عمر سومرو ٻيون(انگريزي: Umer Soomro second) سند جي سومرا گھراڻي جي دؤر جو ھڪ حاڪم جيڪو محمد طور سومرو جي خاندان مان هو ء پنھنجي پيء دودو سومرو چوٿون جي وفات کان پوءِ ڏکڻ سنڌ جو بادشاھ ٿيو.تاريخ سومرا سنڌ جي مطابق: دودي جي وفات کانپوءِ، سردار ۽ سلطنت جي سرواڻي سنڀاليائين، عدل ۽ انصاف ۾ ڪوشش ورتائين، حڪومت جو ڪاروبار پنجٽيهه سال آزادي ۽ خودمختياريءَ سان هلايائين. سندس دور ۾ سنڌ جي سلطنت نهايت آباد ۽ خوشحال رهي. آخر هميشه واري جهان ڏي موڪلائي ويو.[1]

عمر سومرو چوٿون
فخرالدين
سومرن جي بادشاهي
پنجٽيهه سال حاڪم رھيو[1]
پيشرو دودو سومرو چوٿون
جانشين ڀونگر سومرو چوٿون
گهراڻو محمد طور سومرو جو خاندان
شاھي گھراڻو سومرا گھراڻو
پيءُ دودو سومرو چوٿون
مذھب اسلام



سنڌ جي سومرا گھراڻي جي حاڪمن جي فھرست سنواريو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سومره سنڌ مصنف؛ وزير علي ايڊيشن: ڇاپو پهريون ايڊيشن؛ مارچ 2001ع ڇپائيندڙ ،ابن اسماعيل سومره پبليڪيشن جڙيا پور چڪس