليهن سالن وارو دؤر مغل شهنشاهت جو عظيم الشان دؤر ثابت ٿيو . ” -آئين اڪبري- “ ۽ ” اڪبر نامه “ مان ، اڪبر جي شخصيت ۽ ڪارنامن کان سواءِ ، سندس فڪر ۽ حڪمت تي ، مفصل روشني پوي ٿي . ڊاڪٽر ايشوري پرشاد ، -اڪبر بادشاهه- کي -ان- وقت جي دنيا ۽ يورپ جي همعصر حڪمرانن ، خاص ڪري -انگلنڊ- جي راڻي ايلزبيٿ ( 1533_ 1603ع ) ۽ -اسپين- جي فلپ ٻئين ( 1598_ 1527ع ) سان ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ کيس -تاريخ- جو عظيم حڪمران سمجهي ٿو . هن 5 رجب 949ھ/16 -آڪٽوبر- 1605ع تي ” آگري “ ۾ وفات ڪئي . سندس -جنم- واري هنڌ تي سيد هاشم شاهه کيجراڙيءَ واري -پٿر- هڻائي ، -ان- تي پنهنجو نالو ۽ -اڪبر بادشاهه- جي -جنم- جو سال ( 1542ع ) لکايو هو . اهو -پٿر- عمرڪوٽ شهر کان هڪ ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف اڄ به موجود آهي.[10]

جلال الدين محمد اڪبر
بادشاھ
اڪبر اعظم

مغل مصورگوورڌن جي 1630 ۾ ٺاھيل اڪبر بادشاھ جي تصوير
ٽيون نمبر مغل شھنشاھ
11 فيبروري 1556 – 27 آڪٽوبر 1605[1][2]
پيشرو ھمايون
جانشين جھانگير
ريجنٽ بيرم خان (1556–1560)[3]
ملڪہ رقيہ سلطان بيگم[4][5][6]
زالون سلمیٰ سلطان بيگم
مريم الزماني
قاسمہ بانو بيگم


بيبي دولت شاد


بختيار بيگم
گوھرالنساء بيگم
نسل حسن مرزا


حسين مرزا
جھانگير
خانم سلطان بيگم


مراد مرزا
دانيال مرزا
شاڪر النساء بيگم
آرام بانو بيگم
شمس النساء بيگم
ماھي بيگم
پورو نالو
ابوالفتح جلال الدين محمد اڪبر [7]
شاھي گھراڻو تيموري خاندان
پيءُ ھمايون
ماءُ حميده بانو بيگم
جنم جلال الدين محمد اڪبر
15 آڪٽوبر 1542
امر ڪوٽ, راجپوتانا، (موجوده عمرڪوٽ ، سنڌ)
لاڏاڻو 27 آڪٽوبر 1605 (عمر 63 سال)
فتح پور سيڪري, آگرو, مغل ايمپائر (موجوده اتر پرديش، انڊيا
تدفين نومبر 1605
اڪبر جو سڪندرہ ۾ مقبرو, آگرو
مذھب سني اسلام,[8][9] دين الاھي
  1. Eraly, Abraham (2004). The Mughal Throne: The Saga of India's Great Emperors. Phoenix. pp. 115, 116. ISBN 978-0-7538-1758-2. 
  2. "Akbar (Mughal emperor)". Encyclopedia Britannica Online. حاصل ڪيل 2013-01-18. 
  3. Chandra, Satish (2005). Medieval India : from Sultanat to the Mughals (Revised ed.). New Delhi: Har-Anand Publications. p. 95. ISBN 978-8124110669. 
  4. Jahangir, Emperor of Hindustan (1999). The Jahangirnama: Memoirs of Jahangir, Emperor of India. Oxford University Press. p. 437. ISBN 978-0-19-512718-8. "Ruqayya-Sultan Begam, the daughter of Mirza Hindal and wife of His Majesty Arsh-Ashyani [Akbar], had passed away in Akbarabad. She was His Majesty's chief wife. Since she did not have children, when Shahjahan was born His Majesty Arsh-Ashyani entrusted that "unique pearl of the caliphate" to the begam's care, and she undertook to raise the prince. She departed this life at the age of eighty-four." 
  5. Lal, Ruby (2005). Domesticity and power in the early Mughal world. Cambridge University Press. p. 205. ISBN 978-0-521-85022-3. 
  6. Burke, S. M. (1989). Akbar, the greatest Mogul. Munshiram Manoharlal Publishers. p. 142. 
  7. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Britannica
  8. Black, Antony (2011) (en ۾). The History of Islamic Political Thought: From the Prophet to the Present. Edinburgh University Press. p. 245. ISBN 978-0748688784. https://books.google.com/books?id=Hd1vAAAAQBAJ&dq=akbar+sunni+muslim. 
  9. Eraly, Abraham (2000). Emperors of the Peacock Throne : The Saga of the Great Mughals. Penguin books. p. 189. ISBN 978-0-14-100143-2. 
  10. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=اڪبر%20بادشاهه