ھمير سومرو(انگريزي: Hameer Soomro) سنڌ ۾ سومرا گھراڻي جو آخري حاڪم ھيو. تاريخ سومرا سنڌ جي مطابق: ڀونگر جي وفات کانپوءِ همير نالي هڪ شخص حڪومت جي مسند تي ويٺو، جو ظالم طبيعت ۽ماڻهن کي آزاريندڙ هو، جنهن ڪري ماڻهو سندس ظلم کان تنگ ٿي، کيس حڪومت تان لاهڻ ۽ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. سمان قوم جا ماڻهو ڪڇ جي پاسي کان اچي سنڌ جي آسپاس ويٺا هئا. انهن سمن ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ دوستي ۽ لاڳاپن جو رستو جاري ٿي چڪو هو. سمان قوم ۾ انڙ نالي هڪ شخص هو، جنهن جي پيشانيءَ ۾ هدايت ۽ بخت جانشان چمڪي رهيا هئا. ملڪ جي اميرن ۽ حڪومت جي ماڻهن (سمن) ان کي چونڊيو. سڀني ٻڌي ڪري ڳجهيءَ طرح پرهه ڦٽيءَ مهل گڏجي، جنهن گهر ۾ همير ننڊ ۾ ستل هو، اتي پهچي همير کي ماري وڌو، ۽ سندس سر کي شهر جي دروازي تي ٽنگيائون ۽ (انڙ سمي) کي بادشاهيءَ جي تخت تي ويهاريائو[1]
ھمير سومرو |
---|
بھاؤالدين |
سومرن جي بادشاهي |
---|
کان 1403 تائين(843ھ تائين) |
پيشرو |
ڀونگر سومرو چوٿون |
---|
جانشين |
سما گھراڻي جو پھريون بادشاھ ڄام انڙ سمو |
---|
|
---|
پورو نالو |
---|
شھمير شاھ عرف ھمير سومرو |
|
شاھي گھراڻو |
سومرا گھراڻو |
---|
مذھب |
اسلام |
سنڌ جي سومرا گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست
سنواريو
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سومره سنڌ مصنف؛ وزير علي
ايڊيشن: ڇاپو پهريون ايڊيشن؛ مارچ 2001ع
ڇپائيندڙ:ابن اسماعيل سومره پبليڪيشن جڙيا پور چڪس