راڻي ھمو ٻائي
سنگهار جي وفات کان پوءِ سندس زال هموٻائيءَ حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ رکيون ۽ ڌرڪ جي قلعي ۾ پنهنجو تختگاه قائم ڪيو. پنهنجي ڀائرن مان هڪڙي کي محمد طور تي حاڪم مقرر ڪيائين ۽ ٻئي کي ٿري شهر ۾. محمد طور ۾ ڪيترائي زميندار، جن مان گهڻا خدارسيده بزرگ پيدا ٿيا، رهندا هئا. اهي شيخ الاسلام مخدوم بهاؤ الدين زڪريا رحه جا مريد هئا. هندستان جي تاريخ جا مؤرخ عام طور سلطانه رضيه کي پهرين مسلمان حڪمران عورت شمار ڪن ٿا، حالانڪه سلطانه رضيه 634ھ (1236ع) ۾ دهليءَ جي تخت تي ويٺي ۽ ان حساب موجب تاراٻائي ۽ هموٻائي پهريون سنڌي عورتون هيون، جن مردانگيءَ سان حڪومت هلائي. هموٻائي ڏکڻ ۽ اتر سنڌ تي حڪومت ڪئي. انهيءَ وقت دودو نالي هڪڙو سومرو سردار جو هڪ جي ڳوٺ ۾ حڪمران هو، تنهن وجهه وٺي پنهنجي لشڪر سان محمد طور ۽ ٿري شهرن تي ڪاهي هموٻائيءَ جي ڀائرن سان جنگ ڪئي، جنهن ۾ هموٻائيءَ جا ڀائر مارجي ويا. ايتري ۾ دادوءَ (فتح خان) نالي هڪڙو سومرو سردار، جو دودي پهرئين جي اولاد مان هو، تنهن لشڪر وٺي دشمن کي ماري مڃائي، هموٻائي وارو سمورو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. [1]
ھمو ٻائي | |
---|---|
سومرن جي بادشاهي | |
کان تائين | |
پيشرو | سنگھار سومرو |
جانشين | فتو سومرو[1] |
ريجنٽ | دھليءَ جا سلطان |
جيون ساٿي | سنگھار سومرو |
نسل | بي اولاد |
گهراڻو | سومري سردار جو خاندان |
شاھي گھراڻو | سومرا گھراڻو |
مذھب | اسلام |
سنڌ جي سومرا گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست
سنواريو- سومرو (امير)
- ڀونگر سومرو
- دودو سومرو
- تاراٻائي
- سنگھار سومرو
- راڻي ھمو ٻائي
- فتو سومرو
- خفيف سومرو
- عمر سومرو پھريون
- دودو سومرو ٻيون
- ڀونگر سومرو ٻيون
- خيرو سومرو
- محمد طور سومرو
- خيرو بن محمد
- دودو سومرو ٽيون
- طائي سومرو
- چنيسر سومرو
- ڀونگر سومرو ٽيون
- خفيف سومرو ٻيون
- دودو سومرو چوٿون
- عمر سومرو ٻيون
- ڀونگر سومرو چوٿون
- ھمير سومرو