مشتاق احمد يوسفي

اردو مزاح نگار

مشتاق احمد يوسفي (انگريزي ٻولي: Mushtaq Ahmad Yusufi پيدائش: 4 سيپٽمبر 1923 وفات 20 جون 2018[1]) اردو ادب جو مزاحيه ليکڪ هو.[2] يوسفي ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪيترن ئي مالياتي ادارن جو سربراهه پڻ رهيو.[2] هن کي 1999ع ۾ ستاره امتياز ۽ 2002ع ۾ حلالِ امتياز ايوارڊ ڏنا ويا.[2][3]

مشتاق احمد يوسفي
Mushtaq Ahmad Yusufi
پيدائش 04 سيپٽمبر 1923(1923-09-04)
فاروق آباد, جئي پور, انڊيا
وفات 20 جون 2018 (عمر 94 سال)
ڌنڌو بينڪار, مزاح ۽ ليکڪ
قوميت پاڪستاني

ابتدائي ۽ پيشاورانه زندگي سنواريو

يوسفي راجستان جي شهر، جئيپور ۾ هڪ پڙهيل لکيل گھراڻي ۾ 4 سيپٽمبر 1923ع ۾ پيدا ٿيو.[2] هن جو والد عبدالڪريم خان يوسفي جئيپور بلديا جو چيئرمين ۽ جئيپور جي قانون ساز اسيمبلي جو ميمبر رهيو.[2] يوسفي شروعاتي تعليم راجپوتا مان حاصل ڪئي ۽ بي اي جي سند آگرا يونيورسٽي، هندوستان مان حاصل ڪئي. علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي مان هن ايم اي ۽ قانون جي ڊگري حاصل ڪئي.[2] برصغير جي ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان، سنڌ لڏي آيو ۽ ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪئي.

هن 1950ع ۾ مسلم ڪمرشل بينڪ ۾ نوڪري جي شروعات ڪئي، ۽ اتي جنرل منيجر مقرر ٿيو. 1965ع ۾ هي الائيڊ بينڪ پاڪستان جو مينيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو.[2] 1974ع ۾ هي يونائيٽڊ بينڪ جو صدر مقرر ٿيو. يوسفي 1977ع ۾ پاڪستان بينڪنگ ڪائونسل جو چيئرمين چونڊيو ويو. پاڪستان جي مالياتي ادارن ۾ سندس خدمتن تي هن کي قائد اعظم يادگار ايوارڊ سان نوازيو ويو.[2]

ادبي خدمتون سنواريو

هن جي ادبي زندگي جي شروعات 1961ع تي ٿي، هي ان وقت 40 سالن جو هو، جڏهن هن پهريون ڪتاب، ”چراج تلي“ لکيو.[4] هن جو ٻيو ڪتاب 1969ع ۾ ”خاڪم بدهن“ نالي ڇپيو، ٽيون ڪتاب ”زر گزشت“ 1976ع ۾ ڇپيو. 1990ع ۾ ڇپيل ناول جهڙو ڪتاب ”آبِ غم“ هن کي شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. پر 2014ع ۾ سندس لکيل ڪتاب ”شامِ شهر ياران“ هن جي آيل ڪتاب جي مقابلي جي نه هئي، جنهن جي معيار تي ڪيتري ئي تنقيد پڻ ٿي، پر باوجود ان جي سندس چاهندڙ ان کي هميشه محبت جي نگاهه سان ڏٺو.[4]

