حميده بانو بيگم
ممڪن آهي هن مضمون جي مواد کي وڪي (انسائيڪلوپيڊيا) طرز تي آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هيءَ وڪيپيڊيا جي ڪيفيت معيار تي پوري لهي سگهي۔ مهرباني ڪري مضمون ۾ اندروني لاڳاپيل رابطا وجهي ڪري يا مضمون جي خاڪي ۾ بهتري آڻي مدد ڪريو۔ |
حميد بانو
حميده بانو
نالو: بلقيس مڪاني حميده بانو بيگم
جنم جي تاريخ: 1527ع
جنم جو هنڌ پاٽ پراڻي
حميده بانو بيگم جو پروفائيل
مڪمل نالو: بلقيس مڪاني حميده بانو بيگم
جنم جي تاريخ: 1527ع
جنم جو هنڌ پاٽ پراڻي،
والد جو نالو شيخ علي اڪبر جامعي، عرف ميان بابا دوست
والده جو نالو مهناز افروز عرف ماه افروز بيگم
زال : شھنشاھ ھمايو
پٽ : جلال الدين اڪبر
آخري آرام گاھ : دھلي
حميده بانو جا والدين ايران جي خراسان واري علائقي مان هجرت ڪري پاٽ ۾ اچي رهيا ۽ پوءِ اتي ئي مڪمل رهائش اختيار ڪيائون، سندن اٿڻي ويهڻي ۽ ٻولي به نج سنڌي هئي، شيخ علي اڪبر جامعي ان وقت جي حڪمران مرزا هندال جو به ويجهو عزيز هو، مرزا هندال جي معرفت حميده بانو بيگم جي شادي هندستان جي شهنشاهه همايون سان ٿي، 1541ع بمطابق 948ھ ۾ ٿيندڙ شادي وقت حميده بانو جي عمر 14 يا 15 سال هئي ۽ اها شادي پاٽ پراڻي تي ئي ٿي هئي. حميده بانو بيگم شهنشاهه جلال الدين اڪبر جي امڙ هئي، حميده بانو بيگم جي وفات سن 29 آگسٽ 1604ع تي آگره انڊيه ۾ ٿي ۽ سندس آخري آرامگاهه دهلي ۾ آهي.
چون ٿا ته جڏهن شير شاهه سوري، همايون کان هندستان جو تخت کسي کيس صرف جان بچائڻ تي مجبور ڪيو ته ان موقعي تي هن سنڌياڻي عورت حميده بانو تاريخي ڪردار ادا ڪيو، همايون جان بچائي پنهنجي چند وفادار ساٿين سان جڏهن روپوشي اختيار ڪئي ته بک اڃ ۽ ريگستاني ڏکئي سفر دوران حميده بانو اٺن مهينن جي ڳورهاري هئي ۽ واٽ تي اهو گهوڙو به مري ويو جنهن تي هيءَ سوار هئي، پنهنجي وَرَ همايون سان ساٿ نڀائيندي ۽ ڏکيو سفر ڪاٽيندي هيءَ حميده بانو ۽ ٻيو قافلو جڏهن سنڌ ۾ عمرڪوٽ وٽ پهتو ته اتي هڪ سنڌي سوڍي راجپوت کيس پناهه ڏني ۽ اتي ئي کيس پٽ ڄائو. جنهن جو نالو اڪبر رکيو ويو، اڪبر جي پيدائش بعد ڪجهه عرصي کانپوءِ همايون پنهنجي گهرواري جي صلاح سان ڪابل ۽ قنڌار پهتو جتي همايون جو ڀاءُ حڪمران هو پر ان ڪابه هن جي مدد نه ڪئي. شير شاهه سوريءَ جا ماڻهو همايون جي پٺيان لڳل هئا. حميده پنهنجي مڙس کي ساڻ ڪري ايران پهتي ۽ پنهنجي ناناڻن کان مدد ۾ لشڪر گهريائين ۽ صفوي حڪمران جي مدد سان پوءِ لڙائي دوران شير شاهه سوري جهڙي حڪمران کي شڪست آئي ۽ همايون کي اهو ساڳيو ئي اوج ۽ بادشاهي واپس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار حميده بانو جو هو ۽ 1556ع تي همايون جي وفات بعد 14 سالن جي ننڍي عمر ۾ اڪبر کي بادشاهي تخت تي ويهارڻ واري به سندس ماءُ حميده بانو هئي. جنهن پنهنجي پٽ اڪبر جي اهڙي ته تربيت ۽ پرورش ڪئي جو هو ننڍپڻ کان ئي عقلمند ۽ باصلاحيت هو، هندستان جي هن شهنشاهه کي اهو اعزاز هو جو هن وڏي عرصي تائين حڪومت ڪئي ۽ کيس اڪبر اعظم ۽ جلال الدين اڪبر جي لقبن سان ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ کيس ان منسب تي پهچائڻ واري پاٽ ڄائي سندس امڙ حميده بانو بيگم هئي. ڪجهه ڪتابن ۾ تحريرٿيل آهي ته همايون ۽ شير شاهه سوري واري جنگي ڪشمڪش دوران 22 مئي 1545ع تي شير شاهه سوري هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ سندس پٽ اسلام الدين کي جانشين مقرر ڪري تخت تي ويهاريو ويو ۽ همايون جي لشڪر ڪاهه ڪري اسلام الدين کي شڪست ڏني ۽ همايون کي تخت واپس مليو.
تاريخ لکي ٿي ته شهنشاهه همايون ۽ سندس گهرواري حميده بانو جڏهن مسلسل عمرڪوٽ ۾ رهائش اختيار ڪئي ته ڳورهاري حميده بانو طرفان شهنشاهه همايون آڏو اها خواهش ظاهر ڪئي وئي هئي ته سندس ويم جي سنڀارن وارن ڏينهن جي ويجهو اچڻ تي دائي سندس ڳوٺ مان گهرائي وڃي ۽ پوءِ پاٽ پراڻي مان ئي دائي گهرائي وئي هئي، جنهن ۾ حميده بانو کي 8 مهينن جوپٽ ڄائو، جنهن جو نالو محمد اڪبر رکيو ويو، همايون کي پٽ جي ڄمڻ جي تمام گهڻي خوشي ٿي، محمد اڪبر ننڍپڻ کان ڏاهو ۽ سلڇڻو ٻار هو ۽ اڳتي هلي هن جڏهن بادشاهي سنڀالي ته هو جلال الدين اڪبر جي نالي سان مشهور ٿيو.