همعصر رايا سنواريو

ابن انشا, جيڪو اردو ادب ۾ وڏو نالو آهي، ان مطابق ”...جيڪڏهن اسان پنهنجي دور ۾ مزاحيه ادب ۾ ڪنهن جو نالو کڻو، ته اهو يوسفيءِ جو ئي هوندو“. هڪ ٻي عالم ظهير فتح پوري مطابق، ”اسان يوسفي جي مزاحيه اردو ادب واري دور ۾ رهون ٿا....“. يوسفي دور جي شروعات 1961ع کان ٿي جڏهن هن جو ڪتاب چراغ تلے ڇپجي پڌرو ٿيو. هن وقت تائين ان ڪتاب جا 11 ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن. 2008ع کان هي ڪراچي ۾ ٽيليويزن ۽ مختلف سيمينارن ۾ نظر اچڻ لڳو.[2][5] هن جو پنجون ڪتاب شامِ شعرِ یاراں جي مهورتي تقريب آرٽ ڪائونسل آف ڪراچي ۾ ٿي، جنهن جي صدارت اردو ادب جي وڏي نالي زهرا نگاه ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته ”نه ته يوسفي پاڻ ۽ نه ئي سندس ڪتاب ڪڏهن ضعيف ٿيندا“.[6]

ايوارڊ ۽ پذيرايون سنواريو

لکيل ڪتاب سنواريو

هن وقت تائين مشتاق احمد يوسفي جا پنج ڪتاب اردو ٻولي ۾ چپجي چڪا آهن.

  • چراغ تلے (1961ع) [2]
  • خاکم بدہن (1969ع) [2]
  • زرگزشت (1976ع) [2]
  • آبِ گم (1990ع) [2][7]
  • شامِ شعرِ یاراں (2014ع) [6][8][9]

وفات سنواريو

يوسفي 20 جون 2018ع تي ڪراچي ۾ 94 سالن هي عمر ۾ وفات ڪري ويو.[10] سندس وفات تي پاڪستان جي نگران وزير اعظم ناصر الملڪ، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو.[11]

حوالا سنواريو

  1. ڈیسک, ویب (2018-06-20). "معروف مزاح نگار مشتاق احمد یوسفی انتقال کرگئے" (en-US ۾). Dawn News Television. https://www.dawnnews.tv/news/1080728/. 
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 "Mushtaq Ahmad Yousufi Famous Humorist". Pakistaniat.com. حاصل ڪيل 15 Nov 2016. 
  3. 3.0 3.1 http://www.dawn.com/news/27371/president-gives-away-civil-military-awards, مشتاق احمد يوسفي جو حلالِ امتياز Award in 2002, info listed on ڊان اخبار, Published 24 March 2002, Retrieved 15 Nov 2016
  4. 4.0 4.1 "مشتاق احمد یوسفی: اردو ادب کا عہدِ جاریہ". dawnnews.tv. https://www.dawnnews.tv/news/1080751. Retrieved 5 October 2018. 
  5. 5.0 5.1 http://novelsandfictionstories.blogspot.com/2009/07/mushtaq-ahmad-yusufi.html, Adamjee Award for 'Best Book' for Mushtaq Ahmad Yusufi, Retrieved 16 Nov 2016
  6. 6.0 6.1 http://tribune.com.pk/story/777253/7th-international-moot-launch-of-yousufis-fifth-book-marks-the-start-of-urdu-conference/, مشتاق احمد يوسفي جي ڪتاب جي 2014ع ۾ تقريب, دي ايڪسپريس ٽرائبيون, Published 18 Oct 2014, Retrieved 16 Nov 2016
  7. https://rekhta.org/poets/mushtaq-ahmad-yusufi/ebooks, A book review of 'Aab-i-gum' (1990) on rekhta.org website, Retrieved 16 Nov 2016
  8. https://www.dawn.com/news/1144690, REVIEW: Shaam-e-Shair-e-Yaara’n by Mushtaq Ahmed Yusufi
  9. http://tns.thenews.com.pk/mushtaq-ahmed-yousufis-world/#.WyqJs3QcDqA, Yousufi's world
  10. https://www.dawn.com/news/1414993/celebrated-humourist-mushtaq-ahmed-yousufi-passes-away-in-karachi
  11. "معروف مزاح نگار مشتاق احمد یوسفی انتقال کرگئے". حاصل ڪيل 5 October 2018.